اسيمبليءَ جو راڳ

سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن لاءِ شاعري ڪرڻ وارن آڳاٽن شاعرن ۾ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ کانسواءِ ٽيون جيڪو اهم نالو وٺي سگهجي ٿو، سو آهي محمد صديق مسافر. هنن شاعرن جي شاعريءَ ۾ نه صرف ڪا نصيحت يا پيغام آهي، پر عمر جي مناسبت سان بنيادي ڄاڻ به ڏنل آهي جيڪا هونءَ جيڪر ٻار کي رٽڻي پوي پر نظم ۾ ڳائيندو ته ذهن نشين ٿي ويندس جيئن هن ڪتاب ۾ ”ماءُ پيءُ جو چيو مڃجي“ وارو نظم جتي نصيحت ٿو ڪري اتي ”چئن مندن جو راڳ“ يا ”رنگ“ نالي نظمن ۾ سال جي چئن مندن بابت يا بنيادي ۽ ثانوي رنگن بابت معلومات تمام دلچسپ ۽ خوبصورت انداز ۾ ڏني وئي آهي. ٻارن جي لاءِ اهڙي ادب جي کوٽ کي ڏسندي مسافر صاحب جي هيءَ شاعري سهيڙي شايع ڪئي وئي آهي. اسان کي اميد آهي ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪيل هيءَ ننڍڙي ڪوشش ٻارڙن کي پسند پوندي ۽ مائٽ ۽ استاد به سندن لاءِ هن کي مددي ڪتاب طور متعارف ڪرائيندا. ڊاڪٽر فهميده حسين چيئرپرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

  • پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
  • اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg
قيمت

0 روپيا

ڊائونلوڊ ڪريو

ھارڊ ڪاپِي ۾ خريد ڪرڻ چاھيو ٿا؟ رابطو ڪريو

ٻاراڻو ادب زمري جا ٻيا ڪتاب

New Arrival
New Arrival
برف شهزادي
50 روپيا
New Arrival
New Arrival
New Arrival
New Arrival
هڙ ۾ آئيندو
60 روپيا
New Arrival
New Arrival