Video
بالا بين periscope ڇا آهي؟
بالابين کي انگريزي زبان ۾ پيري اسڪوپ (Peri scope) چوندا آهن. هي سائنس جو هڪ اهڙو ڪارآمد اوزار آهي، جيڪو ڪيترن ئي مقصدن ۾ استعمال ٿيندو آهي، مثال طور: جنگ جي وقت ۾ فوجي جوانَ جڏهن مورچن يا کاهين جي اندر لِڪل هوندا آهن ته بالابين جي مدد سان هو ٻاهرين سموري صورتحال کي آسانيءَ سان ڏسي سگهندا آهن. اهڙي طرح پاڻيءَ اندر هلندڙ آبدوزن ۾ سفر وقت انهن جي مواد سان مٿاڇري تي هر شيءِ جو جائزو وٺي سگهجي ٿو.
’بالا‘ جو مطلب آهي، مَٿي يا مٿانهون ۽ ’بين‘ جي معنى آهي: ڏسڻ، يعني اهڙو اوزار جيڪو مَٿان جون حالتون ڏيکاري. انهيءَ ايجادَ کي اُپٽيل بلورن وسيلي تيار ڪيو وڃي ٿو، جن کي هڪ ٽيوبَ ۾ اهڙيءَ ريت مَڙهيو يا جَڙيو ويندو آهي جو اُنهن جو هڪ پاسو شين جا عڪس ٽيوب جي هيٺان ٻئي پاسي تي وجهندي، تصوير کي ڏسندڙ ماڻهوءَ جي اک تائين پهچائي ٿو.
گذريل عالمي (مهاڀاري) جنگين ۾ بالابين جو عام استعمال ڪيو ويو هو، ڇو ته هي اوزارُ جنگي ڳُجهين ۽ رازدار جاين تي عام طور ڪَتب آندو وڃي ٿو. آبدوز ٻيڙيون هلائيندڙَ پاڻيءَ جي مَٿان يا سطح هيٺان سامونڊي جهازن کي بالابين جي مدد سان سولائيءَ سان ڏسي سَگهن ٿا.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60