Video
راڊار Radar
راڊار هڪ اهڙي ڪارائتي سائسني ايجاد آهي، جيڪا ڪنهن ملڪ جي بچاءَ لاءِ تمام گهڻو ڪم ايندي آهي. گذريل مهاڀاري لڙائي ۾ هوائي جهازن ۽ آبدوزن جي ويڙهه راڊار جي مدد سان ئي کٽي وئي هئي. هوائي جهاز راڊار وسيلي سفر ڪن ٿا، ان جي مدد سان ايندڙ طوفان، برسات يا خراب موسم جي هنڌ جي خبر لڳائي جهاز جي اڏامَ يا بَحري سفر جو رخ تبديل ڪيو ويندو آهي، هوائي اَڏن ۾ راڊار کي استعمال ڪرڻ وارو انسان ايندڙ جهاز بابت اڳواٽ معلومات هٿ ڪري وٺي ٿو ۽ ايئرپورٽ تان انهيءَ اڏام جي رونمائي ڪندي ان کي لهڻ لاءِ مناسب جڳهه ٻڌائي ٿو. اهڙيءَ ريت پاڻيءَ وارا جهاز ٻين بحري جهازن جي ڪيفيت معلوم ڪري سگهن ٿا. انهيءَ اوزار وسيلي ڪنهن گونجار پيدا ڪندڙ شيءِ جي واسطيدار جاءِ جي به آسانيءَ سان خبر پئجي سگهي ٿي. جيئن عام طرح جنگ جي زماني ۾ مختلف جڳهن تي بم وڏا ڌماڪا ڪندا آهن ته انهن جو هنڌ به راڊار ذريعي معلوم ڪري سگهجي ٿو.
تجربي طور جڏهن سائسندان برقي لهرن (Electric waver) جو رخ چنڊ طرف ڪيو ته ڪجهه سيڪنڊن بعد انهيءَ قسم جون لهرون چنڊ تان واپس اچڻ لڳيون. جيئن ته برقي لهرن ۾ اها خوبي آهي ته اهي پنهنجو سفر سِڌائي ۾ ڪن ٿيون ۽ انهن جي رفتار (speed) به روشنيءَ جي رفتار جيتري ٿيندي آهي. تنهنڪري ڪنهن شيءِ جو رخ يا مفاصلو ان جي ڏسڻ واري کان ڪھڙو ۽ ڪيترو آھي ، ان جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو . اهڙي طرح راڊار وسيلي وڻن، جبلن، ريگستانن ۽ خوفناڪ سمنڊن بابت به معلومات هٿ ڪئي ويندي آهي. دشمن جو جهاز اسان جي دفاعي جاين، شهري آبادين يا مورچن کان ڪهڙي پاسي ۽ ڪيتري مفاصلي تي آهي، راڊار انھيءَ هر شيءِ کان باخبر بَڻائي ٿو.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60