Video
اڳواٽ موسم جي معلومات
ٻارو! هن کان اڳ ۾ اوهان کي بيروميٽر بابت ٻڌائي آيا آهيون. انهيءَ کان هڪ کان وڌيڪ ڪم ورتا ويندا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته بيروميٽر هڪ اهڙو اوزار آهي، جنهن جي مدد سان اسان ايندڙ موسمن جو اندازو به سٺي نموني لڳائي سگهون ٿا. هي اوزار موسمن جي مَٽاسَٽا سان گڏ گڏ پاڻ به مَٽبو رهندو آهي. موسمياتي سائنس جو بنيادي اصول هِي آهي ته گهميل هوا، خشڪ هوا جي مقابلي ۾ هلڪڙي هئڻ ڪري گهٽ دٻاءُ وجهي ٿي، جڏهن بيروميٽر جو پَارو مٿئين درجي (Maximum degree) تي پهتل هجي ته انهيءَ جو مطلب هِي ورتو ويندو آهي ته هوا ۾ گهِم گهڻي گهٽ آهي، تنهنڪري برسات پوڻ جو امڪان به گهٽ آهي ۽ آسمان خاص طور تي صاف سُٿرو رهندو. (هي جملو اسان روزانو ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو جي موسمي خبرن ۾ ٻُڌندا آهيون، جيڪو موسميات کاتي پاران ملندڙ معلومات مطابق ٻڌايو وڃي ٿو) پر جڏهن بيروميٽر ۾ پارو ڪِري انتهائي هيٺين درجي (Minimum degree) تي اچي ويندو ته مطلب اِهو ورتو ويندو ته هوا ۾ گهِم يا پاڻياٺ تمام گهڻي آهي، تنهنڪري برسات پوڻ جو امڪان گهڻو آهي.
موسمي ماهرَ مختلف هنڌن جي هوا جي دٻاءُ ۽ حرارت وغيره جي معلومات وسيلي ڏاڍي پَڪَ سان ٻڌائيندي اِهو چئي سگهن ٿا ته ايندڙ موسم ڪهڙي قسم جي هوندي.
بيروميٽر جو پارو جيڪڏهن ڪِري رهيو هجي ته هيءَ نشاندهي به ڪندو آهي ته ايندڙ گهڙين ۾ زورائتي برسات پوندي يا تيز طوفان ايندو.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60