Video
آڪاس ندي يا ڪهڪشان
سوين سالَ گذري ويا آهن. مشهور سائنسدان گئليليو واري دوربين ايجاد ٿيڻ کان اڳ ۾ ماڻهو رات جو اُڀَ تي اڻچِٽن تارن جو جهُڳٽو (ميڙ) سڃاڻندا هئا ۽ ان جي ڳولا ۾ پَڪا پوڙها مردَ توڙي عورتون ڏاڍي دلچسپيءَ سان اُڀُ تڪيندا هئا ۽ ان کي عام اندازَ ۾ “روشنيءَ جا ڪَڪَر” ڪوٺيندا هئا.
هاڻوڪين جديد دوربينن اهڙن ڪيترن ڪڪرن کي ڳولي ورتو آهي. فلڪياتي ماهرن موجب اهي ڪَڪَرَ اصل ۾ ڪيترن ئي تارن جو ميڙ يا جهُرمٽ آهن، جنهن ۾ هر تارو اسان واري سج جي قطر برابر يا ان کان ڪجهه وڏو آهي. اندازو لڳايو ويو آهي ته آسمان تي اهڙي قسم جا گهٽ ۾ گهٽ ساڍا سَتَ ڪروڙ ستارن جا ميڙَ (ڪهڪشائون) موجود آهن. انهن مان ڪي ننڍا ۽ ڪجهه وڏا آهن، جيئن اسان جي آڪاس ندي جنهن کي کيرڌارا به چوندا آهن.
ٻارو! اسان جڏهن رات جو اُڀ ڏانهن نهاريندا آهيون ته ان جي وچ ۾ هڪ ڌنڌلو گَسُ پري پري تائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جيئن ڪنهن ڪچي پيچري تان گاڏي گذرندي ڌوڙ اُڏائيندي ويندي آهي. اصل ۾ ان پٽي يا پيچري ۾ ڪروڙين تارا ٿين ٿا. هيءُ سج به اُنهن ۾ هڪ تارو آهي، جيڪو آڪاس-نديءَ جي مرڪز کان مرڪز تي ۽ ڪناري کان 3/2 مفاصلي تي موجود آهي، جيڪو به پڻ اسان کي دوربينيءَ کان سواءِ نظر نه ٿو اچي، اهو آڪاس نديءَ جو حصو هوندو آهي.
آڪاس ندي يا ڪهڪشان (Galaxy) اسان کي پنهنجي مٿان اُڀ جي وچ تي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. دنيا جي مختلف قومن اُنهيءَ کي الڳ الڳ نالا ڏنا آهن: Galaxy، ڪهڪشان، ثريا، کيرڌارا اسان کي هاڻي پوريءَ طرح ڄاڻ آهي ته اِها ڪهڪشان ڪيترن ئي تارن جو هڪ وسيع ميڙ آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60