جدولي حساب (ٻارن لاءِ)

هيءُ ڪتاب ”جدولي حساب“ پڙهي اسان جي پيڙهيءَ جا يا اسان کان وڏا ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ماضيءَ ۾ گم ٿي ويندا. اها مون کي پڪ آهي، ڇو جو هن ۾ ماپ تور، تعداد، مقدار جي لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ ۽ اصطلاح ماضيءَ جا يادگار آهن ۽ هاڻي انهن جو استعمال ٻوليءَ مان ناپيد ٿي ويو آهي. اهي وڌ ۾ وڌ ڪن پهاڪن ۽ چوڻين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، باقي نئين نسل کي انهن مان گهڻن جي باري ۾ بنهه ڪا ڄاڻ ڪانه آهي. مون کي ياد آهي ته اهو سنڌ ۾ رواج هوندو هو ته ٻارن کي ننڍي هوندي سياري ۾ گهر اندر سَوَڙهين ۾، ۽ اونهاري ۾ اڱڻ ۾ پيل کٽن تي وڇايل هنڌن تي ليٽڻ کانپوءِ اسان جا وڏڙا زباني حساب ڀڃڻ لاءِ ڏيندا هئا ۽ ٻارن جي پاڻ ۾ چٽاڀيٽي ڪرائيندا هئا. ان سان گڏ ڪڏهن عام معلومات جا سوال جواب ٿيندا هئا ته ڪڏهن وري ڳجهارتن ۽ پرولين کي ڀڃڻ لاءِ اتساهيندا هئا. اها اڳوڻن استادن ۽ بزرگن جي ٻارن جي ذهني صلاحيتن کي مشق ذريعي اجاگر ڪرڻ ۽ منجهن صحتمند مقابلي ۽ چٽاڀيٽيءَ جو رجحان پيدا ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي هوندي هئي. ائين راند راند ۾ ٻارن کي ٻوليءَ جون نزاڪتون، حسابي علم سان لاڳاپيل اصطلاح وغيره سيکاريا ويندا هئا ۽ سندن حسابي علم ۽، عام معلومات وغيره ۾ اضافو ڪيو ويندو هو. اهي سمورا لفظ ۽ اصطلاح جيڪي هاڻي گهڻو ڪري متروڪ ٿي ويا آهن. گهٽ ۾ گهٽ ٻوليءَ جي سرمايي طور محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ڪتاب جي شايع ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به آهي. ان کانسواءِ اسڪولي ٻارن کي کوڙا ۽ جدولون وغيره سيکارڻ ۽ حسابي علم ۾ ڀڙ ڪرڻ ۾ به هي ڪتاب مددگار ثابت ٿيندو. اسان کي اميد آهي ته هن ڪتاب مان مائٽ ۽ استاد گهڻي ڄاڻ حاصل ڪري پنهنجن ٻارن ۽ شاگردن کي سکيا جي ان طريقي سان گهڻو ڪجهه سيکاري سگهندا. حيدرآباد، سنڌ ڊاڪٽر فهميده حسين چيئرپرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

  • پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
  • اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg
قيمت

100 روپيا

ڊائونلوڊ ڪريو

ھارڊ ڪاپِي ۾ خريد ڪرڻ چاھيو ٿا؟ رابطو ڪريو

ٻاراڻو ادب زمري جا ٻيا ڪتاب

New Arrival
New Arrival
New Arrival
برف شهزادي
50 روپيا
New Arrival
New Arrival
New Arrival
New Arrival
هڙ ۾ آئيندو
60 روپيا
New Arrival