Video
پاڻيءَ جو ذائقو
عام طرح سان پاڻي بي رنگ ۽ بي ذائقه هوندو آهي، پر انهيءَ ۾ ڪن شين جي گڏجڻ سان رنگ ۽ ذائقي ۾ فرق ٿي سگهي ٿو. پاڻيءَ جي قسمن مان مِينهَن جو پاڻي نج هوندو آهي. اِنهيءَ پاڻيءَ ۾ رڳو گئسون گڏيل هونديون آهن. جيڪي پاڻيءَ جي ڦُڙن ۾ شامل ٿي وڃن ٿيون. چشمن جو پاڻي مِينهَن وارو اهڙو پاڻي هوندو آهي، جيڪو پٿريلي ڌرتيءَ ۾ جذب ٿي ڪنهن پَٻَ جي مٿاڇري تي بيهي رهندو آهي ۽ پوءِ ڪنهن داٻَ ڪري ٻاهر ڦاٽِي نڪرڻ لڳندو آهي. عام طورَ انهيءَ کي چشمو چئجي ٿو. هي پاڻي جنهن قسم جي مِٽيءَ يا معدنيات مان گذرندو آهي اهي ئي هن سان گڏجي ان جو ذائقو ۽ رنگ طي ڪندا آهن. جيڪي معدني چشما نه ٿيندا آهن، انهن جي پاڻيءَ جو ذائقو لوڻياٺو/کارو ٿئي. ڪڏهن انهيءَ ۾ ميگنيشيم جا جزا مليل هوندا آهن ۽ وري ڪڏهن گندرف جي ملاوٽ ٿي پوندي آهي. ان سبب معدني چشمن جا ذائقا به مختلف هوندا آهن.
دريائن جو پاڻي جابلو علائقن ۾ صاف ۽ مِٺو ٿئي پر جڏهن هي پاڻي وهندي ميداني علائقن ۾ پهچي ٿو ته رستي جي مِٽي ملڻ ڪري ميرو ۽ گدلو بڻجي پوي ٿو ۽ ان جو ذائقو به ڦِري وڃي ٿو، جنهن کي اسان ڳوٺن ۾ ’ڇُڙيو پاڻي‘ ڪوٺيون ٿا.
سمنڊ جو پاڻي جيڪڏهن اَوهان چَکِي ڏسندا ته حد کان وڌيڪ کارو لوڻياٺو لڳندوَ. ڪِن سمنڊن جو پاڻي ته بلڪل به استعمال جهڙو نه هوندو آهي. انهيءَ کي پيئڻ لائق بنائڻ لاءِ ان مان لوڻ ڪڍڻ (desalination) جو عمل ڪرڻو پوندو آهي. ڪجهه علائقن جو پاڻي ايترو مِٺو، شفاف ۽ جلد هضم ٿيندڙ هوندو آهي جو سخت کان سخت کاڌي کي به تڪڙو هضم ڪري ڇڏي، اهڙو پاڻي سُٺي قسم جو سمجهيو وڃي ٿو. سونهاري سنڌجي سرزمين تي مختلف خِطن (حصن) جو پاڻي ڌار ڌار ذائقي وارو ٿئي، خاص طور لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ضلعن جو پاڻي مِٺو، هَلڪو ۽ وڻندڙ آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60