Video

سنڌي ٻولي دنيا جي سڌريل ٻولين مان هڪ آهي: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

سڌريل ٻولي ڇاکي چئبو آهي؟ تنهن بابت مختصر طرح اوهانجي اڳيان عرض ڪريان ٿو. سڌريل ٻولي انهيءَ کي چئبو آهي جنهن جو نظم ۽ نثر علم ادب جي ڪسوٽي تي پاڻ کي پرکائي سچي سرن وانگر سچا ثابت ٿين. سڌريل ٻولي پنهنجي رنگه ۽ رونق حسن ۽ جمال سونهن ۽ سوڀيا مزي ۽ ميٺاج لطف ۽ لذت فصاحت ۽ بلاغت لفظن ۽ معنائن تشبيهن ۽ استعارن اصطلاحن ۽ محاورن پڻ اهڙين ٻين صفتن ۽ خوبين ۾ پاڻ کي وڻائيندڙ ۽ پاڻ ڏي ڇڪيندڙ هوندي آهي. سڌريل ٻولي ۾ دنيا جي هر ڪنهن شي جا نالا ۽ هر ڪنهن معنيٰ جا لفظ موجود هوندا آهن هڪ معنيٰ لاءِ گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جون گهڻيون معنائون به سڌريل ٻولي ۾ ئي هونديون آهن هم قافيه يا ٽڪ ڀائي لفظ به سڌريل ٻولي ۾ جهجها هوندا آهن ته نظم لکڻ مهل تنگي نه ٿئي سڌريل ٻولي ۾ هي به لياقت هوندي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن معنيٰ لاءِ وٽس ڪو لفظ نه هوندو ته پنهنجي برادري يعني دنيا جي ٻين سڌريل ٻولين مان اهڙي معنيٰ واري لفظ کي پاڻ ڏي ڇڪي هن کي پنهنجي گهر جو ڀاتي بنائي ڇڏيندي آهي. جيئن جيئن دنيا ۾ علم ۽ هنر پيا نڪرندا. سائنس جا ايجاد پيا ٿيندا. نيون نيون شيون پيون معلوم ٿينديون _ نوان نوان اصطلاح پيا گهڙبا. تيئن تيئن سڌريل زبان اهڙن علمن ۽ هنرن يا اهڙن ايجادن ۽ اصطلاحن جي معنائن لاءِ پنهنجا لفط پيش پئي ڪندي. پر جيڪڏهن اهڙو مال وٽس موجود نه هوندو ته بنا ڪنهن اٽڪ يا هٽڪ جي ڪنهن به سڌريل ملڪ ۽ ادبي ڪاريگرن جي ڪارخانن ڶإڷ ۆسۑ ڪم پورو ڪري وقت ٽپائي ڇڏيندي. سڌريل زبان جي حرفن ۽ لفظن جا آواز جانوري آوازن جهڙا هرگز نه هوندا. بلڪ اهڙا هوندا جن مان سريلپڻو ۽ سلوڻائي پئي بکندي. سڌريل زبان ۾ هلڪا لفظ گهڻا ۽ ڳرا گهڻو گهٽ هوندا آهن. ڳرا لفظ فصاحت جي فن جي بڎكڵإڢ آێڷ. ښډڎۑڵ ڐبإڷ ۾ صێإڥإ ڶشإڵ بێ ڤڈڎج ضۑ نظارن ۽ انقلابن موجب _ ملڪ جي رسمن ۽ رواجن پٽاندر. ماڻهن جي طبعيتن ۽ سڀائن موافق جهجها هوندا آهن. اهي پهاڪا ئي آهن، جنکي ساهت جو ساه ۽ ادب جي جان چئي سگهجي ٿو. سر حرفي ۽ آخر حرفي جنهن زبان ۾ جهجهي موجود هجي اُها سڌريل زبان چئبي ۽ اُها زبان