Video
قطب تارو
ٻارؤ!
اُڀَ تي اڻ ڳڻيا تارا آهن، جن جا نالا به بيشمار آهن. انهن ئي تارن ۾ هڪڙي جو نالو اُترَ وارو تارو يا قطب تارو آهي، جنهن کي آڪاش منڊل (آسمان) جو سڀ کان اهم تارو سمجهيو وڃي ٿو. هاڻي ته سائنس جو جديد دؤر آهي، طرفَ معلوم ڪرڻ لاءِ اسان جي سائنسدانن ڏاڍا ڪم وارا اوزارَ ايجاد ڪري ورتا آهن، پر ڪڏهن ته اهڙو وقت به هوندو هو، جڏهن ماڻهو ستارن وسيلي رستو يا طرفُ معلوم ڪندا هئا. اِن سلسلي ۾ قطب تارو ڏاڍو ڪارائتو ڪردار ادا ڪندو هو، ڇو ته ان ئي ڌرتي ۽ سمنڊ جي لکين ڪروڙين انسانن جي رهنمائي ڪئي.
قُطب تاري کي ڏسي اسان نه فقط مختلف رُخن کي سمجهي سگهون ٿا، پر ان جي مدد سان اهو به معلوم ڪري سگهون ٿا ته اسان خطِ استوا جي اُتر طرف ڪيتري مفاصلي تي موجود آهيون. خط استوا اهڙي خيالي ليڪ آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي وِچ مان گذري ٿي، تنهن ڪري اسان جيئن جيئن اُتر پاسي وڌندا وينداسين ته قطب تارو اُڀ تي مٿانهين کان مٿانهون ٿيندو ويندو. خطِ استوا جي اُتر ۾ اُن جو فائدو آهي، پر ڏکڻ ۾ ڪوبه فائدو ڪونهي، جنهن جو سبب اهوٻُڌايو وڃي ٿو ته اُتي هيءُ ستارو بلڪل نظر نٿو اچي.
ٻارڙو! اهو ته مون اوهان کي ٻُڌايو ئي نه، ته هِن تاري کي ’قطب تارو‘ ڇو ٿو چيو وڃي؟ اچو ته اها ڳالهه سَمجهون. انهيءَ کي قطب تارو ان ڪري چئجي ٿو، جو زمين جو محور ان جي پاسي اشارو ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان اُتر قطب ۾ بيٺا هجون ته قطب تارو تمام ويجهڙو اسان جي مَٿن مٿان نظر ايندو، ڇاڪاڻ ته تارن جو اُڀرڻ ۽ اُلهڻ اصل ۾ ڌرتيءَ جي چرپر جو نتيجو آهي، جيڪا پنهنجي مرڪز جي چوڌاري چوويهن ڪلاڪن ۾ هِڪڙو چَڪر پورو ڪري ٿي.
سائنسدانن اِها به عجب جهڙي ڳالهه ٻڌائي آهي ته هاڻوڪو قطب تارو اڳتي هلي اصلي اُتر- تارو نه رهندو ۽ اڄ کان ٻارهن هزار سال پوءِ هڪ ٻيو تارو ان جي جاءِ والاريندو.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60