Video
ٽامڊاڻو چمڪي ڇو ٿو؟
عام طرح اِها ڳالهه ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته ڪيترا ماڻهو بجليءَ جي بلبَ، سجَ يا آسمان وغيره تي ڪو خاص ڌيان نه ٿا ڏين. سجَ کان سواءِ کڙکٻيتو يا ٽانڊاڻو به قدرت طرفان خلقيل هڪ اهڙو ننڍڙو سهڻو جيت آهي، جنهن مان رات جي اونداهيءَ ۾ هڪ وڻندڙ ۽ عجيب ڪِرڻو پيدا ٿئي ٿو. ان کي ڏسي اڪثر اِهو خيال ايندو آهي، ته اِن پتڪڙي جيت ۾ نيٺ اها روشني ڪٿان ٿي اچي! غور سان مشاهدو ڪبو ته خبر پوندي ته ٽانڊاڻي جي روشني به اهڙي روشني آهي، جهڙي عام بجليءَ واري بلب يا چڻنگ جي روشني. اها روشني اونڌو عڪس جوڙي موٽِي ۽ مُڙي به سگهي ٿي. ان هوندي به اِها روشني ڪنهن رڳڙ يا گرميءَ کان سواءِ پيدا ٿئي ٿي، تنهن ڪري اهڙي قسم جي روشنيءَ کي چمڪ يا چِلڪو چوڻ بهتر ٿيندو.
اِها ٽِم ٽِم روشني ٽانڊاڻي ۾ هڪ اهڙي مادي مان پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي لوسي فيرن (Luciferin) چئبو آهي. هيءُ لفظ ’لوسي فر‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’صبح جو تارو‘. اهو لفظ عام طور چمڪڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. ’يوسي‘ آڪسيجن سان ملي ٿي ۽ ردِ عمل طور چِلڪو پيدا ڪري ٿي، پر ان وقت تائين نه جيستائين هڪ ٻي شيءِ يوسي فريز موجود نه هجي. هيءُ مادو ڪيميائي ردِ عمل ۾ ته حصو نٿو وٺي، پر مددگار ضرور بڻجي ٿو. سائنسدانن جو خيال آهي ته ٽانڊاڻي جي جسم مان هي ٻئي جزا ٻاهر ڪڍي، انهن کي هڪ ٽيوبَ ۾ ملائي روشني پيدا ڪرڻ جو تجربو ڪري سگهجي ٿو. ھنن جو خيال آهي ته ٽانڊاڻي ۾ چمڪ جو ايئن پيدا ٿيڻ هڪ اتفاقي ڳالهه آهي ۽ اُن ڪيميائي ردِ عمل جو نتيجو آهي، جيڪو ان جي جسم ۾ جاري رهي ٿو.
سامونڊي مخلوق مان ڪجهه جيوَ آسپاس جي پاڻيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن لوسي فيرن ۽ لوسي فريز اوڳاڇيندا آهن، جنهن مان به اهڙي چمڪ پيدا ٿي پوندي آهي. غور سان ڏٺو وڃي ته ٽانڊاڻي جو چِلڪو تمام گهٽ ٿئي ٿو. اندازو لڳايو ويو آهي ته اهو هڪ ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ جو لڳ ڀڳ هڪ هزارهون حصو آهي. اهڙي روشني ڪنهن تجربيگاهه ۾ به پيدا ڪري سگهجي ٿي، پر ان تجربي لاءِ ضروري جزا وري به ٽانڊاڻي جي جسم مان ئي وٺڻا پوندا. ڪيمياگر اهڙن مادن کي هٿرادو طور تيار ڪري نٿا سگهن. هيءُ قدرت جو ڪرشمو يا عجب اسرار آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60