پاڻ کي سينگاري سڻهو بنائي سگهي ٿي. دنيا جون سڌريل زبانون ئي آهن، جن مان انسانيڪو ڀيد يا علمن ۽ فنن جو مخزن موجود ڪري سگهجي ٿو. سڌريل زبانن ۾ صرف جا قاعدا ۽ نحو جا قانون قدرت جي طرفان ئي مقرر ٿيل ڏسبا آهن. تنهن کان سواءِ علم بديع ۽ بيان يعني علم معاني _معنائن جو علم) جو خزانو به منجهس خوب ڀرپور هوندو آهي. سڌريل زبان جو مالڪ نه فقط پنهنجا جذبا، بلڪ پاڻ کان سواءِ ٻين جا جذبا به _ نه فقط ٿلها ٿلها جذبا، بلڪ سنهي ۾ سنهان جذبا به بيان ڪري سگهي ٿو. جذبن جو اظهار لفظن ۾ ڪو سولو ڪم نه آهي. جيڪي اکين سان نه ڏسي سگهجي ٿو، سو ٻئي کي ڏيکاري سگهجي ٿو. پر جيڪي اکين سان ڏسڻ ناممڪن آهي تنهن جو چٽ چٽي پيش ڪرڻ ۽ اهڙي طرح پيش ڪرڻ جو اُها نامعلوم حالت خود ٻڌندڙ ۾ پيدا ٿي وڃي، وڏو مشڪل ڪم آهي. اهو مشڪل به سڌريل زبان آسان بنائي سگهي ٿي. قدرت جي هر هڪ ڪشش تي سڌريل زبان قبضو ڪري سگهي ٿي. دنيا ۾ جيڪي موجود آهي سو سڌريل زبان جي ضابطه کان ٻاهر نه آهي. سڌريل ٻولي جهڙي عالم جي رفيقياڻي آهي تهڙي جاهل ۽ اڻ پڙهيل جي رهبر. هڪڙو عالم سڌريل زبان جي وسيلي سان جيڪڏهن علم جا بيشمار نڪتا ۽ ڪماليت جا بي انداز راز خاص انداز ۾ هڪ طرف عالمن جي اڳيان ظاهر ڪري سگهي ٿو ته ٻئي طرف ٻئي نمونه ۽ ٻئي انداز ۾ ڪي عام حقيقتون عام لوڪن کي به سمجهائي سگهي ٿو. سڌريل ٻولي هر حالت ۾ هن سان همراه ۽ مددگار رهي ٿي. مٿئين بيان معلوم ڪرڻ کان پوءِ اوهين جاچي ڏسندا ته پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ اهي سڀ گڻ گهڻا يا ٿورا برابر موجود آهن. سنڌي هڪ سهڻي ۽ سندر، سلوڻي ۽ سولي ٻولي آهي. منجهس هڪ معنيٰ جا گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جون گهڻيون معنائون موجود آهن. منجهس جذبن جي اظهار جا آوزار ۽ اسباب به چڱا چوکا پسجن ٿا. منجهس چقمق واري ڪشش به آهي جو ڌارين لفظن کي ڇڪيو پنهنجو بنايو ڇڏي. ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي قرب واري ڪشش سان اهڙو ته پنهنجو ڪريو ڇڏي جو هو پنهنجا مائٽ ۽ پنهنجو وطن به وساريو ڇڏين. سنڌي صلح پسند ۽ صالح زبان آهي هن آس پاس ۽ آڙي پاڙي سان هميشه چڱو رهايو ۽ سهڻو سلوڪ رکيو آهي. سندس وڏا ۽ ويجها پاڙيسري ايران ۽ عربستان آهن ۽ پرانهون پاڙيسري ترڪستان ۽ مغلاڻو ملڪ آهي. اهوئي سبب آهي جو منجهس عربي پارسي ۽ ترڪي لفظ بيشمار ڀريل آهن ۽ اهڙي طرح ڀريل آهن جي سڃاڻڻ ۾ ئي نٿا اچن ته هي ڪي ڌاريا آهن. اچارن ۽ آوازن سميت هو صفا سنڌي ٿي ويا آهن. آءُ اوهانکي مثال طور اهڙا ڪي ٿورا نمونا ٻڌايان ٿو جن کي ٻڌي اوهين اچرج ۽ عجب ۾ پئجي ويندو ۽ چوندو ته ڇا هي لفظ سچ پچ غير سنڌي ۽ ڌاريا آهن؟ عربي مان صفا سنڌي ٿيل ڪي لفظ اجهي هي ٻڌو. ڪاتي قاتح بدڙي بدره صۆڵۑ ٿيلهو جڵێ موري موري موري مودي، گهڻو غنو ڪوب ڪوب، قلف قفل، اجرڪ اذرق، درزي خميس قميس واڻيو بڪال بقال ۽ حۆڶ بصر بصل، ښٔح سطر، گاشو غا شبيه پارسي لفظن جا مثال: اسپنگر اسفول جليبي، زلابي، سڳڻ شگون ملم مرهم، کيس خيش داکه تاکه بيگر بيگار استر آشتر صإڦۑ صإڦۑ شنب شم. ترڪي لفظن جا مثال: اوطاق قينچي چاق چاقو، حقيقت چونو چلمچي قلي ڪولي بورچي باورچن پر هاڻي ڪيترن ئي انگريزي لفظن کي به پاڻ وٽ آڻي اهڙو ته پنهنجو بنائي ڇڏيو اٿس جو پڙهيل اڻپڙهيل هڪ جهڙو چون ۽ ڳالهائين ٿا. جهڙي طرح هيٺيان ٿورا لفظ مثال طور ڄاڻايان ٿو. اسٽيشن ريل ٽڪيٽ اسڪول ماستر مارڪيٽ ڪيس ڪورٽ پوسٽ آفيس اسٽانمپ مينيجر مئجسٽريٽ جج ڊپٽي ڪليڪٽر ڪمشنر گورنر جي ڊگري بينڪ سوسائٽي باٽلي گلاس ٽوال، واچ، ڪوٽ بوٽ، سليپر، ڊاڪٽر، اسپتال نوٽ، ووٽ، ڪونسل، لوفر پليگه لالٽين. سنڌي ٻولي هڙون جۆڏۑ وڙوون اوهان لاءِ گهڻي قدر اُهو سڀ ڪجهه موجود ڪيو آهي جو دنيا جي سڌريل زبانن ۾ موجود آهي. منجهس نظم به آهي ۽ نثر به. سنديس نظم ۾ جيڪڏهن عاشقن جون آهون ۽ زاريون موجود آهن جي اوهانجن ڪنن مان گهڙي اوهانجين دلين ۾ درد پيدا ڪن ٿيون ته قدرتي ڷڟإڎڷ ۽ نمائن جي بيان ڪرڻ سان به سنڌي جي نظم اوهانجي توجه کي قادر جي قدرت ڏانهن ۽ اوهانجي ڌيان کي زماني جي انقلابين ڏانهن ڇڪائي ٿي. دل جي اُمنگن ۽ جذبن کي اندرين فضا مان ڪڍي ٻاهرين فضا ۾ آڻي باطن کي ظاهر ۽ ظاهر کي باطن بنائڻ لاءِ به سنڌي ۾ پوري پوري طاقت ۽ لياقت آهي. روحاني روشني ۽ جسماني جوت اسان اوهان جي آڏو پکيڙي ڇڏڻ واري برقي طاقت به سنڌي ۾ واه جا موجود آهي. آءُ اوهانجي آڏو هن بابت گهڻو ۆښجإڎ ڪونه ڪندس پر مختصر طرح اوهانجي ۽ دنيا جي ڌيان تي آڻڻ گهران ٿو ته سنڌي ۾ به اُها مڻيا ۽ مهما