Video
خوردبينيءَ Microscope جو اصل خالق ڪير؟
عام طرح سَمجهيو ويندو آهي ته دنيا جي سڀ کان پهرين خوردبيني 1590ع ۽ 1607ع ۾ هالينڊ جي شهر مڊل برگ جي عينڪون ٺاهڻ وارن ڪن رهاڪن تيار ڪئي، جن جا نالا ترتيب وار هانس، جانس ۽ زڪرياس آهن. هانس اهو پهريون شخص هو، جنهن خوردبينيءَ کي پهريون ڀيرو چڱي نموني استعمال ڪري ڏٺو.
اينٽن ڊان ليون هوڪ نالي هڪ سائنسدان اڄ کان لڳ ڀڳ ٽي سئو سال اڳي هالينڊ جي هوائي چَڪين ۽ واهن وچ ۾ پنهنجي کوجنا ڪندي هڪ اهڙو ڪارائتو اوزار هٿ ڪيو، جيڪو هڪ ڊگهي نَلڪيءَ وانگر هو. نلڪيءَ جي ٻنهي ڇَيڙن تي ٻه شيشا لڳل هئا. شروعاتي خوردبين جي اِها ئي صورت جوڙي وئي، پر پوءِ اينٽن انهيءَ کان بهتر ۽ خوبصورت خوردبينون تيار ڪيون. اهڙيءَ ريت هن انسانذات کي هڪ ڳُجهي دنيا جي ڄاڻ ڏياري.
وقت گذرڻ سان زماني پنهنجي انهيءَ احسان ڪندڙ انسانَ کي وساري ڇڏيو، پر حقيقت اِها آهي ته اينٽن ئي اسان کي مخفي جيوڙن جو جهان ڏيکاريو. سائنس سندس پسند جو مضمون ۽ موضوع هو. هن پهريون ڀيرو پنهنجين اکين سان اهڙين پُراسرار شين جو ڳُوڙهو مشاهدو ماڻيو، جن کي اڳ ڪڏهن به ڪنهن ڪونه ڏٺو هو.
اينٽن ليون هوڪ ڏاڍو جاکوڙي قسم جو انسانُ هو، تنهن ڪري ئي هُن تمام گهڻي محنت ڪندي نهايت عجيب انوکين جاين تان خوردبينيءَ سان تجربا ڪندي نت نوان نتيجا حاصل ڪيا. مثال طورَ: پنهنجي واتَ ۾، برسات جي پاڻيءَ ۾، ڊيلف جي ندين ۾ موجود ڪيترن قسمن جي جيوڙن ۽ مڇين کي جاچيو. هن کي هر هنڌ زندگيءَ جا آثارَ ۽ حرڪت ڪندڙ جيوڙن جا نمونا مليا. مٽي، گُس، سمنڊ ۾ هر جاءِ خوردبين-مخلوق موجود ملي. جن کي عام اک ڏسي نٿي سگهي. اهڙيءَ طرح هن کي گوشت وارا ڪِيڙا، جيت جڻيا ۽ ٻوٽا سڀ جا سڀ نهرا ۽ سخت هئڻ بجاءِ ننڍڙن، ڳُتيل، سوراخدار ٽُڪرن جي شڪل ۾ نظر آيا. اينٽن جا سنگتي ساٿي ۽ پاڙيسري انهن ڳالهين/ عملن ڪري کيس چَريو چوڻ لڳا، پر سندس جستجو ۽ تڙپ ٻين عظيم سائنسدانن لاءِ تحقيق ۽ تجربن جو رستو کولي ڇڏيو. جيتوڻيڪ اينٽن لِڪل جيوڙن ۽ بيمارين جي وچ ۾ ڪوئي ڳانڍاپو ڳولي نه سگهيو، پر هن ايترو ضرور ڪيو ته پاڻ کانپوءِ ايندڙ سائنسي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ سهڻي سوکڙي هڪ اهم ايجاد خوردبينيءَ جي صورت ۾ ڏئي پنهنجو نانءُ جياري ويو.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60