Video
بئرو ميٽر
بئروميٽر هوا جو داٻ ماپڻ وارو هڪ اوزار آهي، جيڪو اٽليءَ جي رهاڪو ٽورسلي سال 1636ع ۾ ايجاد ڪيو. اڄڪلهه بئرو ميٽر جا ڪيترائي قسم آهن، جن کي عام استعمال هيٺ آندو پيو وڃي. بئروميٽر اصل ۾ هڪ پاسي کان بند شيشي جي هڪ نلڪِي ٿيندي آهي، جنهن ۾ پارو وِڌو ويندو آهي، ان نلڪيءَ کي هڪ کُليل چينيءَ جي ٿانءَ يا ڪولي ۾ اُڀو بيهاريو ويندو آهي ۽ بند پاسو مٿئين طرف رکيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ڀريل پارو پنهنجي ڳوري وزن سبب هيٺ ڪِري پوندو آهي، جنهن ڪري نلڪيءَ جي مٿئين حصي ۾ خالُ پيدا ٿي پوي ٿو، پوءِ هواجي داٻ سان گڏ گڏ هي ڪِريل پارو به آهستي آهستي مٿي چڙهڻ لڳندو آهي. اهڙي نموني هوا جي دٻاءَ جي درست ماپ ٿي وڃي ٿي.
بئروميٽر جو هڪ وڏو فائدو اهو ورتو ويو آهي ته اُن سان ايندڙ موسمن جو اندازو به ڪري سگهجي ٿو ۽ اُن جي اڳواٽ اطلاع سبب ڪيترائي حفاظتي انتظامَ ڪري سگهبا آهن. وڌيڪ ڪِريل پارو جيڪو هوا جي گهٽ داٻ سبب ظاهر ٿئي ٿو هڪ طوفاني لهر جي پيشنگوئي ڪري ٿو. انهيءَ اوزار سان اسان هوائي جهازَ جي اها اوچائي به معلوم ڪري سگهون ٿا، جنهن سان خبر پوي ٿي ته اهو ڪنهن وقت ڌرتيءَ کان ڪيترو مٿي اڏامي رهيو آهي. هر سامونڊي ۽ هوائي جهاز ۾ هِن اوزار جو هجڻ تمام ضروري سمجهيو ويندو آهي نه ته ايندڙ مندون يا تيز طوفان موت جو سبب ٿي سگهن ٿا. پائليٽ ياڪپتان کي هي اوزار هر قسم جي موسمي حالتن کان باخبر رکي ٿو.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60