Video
زمين ۽ انساني جياپو
پيارا ٻارو! زمين ٻين آسماني گرهن يا سيارن وانگر هڪ سيارو آهي، جيئن مريخ يا مشتري وغيره. جيڪي اسان جي سورج منڊل يا شمسي نظام ۾ سج جي چوڌاري ڦرندا آهن. اسين اهو ڄاڻون ٿا ته اسان جي زمين تي حياتي موجود آهي ۽ انسان سميت لکين قسمن جا ٻيا ساهوارا ۽ نباتات يعني وڻ ٽڻ ٻوٽا وغيره موجود آهن.
جديد سائنسي کوجنا هڪ احتياطي اندازي موجب اها ڳالهه معلوم ڪري ورتي آهي ته زمين کان سواءِ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي گرهه يا سياري تي انساني جياپي جو تصور ممڪن آهي ته اهو فقط مريخ آهي. باقي ٻين سيَارن تي انساني زندگيءَ جو وجود برقرار رکڻ ناممڪن آهي. ڌرتيءَ جي گولَي تي انسان جي حياتيءَ جو دارومدار هيٺين ٽن شين سان لاڳاپيل آهي:
1. پاڻياٺِ/ پاڻي (Liquid)
2. آڪسيجن (Oxygen)
3. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (Carbon Di – oxide)
اهي شيون گهڻي انداز ۾ هوا اندر هونديون آهن. سائنس جو هڪ اهو به اصول آهي ته جتي پاڻي برف جي صورت ۾ ڄمي پوي يا ٻاڦ جي صورت اختيار ڪري وٺي ته اتي زمين جهڙي زندگيءَ جو تصور ڏکيو بڻجي پوي ٿو.
مريخ سيَاري تي جيئن ته اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي پر اتي آڪسيجن گهٽ مقدار ۾ آهي. جڏهن ته ٻين سيَارن ۾ پاڻي برف جي شڪل ۾ يا وري ٻاڦ بڻجي پوي ٿو، تنهنڪري اهڙي جاءِ تي وڏي جاندار مخلوق جو زندهه رهڻ ممڪن ڪونهي. جڏهن ته آڪسيجن جو ٿورو مقدار ننڍن ننڍن جانورن، جيتن جڻن يا ٻوٽن جي زندهه رکڻ لاءِ ڪافي آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60