موجود آهي. جنهنجي ضرورت هن ڳالهائيندڙ زبان ۽ هن ٻڌندڙ ڪنن کي هوندي آهي. اجهو شاه ڀٽائي جو ڪلام ڏسو ۽ ٻڌو کڻي ته اهڙي ڪمال ۽ جمال سان ڀريو پيو آهي شاه لطيف جو ڪلام سنڌي جي سوادي ۽ سلوڻي لطيف ۽ لذيذ هجڻ لاءِ زبردست ثابتي آهي. شاه جن ڪلام ۾ نه فقط مصنوي خوبيون آهن بلڪ لفطن لطافتن سان به حد سينگاريل آهي. منجهس هڪ اهڙي قوت رکيل آهي جنهنجي ڪري ٻڌڻ شرط سڀني انساني حواسن تي هڪ ئي وقت ۾ هڪ جهڙو اثر ٿيڻ لڳي ٿو. ڪنن ۾ ڪن ڏئي ٻڌڻ جي بي اختيار ڪش، دل ۾ بي اختيار اثر قبول ڪرڻ جو جذبو ۽ اثر. اکين ۾ خوشي يا غم جي پاڻي جي لهر. بدن جي ڵڷۇ ڵڷۇ ۾ ڪانڊار. اهي حالتون ۽ حقيقتون جن شاه جو ڪلام ٻڌو ۽ پڙهيو هوندو تنهن کان ڳجهون ڪينهن. جيڪڏهن امرتسر پنجاب ۾ گرو نانڪ صاحب جن جي ڪلام دلين تي قبضو ڪري لکن جا من موهي ڇڏيا آهن ۽ روحانيت جي پياسين کي پنهنجي ڪلام جو امرت جل پياري دل جي سڷڋڥ بخشي ڇڏي آهي ته سنڌ ۾ شاه جو ڪلام به هندو مسلمان جو ڀيد ڀلارائي سڀني کي پاڻ تي ڇڪن ڪري ڇڏيو آهي ۽ لکن کي باطني فيض جي آب حيات سان زنده دل بنائي وڌو. مگر افسوس ۽ شرمندگي سان اقرار ڪرڻو ٿو پوي ته جيئن دنيا جي سڌريل ٻولين جي عالمن پنهنجين ٻولين جي خذمت چاڪري ڪري ان کي ملڪن ۾ چمڪايو آهي تيئن سنڌي زبان جي عالمن پنهنجي زبان۽ پنهنجي ساهت جي ڪابه شاندار خذمت ڪانه ڪئي آهي. جيڪڏهن هيڏي ساري وڏي پرڳڻي ۽ ههڙي شاندار زبان جي واڌاري لاءِ مرحوم شمس العلما مرزا قليچ بيگه صاحب جن جو وجود مسعود موجود ٿيو ته مرزا صاحب جن جي همت ۽ خذمت کي ساراهيندي ٻين علم وارن ۽ علم دوستن تان ميار جو بار ڪونه لاهي ڇڏيو. جيڪڏهن هڪ طرف سنڌي ساهت جي واڌاري لاءِ مرحوم مرزا صاحب جهڙا مرد پيدا ٿيا ته ٻئي طرف سنڌي ساهت جي واڌاري لاءِ به ڪي شمس العلما٪ ثاني پيدا ٿيڻ گهربا هوا. جڏي سڏي صرف ۽ نحو ٺاهي سمجهيو ويو آهي ته سنڌي جي خذمت ٿي چڪي. سنڌي جي صرف ۽ نحو عربي زبان مان ڪاپي ڪئي ويئي آهي. اسم فعل حرف ماضي مضارع مستقبل امرنهي جمع واحد مذڪر مونث حاضر غائب متڪلم ضمير اسم اشارو آهي ۽ اهڙا ٻيا صرفي ۽ نحوي لفظ ۽ اصطلاح سڀ عربي زبان جا آهن. مگر ڏسجي ٿو ته اهي تیۑ علم به سنڌي ۾ ڳچ قدر ناقص ۽ غلط آهن. هي موقعو نه آهي جو آءٌ اهڙين ڳالهين جو