Video
اوهان ٻين کي ڪيئن لڳو ٿا؟
اوهان ٻين کي ڪيئن لڳو ٿا؟ ڏاڍو دلچسپ ۽ عجيب سوالُ آهي. فرض ڪريو ته اهڙو ئي سوالُ جيڪڏهن اوهان کان ڪيو وڃي ته موٽَ ۾ اوهان وٽ ڪهڙو جواب هوندو ؟
پوري پڪ آهي ته اهڙي سوالَ جو جوابُ اهو ئي هوندو ته اسان ۾ ڪهڙي خرابي يا گهٽتائي آهي جو ٻين کي سُٺا نه لڳون! چڱو انهيءَ ڳالهه جي جائزي ۽ پرکَ لاءِ اوهان هيئن ڪريو ته ٻهَ آئينا کڻي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اُڀا ڪري رکو ۽ جتي آئينن جو ميلُ ٿئي اُنهن پٺيان هڪ ٽيپ يا پَٽي چنبڙايو ته جيئن اهي پنهنجي پنهنجي جاءِ تان نه چُرن. ايئن ڪرڻ سان آئينو ٻه طرفو بڻجي پوندو. هاڻي ٿورڙو اُن آڏو اچي پنهنجو چهرو ڏسو ۽ گڏوگڏ پنهنجي مٿي کي هڪ پاسي ڦيرايو. اوهان کي نظر ايندو ته مٿو ٻئي پاسي مُڙي ويو آهي. هاڻي ٿورڙو پنهنجي ڳَلَ (ڳٽي) کي هٿ جي آڱر سان ڇهڻ جي ڪوشش ڪريو. وري اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته ڄڻ غلط آڱر غلط رخ ۾ وڌي کاٻي ڳَلَ کي ڇُهڻ جي ڪوشش پئي ڪري. اوهان کي عام آئيني کان بلڪل مختلف ۽ بلڪل اُبتو عڪس ڏسڻ ۾ ايندو. آخر هيءَ فرق ۽ ڦيري جو سبب ڪهڙو آهي؟
سبب اهو آهي ته اوهان جي چهري جي ابتڙ روشنيءَ جا ڪرڻا پهريائين کاٻي پاسي واري آئيني تي پوندا (جيڪو انهن کي اوهان جي اک واري پاسي ڦيرائي ڇڏي ٿو.) پوءِ اهي ٻئي آئيني مان گذرندا. ٻِٽي عڪس جي ان طريقي سان اوهان جي چهري جي ساڄي پاسي وارا روشن ڪرڻا کاٻي هَٿَ واري آئيني مان ٿيندا آخرڪار اوهان جي اکين تائين پهچن ٿا.
اهڙي طرح ئي اهو ڏسي سگهجي ٿو ته اوهان ٻين کي ڪيئن ٿا لڳو.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60