Video
ٽيوب لائيٽ
آڳاٽي زماني ۾ جڏهن بجلي ڪانه هوندي هئي ته ماڻهو ڏيئا، فانوسَ ۽ لالٽين وغيره ٻاريندا هئا. جيئن جيئن زماني ترقي ڪئي ۽ بجلي آئي ته هر پاسي بلبن سوجهرو پکيڙي ڇڏيو. بلبن کان سواءِ اسان ٽيوب لائيٽ مان به روشني حاصل ڪريون ٿا، (ٽيوب لائيٽ کي عام طرح اسان ’راڊ‘ به سڏيندا آهيون) اها گهڻو ڪري اسان جي گهرن، آفيسن، اسڪولن، ڪارخانن ۽ دڪانن ۾ روشن ڪئي وڃي ٿي.
ٽيوب لائيٽ ۾ ٻهَ ننڍريون ننڍيون پليٽون ٿينديون آهن، جن ۾ سوڊيم ڀريل هوندو آهي يا پاري جي ٻاڦ ڇڏي ويندي آهي. جڏهن ان ۾ بجلي داخل ٿئي ٿي ته ان ۾ هوا نه هجڻ ڪري ڪرنٽ سموري ٽيوب مان گذري ٿو. اهڙي عمل جو بنيادي اُصول اِهو آهي ته جيڪڏهن ڌاتوَ جا ٻه ٽڪرا هڪٻئي کان ٿورو پَر ڀرو رکيا وڃن ۽ پوءِ ٻنهي ڌاتن ۾ هڪ پاسي کان واڌو ۽ ٻئي پاسي کان ڪاٽو ڪرنٽ گذاربو ته هڪ چڻنگ پيدا ٿيندي. انهيءَ جو سبب اِهو آهي ته انهن ٽُڪرن جي وچ ۾ هوا جو ٽَڪراءُ اچي ويو ۽ هوا بجليءَ جي سُٺي پسرائيندڙ نه آهي، پر جيڪڏهن ڌاتوءَ جي انهن ٽُڪرن کي شيشي جي نليءَ ۾ اهڙيءَ طرح بَند ڪيو وڃي، جو ٻاهرين هوا اندر داخل ٿي نه سگهي ۽ اندر واري سموري هوا کي مڪمل طور ڪڍي ڇڏجي، ۽ پوءِ ڌاتوءَ جي ٻنهي ٽُڪرن کي بجليءَ سان ڳنڍجي ته ڪرنٽ جاري ٿي ويندو.
اهو ئي اصول آهي، جنهن موجب بجليءَ جي ٽيوب لائيٽ (راڊِ) ٻري ٿي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60