Video
عربي سنڌي صورتخطي: محمد صديق ميمڻ
ڪابه ٻولي تيستائين ناقص ليکبي آهي، جيستائين ان ٻوليءَ لاءِ ڪا مقرر صورتخطي نه هوندي آهي. انسان پنهنجا خيال لکڻ جي رستي ٻئي جي آڏو پيش ڪري سگهي، تنهن لاءِ ٻوليءَ جي مقرر صورتخطي جو هئڻ ضروري آهي. صورتخطي به اهڙي هئڻ گهرجي، جنهن جي وسيلي ٻوليءَ جا سڀ آواز جدا جدا نشانين سان معلوم ٿي سگهن ۽ ٻوليءَ جو هر هڪ لفظ لکيل صورت ۾ پنهنجي اصليت ڏيکاري سگهي.
سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ٻولي ديوناگري (شاستري) يا سنسڪرت يا هندو سنڌي اکرن ۾ لکندا هئا. پر عربن جي اچڻ ڪري عربي ٻوليءَ جا لفظ جي گهڻي انداز ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ گڏجي مسجي ويا، تن لفظن جي صحيح صورت ڏيکارڻ لاءِ ديوناگري (شاستري) سنسڪرت يا هندو سنڌي صورتخطي بلڪل اڻپوري هئي، سو هن ڪري جو عربي ٻوليءَ جا ڪيترائي آواز سنڌ جي قديم ٻوليءَ ۾ موجود ئي ڪين هئا، تنهنڪري اهڙن آوازن وارن لفظن جي صحيح صورت به سنسڪرت يا ديوناگري وغيره صورتخطي ۾ قائم رهي نه ٿي سگهي. مثلاً: حفاظت، حضرت غريب، زيارت، فضيلت وغيره لفظ سنسڪرت، ديوناگري يا هندو سنڌي صورت خطيءَ ۾ ٿين ٿا:_ حڦاجت، هجرت، گريب، جيارت، ڦجيلت وغيره_ انهن سببن ڪري عربن پنهنجي صورت خطي قائم رکي ۽ دفتر جو سڀ ڪم ڪار به عربي ٻولي ۾ ٿيڻ لڳو ۽ ماڻهن کي تعليم به عربي ٻولي ۾ ملڻ لڳي.
سنڌ جا مسلمان اول عربي ۾ ۽ پوءِ پارسي ۾ جڏهن ماهر ٿيا ۽ پنهنجي ۆڞڷۑ ٻولي (سنڌي) ۾ پنهنجا شعر يا نثر لکڻ جا خواهان ٿيا، تڏهن اُنهن کي به وڏي مشڪلات پيش آئي. سنڌي ٻولي ۾ ڪي اهڙا آواز آهن، جي عربي يا پارسي ٻولي ۾ آهن ئي ڪين، نڪي عرب ۽ ايرانضإ ماڻهو انهن نج سنڌي آوازن کي پنهنجي واتان صحيح طرح ڪڍي سگهندا آهن_ مثلاً: ڪراچي، ٺٽو، ڇوڪر، کنڊ، ڍور، گهوڙو وغيره لفظ جيڪڏهن ڪنهن عرب کان چوائبا، ته چوندو ڪراصي، تتو، شوڪر، قند، دور، غورو وغيره.
سنڌ جا پڙهيل ماڻهو نج سنڌي آواز درست طرح واتئون ڪڍي سگهيا ٿي، مگر انهن آوازن کي لکڻ ۾ آڻڻ لاءِ انهن وٽ ڪي به صورتون مقرر ڪين هيون.
نج سنڌي آواز هي آهن:
ٻ، ڀ، ت، ٽ، ٺ، ڦ، ڄ، جهه، ڄ، ڇ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ڙ، ک، ڳ، گهه، ڱ، ڻ.