ويهي تفصيل ڪريان، پر آءُ ايترو ضرور چوندس ته پنهنجي سهڻي ۽ من مهڻي سنڌي جي ساهت ۽ ادب جي اسان ڪابه جڳائيندڙ خذمت ۽ ڪوبه سهائيندڙ سڌارو ڪونه ڪيو آهي. اردو زبان، عربي پارسي ترڪي ۽ هندي جي مجموعه جو نالو آهي. اردو ڄاڻندڙ ڄاڻن ٿا ته اردو ۾ جا خوبي ۽ لياقت آهي سا گهڻو ڪري عربي ۽ پارسي جي ميلاپ سببان ئي آهي. مگر جاچي ڏسبو ته اردو ۽ سنڌيءَ ۾ هڪڙو اهڙو فرق موجود آهي جو سنڌيءَ کي اردو کان به ڪجهه وڌيڪ فائق بنائي ٿو. اهو فرق هي آهي ته اردو عربي ۽ پارسي جي مدد سان جيڪا صورت اختيار ڪئي آهي تنهنکي گهڻو وقت ڪونه گذريو آهي ۽ جيڪي عربي ۽ پارسي لفظ منجهس، داخل ٿيا آهن سي گهڻو ڪري پنهنجي اصلوڪن صورت ۾ ئي موجود آهن. جيڪڏهن ڪجهه ٿوري ڦير ڦار ٿيل آهي ته تمام ڪن ٿورن لفظن ۾ ٿيل آهي. مگر هزار ورهين جي وقت کان به وڌيڪ وقت گذريو آهي جو سنڌي ۾ عربي ۽ پارسي جي ملاوٽ ٿيل آهي. جنهن سنڌيءَ کي گهڻي هٿي ڏني آهي. عربي ۽ پارسي جي ملاوت سنڌي کي شاهي زبان بنايو آهي. تنهنکانسواءِ خود سنڌي پنهنجي ”قُوت موثره“ يعني ٻئي تي اثر وجهڻ واري قوت سان ڪيترن ئي عربي پارسي ۽ ترڪي لفظن ۾ ڦير ڦار ڪري هنن کي پنهنجو بنائي ڇڏيو آهي، جنجا مختصر مثال مٿي ڏنا اٿم. عربي ۽ پارسي ۾ به ڏٺو ويو آهي ته اوهائي طاقت آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ڌارين ٻولين جي لفطن ۾ ڦير ڦار ڪري پنهنجو بنائي ڇڏينديون آهن. انهي طاقت جي استعمال کي تفصيل جي وزن تي تعريب تفريس تهنيد ۽ تسنيد چئبو آهي. جيڪڏهن عربي زبان ڪنهن ڌارين لفظن کي پنهنجو بنايو ته انهي کي معرِب چئبو فارسي ۾ ڦير ڦار ڪيل ڌارئين ڵڢڟڷ کي منعرس هنديءَ ۾ ڌارئين ڦيرايل کي مهند ۽ سنڌيءَ ۾ اهڙي آندل لفظ کي مسند چئبو آهي. آءٌ انهي پنهنجي بنائڻ واري طاقت جي تعريف ڪندي به اردو جي اهڙي حالت کي بي طاقتي نٿو سڏيان بلڪ اها سنديس امانت داري ۽ پاڪيزگي ڄاڻان ٿو. اردو زبان اهڙي ڦير ڦار کي پرائي امانت ۾ خيانت ۽ پرائي مال ۾ ناجائز دست اندازي سمجهي ٿي. انهي ڪري هو امانت کي سلامت رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پر سنڌي ٻولي اهڙي ڦير ڦار کي پنهنجي محبت ۽ قرب جي نشاني ڄاڻي ٿي، جو ډإڎۑڷ کي پيار سان پنهنجو بنائي وجهي ٿي. مگر هي نهايت ناجائز