سنڌي دنيا جي چند قديم ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا سنڌو سڀيتا جي مُک ۽ معياري ٻولي شمار ٿئي ٿي. هيءَ ڏکڻ ايشيا جي قديم وطن سنڌُو جي اصلوڪن رهواسين جي ٻولي آهي. هڪ اندازي موجب هن وقت دنيا ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ ٿيندو. اوائلي سنڌي ٻوليءَ جي لکت کي ”سنڌو لکت“ (Indus Script) جي نالي سان سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. سنڌو لکت اڃا تائين پڙهجي نه سگهي آهي، جيتوڻيڪ ان لکت جي ڀاڃ تي دنيا جا ڪيترائي عالم ۽ ٻولين جا ماهر لاڳيتو ڪم ڪري رهيا آهن. ٿلهي ليکي سنڌو لکت جي ڀاڃ تي ٿيل ڪم اڃا اڻ پورو آهي.