Video
اوٻاريل ۽ ڪچو آنو
ڇا اِهو ممڪن آهي ته اوهان آني جو خولُ ٽوڙڻ کان سواءِ، روشنيءَ جي مدد سان بنا ڏسڻ جي ٻڌائي سگھو ته انڊو ڪچو آھي يا اوٻاريل ؟ اچو ته انهيءَ جو تجربو ڪيون.
توهان هڪ وڏو ٿالهه کڻو يا ڪنهن صاف نرم جڳهه جي چونڊ ڪريو، ان کان پوءِ جنهن آني/بيضي تي تجربو ڪري رهيا آهيو، ان کي ٿالهه ۾ رکي زورَ سان گُهمايو ۽ غورَ سان آني کي ڏسندا رهو، جيڪڏھن اهو مڪمل اُٻريل آھي ته ھڪجھڙي رفتار سان دير تائين ڦرندو رهندو ۽ جيڪڏهن ڪَچو آهي ته آهستي هلندو ٿيڙَ کائيندو ۽ جلدي بيهي رهندو.
هاڻي ان کي ٻيهر گُهمايو ۽ ان جي چُر پُر بلڪل ختم ٿيڻ کان پهريائين آني کي آڱر سان روڪي ڇڏيو. جيئن ئي اوهان پنهنجي آڱر هڪ پاسي ڪندا ته ڪچو آنو آهستي آهستي ٻيهر ڦِرڻُ شروع ڪندو، جڏهن ته اُٻريل آنو بلڪل بيٺو رهندو.
آخر اِنهيءَ عمل جو سبب ڪهڙو آهي؟
اِن جو سبب اِهو آهي ته اُٻريل آنو ٻين نَهرن جسمن جيان چَڪَرَ ڏئي ٿو پر ڪچو آنو اڌ پاڻياٺي جسم سان پيدا ٿيندڙ اثر سبب مختلف عمل ڪري ٿو. اول ته ڦِرڻ وقت آني جا اندروني تھه بيروني تھن جي ھيٺان رهجي وڃن ٿا ۽ ان جي وچ ۾ رڳڙ جي خول جي رفتار ھلڪي ۽ سُست بڻجي پوي ٿي. اِها رڳڙ بيضي جي ڦِرڻ واري توانائيءَ ۾ ڪجهه مقدار کي حرارت ۾ مٽائي ان کي دير تائين ڦيرائڻ ۾ رُخنو وجهندي آهي. جيڪڏهن آني کي هٿ سان روڪيو وڃي تڏهن به اُن اندر پاڻياٺ ڦرندي رهندي آهي، جنهن سان آنو وري چَڪَرَ ڏيڻ لڳندو آهي.
اهڙي طرح هڪدم اسان کي ڪَچي ۽ اُٻريل آني ۾ فرق جي خبر پئجي سگهي ٿي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60