ڳالهه آهي جو ڪي سنڌي ڳالهائيندڙ ڌارين لفظن ۾ واجبي ڦير ڦار کان وڌيڪ پنهنجي ڳالهائڻ سان اهڙي ڦير ڦار ڪن ٿا، جا ڟڵڶ جي حد کي وڃي پهچي ٿي. جهڙي طرح ڪي اڻ پڙهيل سنڌي همراه کي هر ماه مرحوم کي محروم محتاج کي موٿاج سير کي شير كڎ کي کر موسم کي موسوم بندوق کي دنبوق يا دنبوخ گلاب کي غلاب ڪاغذ کي ڪاڳر برابر کي بروبر ويران کي بيران مسخري کي مشڪري شڪر کي شخر چوندا آهن. انهن ۽ اهڙن لفظن کي ساهت يا علم ادب ۾ ڪا جاءِ ڪانهي. ڇو ته اهي ڦيريون ڦاريون جهنگلي يا اڻ پڙهيل ماڻهن جون آهن، جي پڙهيل ۽ سڌريل سنڌين جي زبان تي ڪڏهن ڪين اينديون. پڙهيل سنڌي ڪڏهن ڪين بندوق کي دنبوق همراه کي هر ماه مرحوم کي محروم موسم کي موسوم محتاج کي موٿاج يا شڪر کي شخر چوندو. جيڪڏهن اهڙين جهنگلي ڦيرين ڦارين کي ڪو مصنف يا مضمون نويس ڪم ۾ آڻيندو ته اُهو وڏي غلطي ڪندو. اهڙي غلطي ڪڏهن به صحيح نٿي ٿي سگهي، نڪي اهڙي مصنف جو اهو ڪم ٻين لاءِ سندر ٿي سگهي ٿو. هاڻ ڪي ڌاريا لفظ اهڙا آهن جي پڙهيلن ۽ اڻ پڙهيلن جي زبان تي هڪ جهڙا چالو آهن ته اُهي انهي طرح چئبا ۽ لکبا بلڪ اهڙن لفظن کي صحيح ڪري لکڻ صحيح ڪين چئبو. جهڙي طرح کيسي کي ڪيسو صوف کي سيب پلاڻ کي پالان ڪافي کي قوافي ٿوم کي ڤۆڶ بصر کي بصل ڧێۆجۑ کي ڡۆڛۆ گاشي کي غاشيو گهڻي کي غنو شلوار سرابيل ڇٽي کي ڇتري ڪئي کي قوعو مک کي مخ مياڼ کي نيام ٽهه ٽهه کي قهه قهه اڱر کي اخگر پڙ کي پرهه ڌام ڌوم کي دمدم بخشڻ کي بشڪڻ خاص کي کاش فصل کي ڦصل زبردستي کي جبردستي نه لکبو ۽ نه چئبو آهي ۽ اهڙا لفظ پڙهيلن ۽ اڻ پڙهيلن جي وچ ۾ عام جام اهڙي طرح ئي چالو ۽ مشهور آهن، جهڙي طرح صورت وٺي بيٺا آهن. انهي ڪري ڳالهائبا ۽ لکبا به انهي ئي طرح. ساڳي طرح جيڪي سنڌي لفظ سنسڪرت مان آيل ڦري گهري ڪا خاص صورت وٺي چڪا آهن ته اُهي به انهي طرح ئي ڳالهائبا ۽ لکبا، جهڙيءَ طرح صورت وٺي چڪا آهن. جئين ته چندر مان چنڊ جڳتر مان جڳه سورج مان سج پرنتو مان پر نيتر مان نيڻ مستڪ مان مٿو. اِهي ۽ اهڙا لفظ جيڪڏهن اصلوڪي صورت ۾ آڻي ڪم آڻبا ته سنڌي ڪين چئبا بلڪ عربي، پارسي يا سنسڪرت چئبا. جيڪڏهن مسلمان اهڙي ڦير ڦار سان چالو ٿيل لفطن کي عربي يا پارسي واري اصلوڪي صورت ۾ ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪندا