Video
سنڌي لغات تي ودوانن جا وڌيڪ رايا ڊاڪٽر دائود پوٽي کي جواب: منوھر داس ڪوڙومل
مھربان ايڊيٽر ”سنڌو“ ڊاڪٽر دائود پوٽھ صاحب ”سنڌي لغات“ جي موجودگي جي ضرورت تي جيڪو رايو ڏنو آھي ۽ جو اوھان پنھنجي نامور مخزن جي جنوريءَ واري پرچي ۾ ڇپيو آھي، ان ۾ جيڪي بھ ٽي خيال ظاھر ڪيا اٿس سي پڙھندي اسانکي سچ پچ نا اميدي وٺي ويئي آھي.
مرحوم لالا ھاسا نند پنجابي جي لغات ۾ خواھ سھج ڪوش ۾ قبول ٿو ڪجي تھ خاميون آھن. سچ آھي تھ ڪنھن بھ ھڪ انسان جي ڪم ۾ (پوءِ چاھي اھو ڪم ڪھڙيءَ بھ جاکوڙ ۽ جفا ڪشيءَ سان سرانجام ٿيل ڇو نھ ھجي) ٿوريون يا گھڻيون ڀلون اوس ٿيڻيون آھن. ڊاڪٽر صاحب بھ ھروڀرو پارسي ۽ عربي تي خاص ھڪ طرفو زور ڇو ٿو ڏئي؟ ائين آھي ڇا تھ ھو صاحب ھندي ۽ سنسڪرت جي بنياد وارن لفظن (جن مان ڪيترا اڳيئي سنڌي ٻوليءَ ۾ مروج آھن ۽ خود شاھ لطيف بھ پنھنجي ڪلام ۾ سھج سڀاءُ ڪتب آندا آھن) کي نظر انداز ڪرڻ واجب ٿو سمجھي؟
لالا ھاسانند جي لغات ۾ گھڻو ڪري ھندي ۽ سنسڪرت جا لفظ جھجھي تعداد ۾ ڪم آيل آھن پر تن سان گڏ پارسي ۽ عربي نسل جا لفظ بھ موجود آھن جن جي واجبي نقطچيني ڊاڪٽر صاحب ڪري رھيو آھي. جيڪڏھن ھڪ طرف جي لفظن يعني پارسي ۽ عربي لفطن ۾ چڪون آھن ۽ ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ موجب عربي لفظن کي پارسي ۽ پارسي کي عربي لفظ ڪري ڄاڻايو ويو اھي تھ اھي ويھي سڌارڻ گھرجن. گھٽ ۾ گھٽ اھڙي سڌاري لاءِ ڪا عملي تجويز پيش ڪرڻ گھرجي. ائين ڪرڻ جي بدران ڊاڪٽر دائود پوٽھ صاحب ھڪ ئي ڌڪ سان مذڪور لغات کي ردي ڪاغذن جي ٽوڪريءَ ۾ داخل ٿيڻ جھڙي سمجھي نھ فقط ان وقت، ان لاءِ حڪومت کي سفارش نھ ڪري سگھيو پر ھاڻي بھ انھي عمر جي پورھئي جي قدر داني جي سچي عملي ثابتي ڏيڻ کان پيو ٿو ڪيٻائي. افسوس !
جھڙي طرح لالھ ھاسانند جي لغات ۾ ڊاڪٽر صاحب پارسي ۽ عربي لفظن جي نسبت ۾ نقص ڏيکاريو آھي ساڳئي طرح مرحوم ماستر سھجرام جي لغات مان پڻ ڪا ھڪ اڌ ظاھر ظھور اوڻائي بيان ڪري ھا تھ بھتر ھو.
ڊاڪٽر صاحب فرمائي ٿو تھ ڪامل لغات ھئڻ لاءِ ساري پرڳڻي جا قديمي خواه موجود لفظ محاورا ۽ اصطلاحون ھڪ يا تڪيا ھئڻ کپن ۽ تنھن لاءِ ھڪ اجگري رٿ ڏني اٿس تھ ھڪ پڙھيلن جي منڊلي سنڌيءَ جي سموري ساھتيھ کي ويھي اٿلائي پٿلائي. اھي برجستا ۽ ھوشيار ماڻھو ڪير مقرر ڪري جو لفظن، ورجيسن ۽ عبارتن جو گھربل ذخيرھ گڏ ڪن ۽ ڪئن ۽ ڪڏھين اھو شاھي ڪم برثواب ٿئي تنھن لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڪوبھ اشارو ڪونھ ڪيو آھي. ماستر سھجرام جي لغات م اھڙو گھڻوئي مصالحو موجود آھي خصوصن اصلوڪي دستخط ۾ اھو سمورو درج ٿيل ھو پر ڪيترن سنڌيءَ جي صاحبن جي صلاح تي، ڪثرت سبب انھي مصالحي جو گھڻو حصو پاڻ لغات مان ڪڍي ڇڏيائين جنھنڪري سندس لغات گھٽي ننڍي ٿي پيئي آھي. ھينئر بھ جيڪڏھن ڄاڻن جو رايو ٿئي تھ گڏ ڪيل لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن جو ذخيرھ ورائي بھ ”سھج ڪوش“ ۾ گڏجي تھ ائين سنھنجائيءَ سان ٿي سگھندو. اسانکي اھا بھ خبر آھي تھ ماستر سھجرام پنھنجي لغات ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽيءَ کي پيش ڪرڻ کانپوءِ منجھس اشتقاق پڻ درج ڪيا آھن.
ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آھي تھ ھي ڪم مھيني ماس جو نھ پر ورھين جو آھي. تنھنجي معنيٰ تھ اڳيون پورھيو ٻنھي لغاتن جو ڪٽ ٿيو ۽ ھاڻي وري نئين سرڪ ڪم تيار ٿئي جو بھ سال گھري. ڪھڙا اھڙا ماڻھو آھن جي اھو ڪم ڪن ۽ وقت ڏين وڏيون ڳالھيون تھ گھڻائي پيا ڪن پر ڪرڻ لاءِ ھڪڙو صاحب بھ تيار نھ آھي.
مطلب ڳالھھ جو تھ ڊاڪٽر دائود پوٽھ صاحب جي رٿ موجب ”سنڌ“ ملڪ کي پنھنجي مادري زبان ۾ اھڙي ھڪ ڊڪشنري ھئڻ لاءِ جڳھھ گھرجي ۽ ويچاري غريبڙي ”سنڌي“ ڪو زمانو تھ اھڙي ھڪ ڊڪشنري کان محروم رھي ۽ ڪوبھ واڌارو ڪري نھ سگھي!