Video
شينهن ۽ شڪار
شينهن جهنگلي جانورن ۾ ’جهنگ جو بادشاهه‘ سمجهيو ويندو آهي. قدرت کيس ڏاڍو چُست، دلير ۽ رعب وارو جانور بڻايو آهي. جڏهن هي وڏن ڪُشادن جهنگن ۾ گجگوڙ ڪري ٿو ته سمورو ماحول ڏَڪي وڃي ٿو. شينهن سدائين پنهنجو شڪار پاڻ ڪندو آهي ۽ ڪنهن ٻئي جو ڪيل شڪار کائڻ هرگز پسند نٿو ڪري. عام طور شينهن جي خوراڪ هرڻ، ڦاڙها، زيبرا ۽ ٻيا جهنگلي جانور آهن. انهن جانورن کي هو پنهنجي تيز نوڪدار چنبن سان ماري پنهنجو پيٽ ڀَري ٿو.
جڏهن ڪو شينهن ڌڻ مان ڪنهن هرڻ يا ڦاڙهي کي پنهنجي شڪارَ لاءِ تاڙي ٿو ته هو اُن ڏانهن ڏاڍي هوشياري، چالاڪي ۽ عقلمنديءَ سان پَيرُ پَيرَ ۾ مِلائي وڌي ٿو ۽ شڪار ٿيندڙ جانورَ کي هرگز پنهنجي ارادي جي خبر ٿيڻ نٿو ڏئي. جيئن ته سندس شڪارُ جهنگن کانسواءِ ميداني علائقن ۾ به ملي ٿو، ان ڪري شينهن ڪجهه مفاصلي تان پنهنجي شڪار طرف وڌي ٿو. زمين تي پيٽ ڀَرِ هو ننڍڙن ننڍڙن ٻوٽن يا ٻين قدرتي رنڊڪن جي اَوٽَ وٺي خاموشيءَ سان لڪي ويهي ٿو، جڏهن شڪار کان سندس مفاصلو لڳ ڀڳ 100 فٽ رهجي وڃي ٿو ته هو ڏاڍي تيزيءَ ۽ نهايت ڦڙتيءَ سان ان تي اک ڇنڀ ۾ جهپڙ هڻي ٿو ۽ شڪار کي ڪنهن به بچاءَ يا مزاحمت جو موقعو نٿو ڏئي.
ماهر شڪارين جي اندازي موجب حملي وقت شينهن جي گهٽ ۾ گهٽ رفتارَ 22 ڪلوميٽر (45 ميل) في ڪلاڪ تائين هوندي آهي. ڪيترا ڀيرا ائين به ٿيندو آهي ته شينهن پنهنجي شڪار کي تاڙي ويهي رهندو آهي ۽ جيئن ئي شڪارُ سندس آڙَ ۾ آيو، ان هڙپ ڪري ڇڏيندو آهي. شينهن گهڻو ڪري ميڙَ جي صورت ۾ رهن ٿا، جن جو تعداد ويهن تائين هوندو آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60