Video
کنوڻ ۽ اوچيون عمارتون
آمريڪي سائنسدان بينجمن فرينڪلن پنهنجا نظريا پيش ڪندي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: ”اوچين ، وڏين عمارتن کي کنوڻ کان بچائڻ لاءِ انهن مٿان هڪ قسم جي تارَ لڳائڻ گهرجي، جنهن ۾ روڪَ گهٽ هجي. ڇو ته انهن گهٽ روڪَ وارين تارن مان بجلي آسانيءَ سان گذري وڃي ٿي ۽ عمارت کي ڪنهن قسم جو نقصان نٿو رَسي.“
اهڙين تارن کي لڳائڻ وقت اِن ڳالهه جو خاص خيال رکڻو پوندو آهي ته تارَ زمين اندر گهڻو هيٺ پوريل هجي. عام طرح انهيءَ تارَ کي اَرٿ (earth) چئجي ٿو، جنهن کي ڪنهن کوهَه، ٽيوب ويل يا اونهي کَڏ ۾ لاٿو وڃي ٿو. ڪٿي ڪٿي پاڻيءَ واري ڪنهن نلڪي سان به مِلايو ويندو آهي. ان عمل کي ‘To earth’ يا ’زميني‘ چوندا آهن.
پاڻ ۾ تمام ويجهو جُڙيل اوچين عمارتن تي کنوڻ ڪِرڻ جو ايترو خطرو ڪونه هوندو آهي، جيترو جُدا جُدا ڊگهين عمارتن تي ڪِرڻ جو خوف هوندو آهي. تنهن ڪَري ڌارَ جُڙيل بلند جڳهين مٿان کنوڻ جهٽيندڙ/کنوڻ کي زمين هيٺ لاهيندڙ اوزار يا تارَ لڳائڻ گهرجي، ڇو ته بجليءَ جو اصولُ آهي ته اها گهٽ ۾ گهٽ روڪَ واري رستي وسيلي گذرندي آهي. ڌاتو (metals) جيئن ته بجليءَ جا پسرائيندڙ هوندا آهن، انڪري ڌاتن وارا کنوڻ جَهٽيندڙ اوزارَ عمارتن جي سلامتي ۽ بچاءَ ۾ تمام گهڻو فائديمند رهندا آهن.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60