Video
پاڻيءَ وسيلي صوف جو وزن
ٻارو!
ٻهَ هزار سالَ اڳ جڏهن جڳ مشهور يوناني ڏاهي، حسابن جي ماهر ۽ جاکوڙي سائنسدان ارشميدس پنهنجي ڪتاب ’ترندڙ جسم‘ ۾ اها واٽ ٻڌائي هئي ته ترندڙ جسمَ پاڻياٺ ۾ داخل ٿيڻ مهل جيڪا پاڻياٺ هَٽائن ٿا، انهيءَ جو وزن داخل ٿيندڙ جسم جي برابر هوندو آهي، ۽ ائين پاڻيءَ جي ڦهلاءَ وسيلي ان جو وزن معلوم ڪري سهگجي ٿو.
ان تجربي لاءِ اوهان رڳو پاڻي ۽ شيشي جي پيالي مان به ڪم وٺي سگهو ٿا. جيڪڏهن اهو ٿانءُ گهڻو وڏو آهي ته صوف کي ان اندر وجهي ڏسو ته صوف پاڻيءَ ۾ وجهڻ کان اڳ واري پاڻيءَ جي سطح ۾ ڪيترو واڌارو آيو آهي، اهو واڌارو ئي اصل ۾ ان صوف جو وزن آهي. جيڪڏهن شيشي جو ٿانءُ/پيالو ننڍو آهي ته صوف کي اهڙي ڪنهن پيالي ۾ وجهو جيڪو ڪناري تائين پاڻيءَ سان ڀريل هجي. ان پيالي کي هڪ خالي ٿالَهه ۾ رکو ته جيئن پاڻي اڇل کائي ٿالهه ۾ ڪِري. ٿالَهه ۾ ڪرندڙ پاڻي گڏ ڪري ان جو وزن ڪريو ته صوف ۽ پاڻيءَ جو وزن لڳ ڀڳ ساڳيو بيهندو. ان مان ثابت ٿيو ته ڪنهن به شيءِ جو پاڻيءَ ۾ وزن اوتروئي ٿئي ٿو جيترو اها پنهنجي جسم سان پاڻي هٽائي ٿي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60