Video

شين جا رنگ

اڇي روشنيءَ جا ڪرڻا اصل ۾ ستن رنگن جو هڪ ميڙ آهن، جن ۾ ڳاڙهو ، نارنگي ، پِيلو، سائو ، آسماني/نيرو ۽ واڱڻائي رنگَ شامل آهن. اِنهيءَ ڳالهه جي پَڪي ثابتي اُها انڊلٺ آهي جيڪا اُڀَ ۾ مينهَن جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ظاهر ٿيندي آهي. سج جا ڪرڻا جڏهن فضا ۾ برسات جي پاڻيءَ ڦڙن مان گذرن ٿا ته اهڙي عمل وسيلي اُهي ستن رنگن ۾ ورهائجي پون ٿا. ٻارو! ماحول ۾ موجود سڀني شين ۾ اها خاصيت آهي ته اُهي ڪِن رنگن کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏين ٿيون ته وري ڪِن کي جذب ڪري نٿيون سگهن. مثال طور جڏهن سفيد روشني مختلف شين تي پوي ٿي ته انهن ستن رنگن مان ڪجهه رنگ ته ان ۾ جذب ٿي وڃن ٿا ۽ جيڪي جذب ٿِي نه ٿا سگهن، سي ٽَڪرائجي (reflect) واپس اسان جي اکين تائين پهچن ٿا. اهي گُلَ جيڪي ڏسڻ ۾ ڳاڙها نظر اچن ٿا، انهن ۾ اهڙي خاصيت موجود آهي ته ڳاڙهي رنگَ کان سواءِ باقي ٻيا ڇهه رنگَ جذب ڪري وٺن ٿا ۽ سامهون صرف ڳاڙهو رنگُ رهجي ويندو آهي، ڳاڙهو رنگ جيڪو جذب ٿي نٿو سگهي. انهيءَ رنگ جا ڪِرڻا ٽَڪرائجي ڏسندڙ جي اکين ۾ داخل ٿين ٿا ۽ اهڙي طرح گُل اسان کي ڳاڙها نظر اچن ٿا. اهڙيون شيون جيڪي بلڪل سفيد ڏسڻ ۾ ٿيون اچن، انهن ۾ ڪنهن به قسم کي رنگ جذب ڪرڻ جي سگهه (ability) ڪانه ٿيندي آهي، تنهنڪري نتيجو اهو نڪري ٿو ته سمورا رنگ ٽڪرائجي واپس اسان جي اکين ۾ داخل ٿين ٿا ۽ اُها شيءَ سفيد يا اڇي نظر اچي ٿي. ڪاريون شيون وري اِها خاصيت رکن ٿيون ته اهي سمورن رنگن کي جذب ڪري ٿيون ڇڏين، جنهن ڪري اصلي صورت ۾ ئي ٻين کي نظر اچن ٿيون.