شاه عبدالڪريم بلڙي واري جي زماني (عيسوي سترهين صدي) کان وٺي سنه 1854ع تائين ٻن سون ورهين جي اندر ڪيترائي ڪتاب (خاص ڪري شعر ۾ لکيل) سنڌي ٻولي ۾ تيار ٿي چڪا، جن مان ڪي اڄ تائين دستخط لکيل ۽ ڪي ڇاپيل موجود آهن. خاص سنڌي صورتخطي جي مقرر نه هئڻ ڪري انهن ڪتابن ۾ مصنفن مٿين نج سنڌي آوازن جون صورتون پنهنجي پنهنجي خيال موجب علحديون علحديون لکيون آهن. نه رڳو ايترو، بلڪ سنڌي ٻولي جي گرامر نه هئڻ ڪري لفظن جون ڶڵإۆخۆڷ به سڀ ڪنهن مصنف پنهنجي پنهنجي خيال تي لکيون آهن. مثلاً:
(1) ڶڷعۑإڷ صدق دل جي ښۑڷ ملڪ مڙيئي
(2) کوري آڪڎۑۆڷ ضۑیڼۑ پير جون
قبلي وه ڪجاه
(سنڌي مخدوم ضياءَ الدين)
اڄوڪي سنڌي ۾ جيڪر اهي سٽون هن طرح لکجن:
(1) مڃيان صدق دل جي سين ملڪ مڙيئي
(2) کوڙي آڱريون جيئڻي پير جون
قبلي منهن ڪجا
ٻيو مثال:
(1) مورن واڻ لدي پسي کهي پريا
(2) مارو مرو پکن پري ملڪ مت سڃاڻ
(3) (سنڌي ابو الحسن قديم ڇاپو)
اڄوڪي سنڌي صورتخطي ۾ جيڪر اهي سٽون هن طرح لکجن:
(1) موڙهن ۆإخۆڷ لڌيون پسي کي پريان
(2) ماڻهو، مرۆن، پکڻ، پري، ملڪ مت سڄاڻ
مٿي جيڪي جهوني سنڌي صورتخطيءَ جا نمونا ڏيکاريا ويا آهن، تن ۾ ٻولي سنڌي ۽ صورتخطي عربي ڪم آندي ويئي آهي. انهي ڪري قرآن شريف پڙهڻ کان پوءِ مسلمان ٻار اها جهوني سنڌي صورتخطي تمام گهڻي سولائي سان صڏێۑ ښڧێڷڈإ ێیإ. ضۑجۆڼۑڥ ڷض ښڷډۑ آوازن لکڻ لاءِ ڪا مقرر صورتخطي ڪانه هئي،. ته به جهڙي به نموني ۾ اهي نج سنڌي آواز لکيا ويندا هئا، تهڙي نموني ۾ نڪي لفظ جي معنيءٰ ڦريو سگهندي هئي ۽ نه اصليت گم ٿيو ويندي هئي. اڄ تائين به جهوني زماني جا مولوي ۽ ملان ٿوري ڦير گهير بعد اهائي جهوني سنڌي صورتخطي ڪم آڻيندا آهن.
جن ماڻهن جو پارسي سان گهڻو واهپو هوندو هو، سي وري سنڌي ٻوليءَ جو نظم يا نثر پارسي صورتخطي ۾ لکندا هئا. اهي به نج سنڌي آواز علحده علحده صورتن ۾ لکندا هئا. سنڌ جا امير ماڻهو سنڌي مرثيا ۽ ٻيا سنڌي نظم گهڻو ڪري پارسي صورتخطي ۾ لکارائيندا هئا. اهڙي نموني جا بياض اڄ به سون جي انداز ۾ مسلمان خاندانن وٽ موجود آهن.
