Video
فيوز وائر
’فِيوز وائرِ‘اهڙي تار کي چئبو آهي، جنهن مان بجليءَ جو وهڪرو گذري سگھي. جيڪڏهن اُن تارَ ۾ بجليءَ جو وهڪرو (voltage) وڌيڪ گذري ته ان جي پگهرجڻ جو خطرو هوندو آهي ۽ جڏهن تارَ پگهرجي وڃي ته بجليءَ جي پهچ جو سلسلو ڪٽجي (disconnected) وڃي ٿو.
وائرِ اندر ٻه تارون ويڙهيل هونديون آهن، ڪنهن سبب ڪري ڪِٿان ٽٽي پون يا ڪَٽجي وڃن ته ٻئي واڌو (Positive) ۽ ڪاٽو (Negative) پاڻ ۾ ملڻ ڪري انهن تارن مان هڪ شعلو ظاهر ٿيندو ۽ جلد ئي بجلي بند ٿي ويندي، جنهن سان وڌيڪ نقصان جو ڪو خطرو نه رهندو.
جيڪڏهن بجليءَ جو وهڪرو يا ڪنهن جاءِ گرمي (voltage) مقرر حد کان وڌي وڃي يا ان کانسواءِ ٻي ڪا خرابي ٿي پوي ته ’فيوز وائر‘ پگهرجي ويندي جنهن ڪري بجليءَ جو سلسلو بند ٿي ويندو. جيڪڏهن فيوز وائر لوههَ يا سخت ڌاتوءَ جي ٿُلهي تارَ مان يا ڪجهه تارن کي پاڻ ۾ مِلائي استعمال ڪنداسين ته اهڙي ’فيوز وائر‘ پگهرجي ڪانه سگهندي، نتيجي ۾ ان مان وڏو نقصان ٿي پوندو ۽ ٻيون تارون سڙي عمارت کي نقصان رسائينديون يا انساني حياتين لاءِ هاڃيڪار بڻبيون. ان ڪري ’فيوز وائر‘ لاءِ هميشه سنهي تارَ استعمال ڪئي ويندي آهي، جيئن ڪنهن خرابيءَ جي صورت ۾ اڏامي وڃي ۽ ڪوئي به نقصان نه ٿئي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60