Video
بائيو گئس
جديد دؤر جي هن نئين ايجاد بابت پَڪ سان اوهان ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڄاڻندا هوندؤ. قدرتي گئس ته هاڻي هرهنڌ ڪَتب اچي ٿي پر بائيوگئس جو واهپو اڃا ڪنهن ڪنهن جاءِ تي آهي. خاص طور تي اهڙا ڳوٺاڻا علائقا جتي قدرتي گئس پهچڻ ڏکيو مسئلو آهي، بائيوگئس مان ڪيترائي ڪم ورتا پيا وڃن. هاڻي اچو ته انهيءَ گئس جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ معلومات حاصل ڪريون.
’بائيو‘ جو ترجمو ٻوليءَ جي ڄَاڻُنِ ’زندگي‘ ڪيو آهي ۽ جڏهن گڏ گئس لڳائي ’بائيوگئس‘ ٿِي پوي ٿي ته مطلب اھو وڃي ٿيندو ته اهڙي گئس جيڪا ساهوارن جي فضلي يا ڇيڻي مان ٺهندي هجي، يعني هيءَ گئس ڪنهن قيمتي ڌاتو يا وري ڪِنِ ڪيميائي جُزن مان نٿي جُڙي پر اُن جي تياريءَ ۾ فقط جانورن جا ڇيڻا استعمال ڪيا وڃن ٿا. تيار ٿيڻ کانپوءِ هيءَ گئس عام ٻارڻ ۽ قدرتي گئس جيان ڏاڍو تيزيءَ سان ٻَري ٿي. تجربي مان ثابت ٿئي ٿو ته هن گئس جي اهميت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو پيو وڃي.
ڇيڻن مان اهڙي فائديمند گئس پيدا ڪرڻ جديد سائنسي جهانَ جو هڪ ساراههَ جوڳو ڪارنامو آهي.
هيءَ گئس هاڻي ملڪ ۾ تمام تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي پر هڪ اندازي موجب ڪنهن دور ۾ پاڪستاني حڪومت اِنهيءَ سلسلي ۾ هڪ کاتو به قائم ڪيو هو، جنهن جو ڪم بائيوگئس کي بهتر بڻائڻ لاءِ تحقيقي تجربن سواءِ وڏن وڏن شهرن يا ڳوٺن ۾ کوههَ کوٽائي، ڇيڻا پُورائي مثالي پلانٽ لڳائڻ ۽ تسليءَ جوڳا نتيجا ماڻڻ هو.
انهيءَ گئس جو وڌ ۾ وڌ فائدو اهو آهي ته ٻارڻ جي سموري کوٽِ جي پورائيءَ سميت قدرتي گئس جي گهڻي گهرجَ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60