انهي صورت خطيءَ جو نمونو هي آهي:
(1) ساتهه رسي سردار قيدي کربلا مظلوم جا سر کهليا ماتام کندا جڏه شام ڏي رئندا هليا تهي پچهيو جهه کهه که بيوارث آهن کهه سندا ان تهي چو آهيون مديني جا مسافر مبتلا
(دستخط مرثيه ثابت علي شاهه)
اڄوڪي سنڌي صورتخطيءَ ۾ مٿين عبارت جيڪر هيئن لکجي:
ساٿ ري سردار قيدي ڪربلا مظلوم جا سر کليا ماتم ڪندا جڏهن شام ڏي رئندا هليا ٿي پڇيو جنهن ڪنهن ڪ هي بيوارث آهن ڪنهن سندا
ان ٿي چيو آهيون مديني جا مسافر مبتلا.
عربي صورتخطي ۾ لکيل سنڌي کان پارسي صورتخطي ۾ لکيل سنڌي پڙهڻ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي هئي.
انگريزي سرڪار جي حڪومت کان اڳ گهڻي وقت لاڪر وقت جي حاڪمن وٽ سموري، لکپڙهه پارسي ۾ هلندي هئي، تنهن ڪري انهن حاڪمن خاص سنڌي صورتخطي مقرر ڪرڻ جي ڪجهه ضرورت ڪانه ڄاتي. انهي ڪري مسلمان پڙهيل ماڻهو پنهنجي سنڌي ٻولي وارا خيال مٿئين نموني سان پيا لکندا ۽ ظاهر ڪندا هوا ۽ سنسڪرت، ديوناگري ۽ هندو سنڌي صورتخطي ڪم آڻيندڙ پنهنجي سنڌي ٻولي لکندي عربي ۽ پارسي لفظن جون بگڙيل ۽ اڻ پوريون صورتون پيا ڪم آڻيندا هئا.
سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿيڻ کان پوءِ به سرڪاري لکپڙه پارسيءَ ۾ پيئي هلندي هئي. اٺن ورهين کان پوءِ سنه 1851ع ۾ سربارٽل فريئر صاحب سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿي آيو، تنهن يورپي عملدارن کي حڪم ڏنو ته سنڌي ٻولي سکو ۽ ان ۾ امتحان پاس ڪريو، ته اوهين ديسي ماڻهن کان حال احوال به وٺي سگهو ۽ سرڪار کان خاص الائونس به حاصل ڪري سگهو.
يورپي عملدار سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ تيار ٿيا، پر سنڌي ٻولي جي ڪابه خاص مقرر ٿيل صورتخطي ڪانه هئي، نڪو اسلامي لٽريچر کان سواءِ ٻيو ڪو لٽريچر ئي موجود هو. ان وقت جي يورپي عملدارن ۾ ڪي عربي، پارسي ۽ سنسڪرت جا ماهر هئا. انهن مان ڪي جهونا نظم هٿ ڪرڻ ۾ لڳا، ته ڪي سنڌي گرامر ٺاهڻ ۾، ڪي سنڌي ڊڪشنري ٺاهڻ ۾ مشغول ٿيا ته ڪي ترجمن ڥڎإیڼ ۾. ٽرمپ صاحب شاه جو رسالو هٿ ڪري گورنمينٽ آف انڊيا جي خرچ سان جرمني جي ليپزگ شهر ۾ ڇپائي سنڌ ۾ آندو. پر ان وقت سنڌي ٻولي جي نج آوازن ڏيکارڻ لاءِ ڪي مقرر ٿيل صورتون نه هيون، تنهنڪري ٽرمپ صاحب واري رسالي ۾ انهن لاءِ اهڙيون نراليون ۽ عجيب جڙتو صورتون ڪم آنديون ويئون آهن جو اڄ ڪلهه جا سنڌي ته اُن ٽرمپ صاحب جي رسالي جي عبارت پڙهي به نٿا سگهن مثال:
(1) ٻانهين سجاٺي پاٺ، پاٺ کر پاٺ لهي.
(2) سر ڏهونڏيان دهڙ نه لهن، دهڙ
ڏهونڏيان سر ناهه
(3) مون ايٿهي هليا، بندر جي تڙن
اڄوڪي سنڌي صورتخطي ۾ جيڪر مٿين عبارت هن طرح لکجي:
(1) پاڻهي سڃاڻي پاڻ، پاڻ ڪري پاڻ لهي
(2) سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونيانڍ
سر ناهه
(3) مون ابيلي هليا، بندر جي تڙن.
