Video
پري کان شيون ننڍڙيون ڇو؟
جهڙي طرح فوٽوگرافر ڪنهن شيءِ جي تصوير ڪڍڻ مهل ڪئميرا کي ڏاڍي حفاظت سان استعمال ڪندو آهي ۽ ڪئميرا جي شيشي وسيلي فوٽوگرافِڪ پليٽ تي اُنهيءَ شيءَ جو عڪس منتقل ٿي ويندو آهي ، بلڪل اهڙيءَ ريت جڏهن اسان ڪنهن شيءَ کي ڏسون ٿا ته ان جو عڪس اسا ن جي اک جي پردي تي اچي وڃي ٿو. ڇو ته انساني اک جي ماڻڪي ۽ پردي ۾ وچ وارو مفاصلو هڪ جيترو رهندو آهي. انڪري ڪنهن شيءِ جي ماپ يا ويڪر جو عڪس جيڪو پردي تي منتقل ٿيندو آهي، اهو مفاصلي جي ابتڙ مناسبت سان پوندو آهي، مطلب هي ٿيو ته جيڪڏهن ان شيءِ کي ٻيڻو پري ڪيو وڃي ته ان شيءِ جو عڪس به اَک جي پردي تي اڌ ٿي ويندو ۽ جي ان کي اڃا وڌيڪ پري ڪيو وڃي ته عڪس به ان حساب سان ½ بجاءِ ¼ ٿي ويندو.
ان ڪري اهو ثابت ٿيو ته شيءِ جيتري پري ٿيندي ويندي ، ان جي جسامت دوريءَ ڪري ننڍي مان ننڍڙي ٿيندي ويندي. اوهان ڏٺو هوندو ته هوائي جهاز جڏهن هوائي اڏي تي بيٺو هوندو آهي ته ڪيڏو ديوَ جيڏو وڏو لڳندو آهي، پر جڏهن اھو جهاز هوا ۾ اڏامندو آهي ته هڪ پِتڪڙي پَکيءَ جيان ڏسڻ ۾ ايندو آهي سبب اهو ئي آهي ته ان جو مفاصلو اسان جي اک جي پردي کان تمام پري ٿي ويندو آهي ۽ اهو ننڍڙو نظر ايندو آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60