Video
ڪيڏو ڏور ستارا
ننڍڙا پيارا ساٿيو!
اوهان سڀئي روزانو آسمان ڏِسندا آهيو. هيءُ ايڏو ڪُشادو ۽ وِشالُ پري پري تائين پکڙيل ڪڏهن نيرو، ڪڏهناڇو، ٻن رنگن جو جُڙيل هي ڇَٽُ اسان مٿان ڇانيل رهي ٿو. پياري پالڻهارَ جي بڻايل هيءَ سموري ڪائناتِ ايتري ويڪري ۽ ايتري وسيع آهي جو ان جي ڦهلاءَ جو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي! چنڊ ڇا آهي؟ تارا ڇا آهن؟ سج ڇا آهي؟ اِهي سڀ رب جي قدرت ۽ ڪمال جا نمائندا آهن انسانُ انهن سڀني نمائندن کان اهم نمائندو آهي، جنهن کي هن ايترو عقل عطا ڪيو آهي جو هو انهن سڀني شين جي علم ۽ حقيقت کي سمجهي، تنهن ڪري ماهرن ڳولا ڪئي ۽ سمورن آسماني ستارن جي تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪري، انهيءَ کي ڪتابن ۾ سهيڙيو ته جيئن عام ماڻهن کي معلومات ملي سگهي.
فلڪيات جي علم ۾ نورِي سالُ پيمائش جو هڪ اصطلاح آهي. ٻين لفظن ۾ نوري سالُ هڪ قسم جو مفاصلو آهي، جيڪو روشني هڪ سال ۾ پورو ڪري ٿي، يعني 000,000,000,00060, ميل سج تائين مسافري ڪرڻ کانپوءِ آڪاش جو جيڪو تارو اسان کي سڀ کان ويجهڙو آهي، ان جو نالو پراڪزيما سينتوري (Preximacentavri) آهي. انهيءَ تاري جي روشني اسان تائين رَسڻ لاءِ اڍائي سالن جو عرصو گهرجي، هڪ ٻيو ستارو جيڪو ڌرتيءَ جي ڏکڻ اڌ حصي مان نظر ايندڙ تمام ويجهو ستارو آهي، ان جو نالو سِريس (Sirius) آهي، جنهن جو مفاصلو اٺن نوري سالن جيترو آهي.
جيڪڏهن اسان چاهيون ته دوربينيءَ جي مدد سان هڪ لک نوري سال کان پري تائين تارا به وڏا ۽ چِٽا ڏسي سگهون ٿا. هڪ مضبوط ۽ سُٺي دوربين انهيءَ ڊگهي مفاصلي کي لڳ ڀڳ هزار ڀيرا وڌائي ڏيکاري سگهي ٿي. جيڪي تارا هڪ ارب نوري سال جي مفاصلي تي آهن، انهن جي جيڪا روشني اڄ اسان کي ڏيکارجي ٿي، اُها اتان کان هڪ ارب سال اڳُ رواني ٿي هئي ۽ انهيءَ وقت اسان جي ڌرتيءَ تي فقط هڪ جيو گهرڙي وارن جاندارن جا آثارَ ظاهر ٿيا هئا.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60