ان وقت سر بارٽل فريئر صاحب کي مٿان حڪم آيو، ته جيئن ٻين ملڪن ۾ سرڪاري لکپڙهه اتي جي ديسي ٻولين ۾ هلي ٿي، تئن آئينده سنڌ ۾ به سرڪاري دفتر سنڌي ٻولي ۾ هلڻ گهرجي. پر جنهن صورت ۾ اڳ ڪابه اهڙي سنڌي آئيويٽا (الف _ بي) مقرر ٿيل ڪانه هئي، جنهن جي وسيلي سنڌي ٻولي جا نج آواز به ڪنهن خاص مقرر ٿيل صورت ۾ ڪم اچن، تنهن صورت ۾ سربارٽل فريئر صاحب سنه 1853ع ۾ پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس صاحب (جنهن جي هٿ ۾ تعليم کاتي جون واڳون هيون) جي زير صدارت هڪڙي پڙهيلن ماڻهن جي ڪميٽي مقرر ڪئي، جنهن جا هيٺيان ميمبر هئا:
1) راءِ بهادر نارائن جگنناٿ، جنهن جي نالي ڪراچي جو هاءِ اسڪول ٿو سڏجي .
2) ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي
3) ديوان پرڀداس انندرام رامچنداڻي حيدرآبادي
4) ديوان اُڌارام ٿانور داس ميرچنداڻي حيدرآبادي
5) خان بهادر ميرزا صادق علي بيگ مرحوم حيدرآبادي
6) ميان محمد (پوءِ نارمل اسڪول جو ماستر)
7) قاضي غلام علي ٺٽي جو ويٺل
8) ميان غلام حسين ٺٽي جو ويٺل.
سنڌي صورتخطي مقرر ٿيڻ تي گهڻو بحث هليو. ڪن زور ڀريو، ته اهڙي آئيويٽا ٺاهجي، جنهنڪري 1 ۽ ع جي بدران يڪو حرف ڪم اچي. اهڙي طرح ت ۽ ط؛ ث، س ۽ ص؛ ح ۽ هه؛ ز، ذ، ض ۽ ظ؛ ڪ ۽ ق جي بدران يڪو آواز پيدا ڪندڙ اکر مقرر ڪجي. باقي جيڪي نج سنڌي آواز آهن، تن جي لاءِ نشانيون مقرر ڪجن. اهڙي زور ڀريندڙن جي راءِ هيٺين سببن ڪري رد ڪئي ويئي:
(1) سنڌي ٻولي اڳيئي عربي صورتخطي ۾ لکڻ ۾ پيئي اچي، تنهنڪري باقي فقط نج سنڌي آواز ڏيکاريندڙ حرفن لاءِ صورتون مقرر ڪجن.
(2) سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسي لفظ گڏجي ويا آهن. جيڪڏهن عربي حرفن جون صورتون مٽائي ڇڏبيون ته پوءِ لفطن جي صحيح معنيٰ ۽ اصليت بلڪل گم ٿي ويندي. عربي ۽ پاسي حرفن کي اصلوڪي صورت ۾ قائم رکڻ ڪري اهڙي مونجهه پيدا نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته عربي ۽ پارسي ٻولين جون نهايت ڠڶڈۑۆڷ ڊڪشنريون ( لغاتون) موجود آهن.