يا هندو اهڙن لفظن کي سنسڪرت واري پراڻي شڪل ۾ ڪم آڻڻ تي زور ڀريندا ته صاف چوڻو پوندو ته هو ادب ۽ ساهت جا گهڻ گهرا ۽ حامي نه آهن. هاڻي آءٌ ڪن ٿورين چالو غلطين ڏانهن اشارو ڪريان ٿو جي عام طرح ڏسڻا وائسڻا ماڻهو ۽ مصنف ڳالهائيندي ۽ کلندي ڪندا رهن ٿا. مگر انهن ڏانهن ڪو ڌيان ڪونه ڏنو اٿن. مثال لاءِ؛ 1. اسم جمع جي صفت مقدم به جمع ڪري آڻيندا آهن جيئن ته چوندا آهن. پڙهيلن ماڻهن ويندڙن مسافرن مسلمانن دوستن هندن ڀائرن لائقن إڷښإڷڷ انهي طرح صحيح نه آهي. صحيح آهي پڙهيل ماڻهن ويندڙ مسافرن مسلمان دوست هندو ڀائرن لائق انسانن. 2. اهڙي طرح اسانجا ڪيترائي منصف يا مضمون نويس اڪثر ”ڪيترا ۽ ڪيترن انهن ٻنهي سوالن جي حرفن کي جڏهن چار گهڻا ۽ گهڻن يعني ڪثرت جي معنيٰ ۾ ڪم آڻيندا آهن ته ” ئي“ جي وڌائڻ کان سواءِ آڻيندا آهن. مثلا چوندا آهن ”فلاڻي هنڌ ڪيترا ماڻهو اچي مڙيا ائين چوڻ ۽ لکڻ غلط آهي. صحيح هن طرح ۾ آهي ”فلاڻي هنڌ ڪيترائي ماڻهو اچي مڙيا“ يعني گهڻائي ماڻهو اچي مڙيا. ئي کانسواءِ ڪيترا يا ڪيترن ۾ لفظ سوال جي جاءِ ۾ ڪم ايندو آهي مثلا فلاڻي ڪيترا ماڻهو ويٺا هوا“؟ 3. اهڙي طرح اهڙا عربي يا پارسي لفظ جنجي پڇاري ۾ ”هه“ هوندي آهي تن کي حالت فاعلي حالت ڶڢجڠۆڵۑ حالت اضافي ۽ حالت جري ۾ به ”هه“ سان ئي لکندا آهن. جهڙي طرح ”بنده کي دل شڪسته نه حۑ خدا تي ئي تڪيه ڪرڻ گهرجي“ چڱو ائين آهي ته ”هه“ کي حالت فاعلي ۾ ”و“ سان ۽ حالت مفعولي وغيره ۾ ”ي“ سان مٽائي لکجي. انهي ڪري مٿئين جملي کي هن طرح لکجي ”بندي کي دل شڪستو نه ٿي خدا تي ئي تڪيو ڪرڻ گهرجي.“ 4. ڪيترائي مصنف تنوين جي تڷ انگڙين جي بجاءِ پڇاڙيءَ ۾ صفا ”ن“ لکندا آهن. اهو به غلط آهي. ڇو ته صفا ”ن“ لکڻ جي ڪري واحد جو ڜۑڡۆ جمع جهڙو ئي ٿو جڏهن ته تنوين لاءِ ٻه زبرون ٻه زيرون ۽ ٻه پيش مقرر آهن تڏهن ڪنهنکي ڪو حق ڪونهي جو اُنهن جي بجاءِ ”ن” لکي. 5. ڪيترائي سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ لکندڙ ”ڙ“ جو إغإڎ اچاري ڪين سگهندا آهن. إڷێۑ٪ ڪري لکڻ ۾ ”ڙ“ وارن لفظن کي به ”ر“ سان ڪري لکندا آهن مثلا ”ڳڙ جي ٻيڙي روهڙي کان رڙهندي وئي“ انهي عبارت کي هن طرح هرگز نه لکبو. ڳر جي ٻيڙي روهڙي کان ررهندي وئي“ جيڪڏهن ڪنهن ڛڠڎ جو