Video

زمين تي طوفان

زمينَ جا جيترا به حصا آهن، اُنهن سڀني جي گرميءَ جو درجو هڪٻئي کان مختلف ٿيندو آهي. جڏهن انهيءَ گرمي-درجي ۾ تمام گهڻو تفاوت يا تضاد هوندو آهي ته هوائون گهُلنديون آهن، جنهن جاءِ تي گرمي يا حرارتي درجو وڌي ويندو آهي ته اتان جي هوا هلڪي بڻجي مٿئين طرف اُڏامندي آهي، ۽ نتيجي ۾ هيٺ هڪ خالُ پيدا ٿِي پوندو آهي. اهڙي خالَ کي ڀَرڻ لاءِ پاسن جون هوائون تيز رفتاريءَ سان ان خلا ۾ داخل ٿي وينديون آهن. هيءُ عمل ايترو تڪڙو ٿئي ٿو، جو اسان هڪدم چوندا آهيون ته آنڌي اچي وئي! گرمي درجي ۾ جيترو وڌيڪ فرق هوندو، طوفان يا آنڌيءَ جو زَورُ (شدت) به اوترو ئي گهڻو تيز هوندو. هيءُ جو هر روز اسان طوفان ۽ تيز هوائون لڳندي ڏسون ٿا يا ٻين ملڪن ۾ تيز طوفانن جي تباهين جون خبرون ٻُڌون ٿا، اهي سڀ مٿي ٻُڌايل عمل جو نتيجو آهن. 