(3) مسلمانن جا ٻار هينئر پنهنجا عربي حرفن گڏيل نالا درست ۽ با معنيٰ لکي سگهن ٿا. جيڪڏهن سنڌي آئيويٽا مان عربي حرف ڪڍي ڇڏبا، ته به مسلمان پنهنجو لاڳاپو عربي ۽ پارسي سان ڇڏي ڪين سگهندا. پوءِ مشڪلات هيءَ پيدا ٿيندي جو مثلاً هڪڙي ڇوڪري جو نالو آهي ”محفوظ علي“، هاڻي جيڪڏهن سنڌي آئيويٽا مان عربي حرفن جون صورتون ڪڍي ڇڏبيون، جێ صۆ٭ هت پوءِ ان ڇوڪر کي اسڪول ۾ پنهنجو نالو (مثال خاطر) ”مهفوز الي“ لکڻ سيکاريندا، پر ان جا مائٽ ڪڏهن ڪين پسند ڪندا، ته هڪڙو با معنيٰ ۽ درست نالو بلڪل بي معنيٰ ۽ غلط صورت ۾ ٻار کي سکڻ ڏين.
(4) سترهين صديءَ جي وچ کان وٺي هن وقت تائين مسلمانن عربي صورتخطي ۾ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جو تمام چڱو لٽريچر موجود ڪيو آهي. جيڪڏهن هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا مان عربي حرفن جون صورتون ڪڍي ڇڏبيون، ته اهو ٻن اڍائي سون ورهن جو لٽريچر مسلمانن جي آئيندي نسل لاءِ بلڪل بيڪار ٿي پوندو.
(5) ايشيا جي وڏين وڏين حڪومتن، مصر ۽ زنجيبار وغيره هنڌن سرڪاري دفتري لاءِ جا صورتخطي مقرر ٿيل آهي سا يا ته عربي ۽ پارسي آهي يا انهن سان مشابهت رکندڙ آهي تنهنڪري سنڌي صورتخطي به عربي نموني تي قائم رکڻ گهرجي.
سر بارٽل فريئر صاحب انهي بحث مباحثي ٻڌڻ ۽ فيصلي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ايلس صاحب سان ٻيا به ٻه چار يورپي عملدار همراه ڪيا. آخر سڀني يڪراءِ سنڌي ٻولي لاءِ عربي صورتخطي قائم رکي ۽ نج سنڌي آوازن ڏيکارڻ لاءِ نوان حرف مقرر ڪيائون:_
انهي ڪميٽي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهائي آئيويٽا مقرر ڪئي، جا اڄ تائين قائم آهي. عربي آئيويٽا ۾ اٺاويهه حرف هئا:_ ا ب ت ث ج ح خ د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ل م ن و هه ي.
اشارو _ ۽ (همزهِ ۽ لا کي جدا حرف نٿو ڳڻيو وڃي، ڇاڪاڻ جو ۽ هڪڙي صورت آهي الف جي ۽ لا ملاوت آهي لام ۽ الف جي.
انهن اٺاويهن حرفن ۾ ٽي حرف وري پارسي صورتخطي جا شامل ٿيا:_ (1) پ (2) ڇ (3) گ _ ويهه حرف نج سنڌي آوازن ڏيکارڻ وارا شامل ڪيائون، ته هاڻوڪي عربي سنڌي آئيويٽا هن طرح اچي بيٺي:_
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ که گه ڳه گهه ڱه ل م ن ڻ و هه عه ي.
سنه 1854ع کان وٺي سنڌي نظم ۽ نثر جا ڪتاب انهي آئيويٽا ۾ لکجڻ لڳا. مگر سنڌي لفطن جي گراميٽيڪل ملاوتن ۽ صورتن بابت ڪوبه فيصلو ڪونه ٿيو هو، تنهنڪري جيتوڻيڪ آئيويٽا نئين ڪم ۾ اچڻ لڳي پر لفطن جي گڏيل آوازن ۽ گراميٽيڪل ملاوٽن لکڻ لاءِ سڀڪو پنهنجي سر اختيار وارو هو. خود تعليم کاتي جي اوائلي ڪتابن ۾ به جدا جد ا نمونن سان لفظن جون ملاوٽون لکڻ ۾ اينديون هيون. مثلاً
(1) ڪيڏانهن کي ڪيڏهه، ڪيڏنهن، ڪيڏانهه پيا لکندا هئا.
(2) جنهن کي جهه، جنهه، جنهن پيا لکندا هئا.
