Video
مڇيون اونهي پاڻيءَ ۾
هڪ يقيني رڪارڊ موجب وڌ ۾ وڌ پاڻيءَ جي اونهائي ، جتان مڇيون ماريون ويون آهن، ڇهه هزار ميٽر معنى 19 هزار فٽن کان وڌيڪ آهي. سامونڊي ٻيٽن جي ميڙ فلپائن جي هڪ ٻيٽ منڊو جي ويجهو گهڻي اونهائي آهي، جيڪا ماپ موجب 31600 فٽ بيهندي. گهڻو ممڪن آهي ته انهيءَ اونهائي يا گهرائيءَ مان به ڪنهن ڏينهن ڪا مڇي ملي وڃي. سامونڊي اونهائي لاءِ هڪ ٻي ٻُڌائڻ جهڙي ڳالهه اِها به آهي ته اُتي روشني بلڪل نٿي پهچي. تقريباً 2800 فٽن تائين عام روشني غائب ٿي وڃي ٿي.
اوهان سوچيندا هوندا ته سامونڊي مخلوق پنهنجي کاڌ خوراڪ ڳولڻ کان سواءِ پنهنجو گذر سفر ڪيئن ٿي ڪري. قدرت ان جو به جوڳو انتظام ڪيو آهي. لڳ ڀڳ ڏهه سيڪڙو مڇين ۾ روشني پيدا ڪرڻ جي سَگههَ رکيل آهي. روشني پيدا ڪندڙ عضوا ماپَ ۽ صلاحيت جي لحاظ کان، هڪٻئي کان مختلف ٿين ٿا. ڪجهه مڇيون چمڪنديون آهن ۽ ڪي تيز روشني پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ اهڙا عضوا به رکن ٿيون جيڪي اپٽيل بلورن جو ڪم ڏين ٿا. اهي روشنيءَ جي عڪس کي قبول ڪندي ضرورت آهر ان کي ختم به ڪري سگهن ٿا. روشني پيدا ڪندڙ عضوا ننڍن کُٻَن ۾ موجود هوندا آهن، جن مٿان شفاف جِهلي هوندي آهي. هيٺ ڪارو يا ڳاڙهو رنگ ٿئي ٿو جنهن تي روشني جو عڪس جَهٽيندڙ رَڳون وڇايل هونديون آهن. انهن رڳن تي روشني قبول ڪندڙ گهَرڙا هوندا آهن جن تي هڪ شيشو (lens) لڳل هوندو آهي، جيڪو سموري روشنائيءَ کي جمع ڪري ڪنهن به پاسي اڇلائي سگهي ٿو.
اهڙيءَ طرح اونهي پاڻيءَ ۾ مڇيون پنهنجي لاءِ کاڌ خوراڪ ڳولي سگهنديون آهن.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60