Video
ڇا چنڊ به گڏ ڊڪي ٿو
گهڻن ٻارن اِهو ڏٺو هوندو ته جڏهن هو رات جي وقت ڪڏهن پنڌ ، ريلَ يا پنهنجي بابا سان موٽر سائيڪل يا ڪار ۾ سفر ڪندا آهن ته اوڀر طرف کان چمڪندڙ سهڻو چنڊ به انهن سان گڏ گڏ ڊوڙندو رهندو آهي. گاڏي جيتري تيزيءَ سان هلندي يا اوهان جنهن رفتار سان تڪڙو پنڌ ڪندا ته چنڊ جي رفتارَ به ان حسابَ سان وڌندي ويندي. ڇا هُن کي اوهان سان ايترو ئي پيار آهي جو رات پَهر ۾ اوهان سان گڏ گڏ هَلي ٿو. ها اِهو به ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن غورَ سان ڏٺو وڃي ته هي رڳو عقل جو دوکو آهي ۽ هڪڙي قسم جو ذهني/نفسياتي مسئلو پڻ.
اوهان کي اِها خبر هوندي ته جڏهن اسان رستي تي يا ڪشادي ميدان ۾ تيزيءَ سان گهمون ٿا ته اسان جي آسپاس واري ڌرتي ۽ سرسبز فصلَ اسان جي ابتي پاسي ڀڄڻ لڳندا آهن، جيڪڏهن اسان اوڀر طرف ڊُڪنداسين ته اُنهن جو رخ اولهه طرف هوندو ۽ پوءِ چنڊ ڏانهن ڏسنداسين ته، اهو محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هو به اسان ۽ ڌرتيءَ سان گڏ ڊوڙي رهيو آهي، پر حقيقت اِها آهي ته زمين کان چنڊَ جو مفاصلو ان مقابلي ۾ گهڻو وڌيڪ آهي، جيڪو اسان جي ريلَ، موٽر يا بس ڪجهه ڪلاڪن يا منٽن ۾ طئي ڪري وَٺي ٿي. ان جو مطلب اِهو ٿيو ته موٽر يا ريلَ جي حرڪت سان گڏ چَنڊ جو پاسو مَٽجي ٿو، خاص طور تي اُن وقت جڏهن سفر سِڌي رستي جو هجي پر اُن جي اُبتڙ باقي ٻين شين جو پاسو ڦِرندو رَهي ٿو ڇو ته اُهي ويجهڙيون هونديون آهن. اِهو ئي سبب آهي جو انهن جي ڊوڙ اُبتي طرف هوندي آهي جيئن ته ويجهين شين جي مقابلي ۾ چنڊ جو طرف ڏور هئڻ ڪري تمام آهستي بدلجي ٿو ان لاءِ اسان کي ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ چنڊ به اسان سان گڏ گڏ ڊوڙي رهيو آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60