(3) اسين کي اس
(4) مون کي من
(5) چڱيون کي چڱي وغيره وغيره
جڏهن سنه 1888ع ۾ جيڪب صاحب سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿي آيو، تڏهن ان صاحب جهڙو اسڪولن جي تعليم کي سڌاريو ۽ وڌايو، تهڙو عربي سنڌي صورتخطي کي سڌاريائين. هن صاحب وڏا ڊايا گرام تيار ڪرايا، جن ۾ جيڪي جيڪي سنڌي لفط جدا جدا صورتن ۾ لکڻ ۾ ايندا هئا، سي سڀ داخل ڪرائي انهن جون يڪيون صورتون مقرر ڪيائين، جي اڄ تائين سنڌي نثر يا نظم جي ڪتابن ۾ ڪم پييون اچن. جيڪب صاحب اهي درست ڵڢڟڷ وارا ڊايا گرام پنهنجي صحيح سان ڇاپائي، وڏين دفترين تي چنبڙائي، سنڌ جي هرهڪ اسڪول ۾ موڪلي ڏنا هوا.اهڙي طرح بيهڪ جي نشانين بابت جدا جدا ڊايا گرام ڇاپارائي اسڪولن ۾ رکارائين.
جيڪب صاحب واري سڌاريل صورتخطي ۾ اڃا به علم دوستن کي ڪي خاميون نظر آيون. مثلاً: فعلي صورتن يا ٻين ڪن لفطن ۾ ٻه زيرون ۽ ٻه پيشون ڪم پييون اينديون هيون، جئن ته: ڪياءءَ، چياءُ جيستاءِ ۽ وغيره؛_ اهڙي طرح ڪن لفظن جون صورتون اڃا به جدا جدا پييون لکبيون هيون:_ مثلا ڪرف، ڪفل، ڪلف؛ ڪئنچي قئنچي؛ چاڪ (تندرستي)، چاق؛ چاڪو، چاقو؛ وغيره
تنهنڪري سنه 1915ع ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب بهادر سنڌ جي زير صدارت حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهيلن ماڻهن جي ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن ۾ خاص طرح ڪم ڪندڙ خان بهادر ميرزا قليچ بيگ صاحب مرحوم هو. انهي ڪميٽي لفطن جي هڪ وڏي ياداشت تيار ڪئي، جي جدا جدا نمونن ۾ يا غلط نمون ۾ پيا لکبا هئا.
انهن لفظن جون درست صورت واريون ياداشتون اخبار تعليم ماه مئي سنه 1915ع ۽ جون سنه 1910ع ۾ ڇاپايون ويون هيون
جئن ته اخبار تعليم جو واسطو خاص ڪري سنڌي اسڪون جي ماسترن ۽ تعليم کاتي جي عملدارن سان آهي، جن مان ڪيترا ته اخبار تعليم کي دلچسپي سان ڪين پڙهندا آهن، تنهنڪري اُهي درست لفطن جون ياداشتون سنڌي جي عام شاعرن ۽ مصنفن جي ڌيان تي ئي آيل ڪينهن.
ٽريننگ ڪاليج مان صفا ۽ هاءِ اسڪولن مان گهڻي قدر پارسي تعليم نڪري وڃڻ ڪري اڄ عربي سنڌي صورتخطي گهڻي قدر غلط لکڻ ۾ پيئي اچي. ڪيتريون ئي اخبارون ۽ ڪتاب جي گهڻي انداز ۾ پيا ڇاپين، تن ۾ عربي سنڌي صورتخطي جي مٽي پليت ٿيندي ڏسي ڏاڍو ارمان ٿئي ٿو
جيڪڏهن ملا اسڪولن ۾، ٽريننگ ڪاليج ۾ هاءِ اسڪولن ۾ نئين سر پارسي تعليم قائم رکڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو، ته پوءِ ڪنهن مدت بعد عربي سنڌي صورتخطي جي درست صورت بلڪل نابود ٿي وڃي جێ شڪ ڪونهي.