قافيو ”ڙ“ سان آهي ته ان ۾ ڪي لفظ ”ڙ“ وارا ۽ ڪي لفظ ”ر“ وارا نه آڻبا آڙ ۽ پاڙ کي آر ۽ پار ڛڠڎ ۾ آڻي اُنجو قافيو ٽار ۽ خار جهڙن لفظن جو نه آڻبو. جيڪڏهن ”ڙ“ وارن لفظن کي ”ر“ سان لکڻ جائز چئبو ته اُهي ننڍڙا ٻار، جي ”ڙ“ چڱي طرح اُچاري سگهن ٿا سي به ”ڙ“ کي ”ر“ پڙهڻ ۽ اُچارڻ تي هري ويندا. انهي طرح هڪ خاص سنڌي اکر جي هميشه لاءِ پاڙ پٽجي ويندي. 6. ڪي مضمون نويس تنوين کي فقط لکڻ ۾ بگاڙي ”ن“ جي صورت ۾ آڻيندا آهن پر تبه اُچارڻ ۾ تنوين جو آواز ڪڍن ٿا. مگر شد جو اصل نالو ئي سنڌي ساهت مان ڪڍيو ويو آهي. نه ته ڪوبه انڪار ڪونه ڪندو ته جڏهن عربي لفظن سان اسين پنهنجن خيالن ۽ جذبن جي اظهار ۾ پوري پوري مدد ٿا وٺون تڏهن گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته اسان تي فرض آهي ته اسين انهن سان لاڳاپو رکندڙ حالتن کي به قائم رکون. هي به ڏٺو ويو آهي ته سنڌيءَ ۾ انهن اکرن تي شدون ڏئي پڙهيو وڃي ٿو جتي شدون مورڳيون آهن ئي ڪين ۽ جتي شدون آهن اُتي شد ئي ڪانه ڏني وڃي ٿي. مون ڪيترن ئي سڪولي تعليم يافتن جا شعر ڏٺا آهن بلڪ سڪولي ڪتابن جا شعر به ساڳي نموني جا آهن جن ۾ شعر ٺاهڻ لاءِ زور مس ڪري شدون ڏنيون وڃن ٿيون.ڏسڻا وائسڻا سنڌي پڙهيل بلڪ مصنف کي مُصِنفُ مربي کي مُربي مدُبر کي مدبر ڪري پڙهن ٿا. هنن جو وس ڪونهي، ننڍي هوندي ئي تعليم کاتي جي سرشتي موجب هنن پنهنجي زبان تي اهڙا لفظ بنا شد جي ئي آندا آهن. اسانجا مسلمان شاگرد به انهي ناقص سڪولي تعليم جي ڪري ساڳي طرح اهڙا لفظ بنا شد جي ڪم آڻيندا آهن. شڪرانو جو ويچاري مد کي قائم رکيو ويو آهي. مد جي لفظ جي ٻئي يا پوئين اکر دال تي به شد آهي. آءُ پڇان ٿو ته مد کي مد ڪري چيو وڃي ٿو؟ يعني شد سان بنا شد اُچاريو وڃي ٿو؟ ڪجهه نه ڪجهه مڙيئي شد وارو زور ڏئي مد جو مد لفظ چيو ويندو آهي. پوءِ شد کي صفا ترڪ ڪري ڇڏڻ نامناسب قدم آهي. آءٌ اوهانکي مثال طور شد وارن لفظن کي بنا شد پڙهڻ مان جيڪا خرابي پيدا ٿئي ٿي سان تډإۑإڷ ٿو. وٺو مصنف مربي ۽ مدبر کي. جيڪڏهن مصنف کي شد سان پڙهبو ته معنيٰ تصنيف ڪندڙ يا ڪتاب ٺاهيندڙ. پر جيڪڏهن بنا شد پڙهبو ته معنيٰ ٿيندي ڪنهن شي جا قسم ڌار ڌار ڪرڻ وارو اهڙۑ٪ طرح مربي، شد سان معنيٰ سنڀاليندڙ يا پاليندڙ ۽ مربي بنا شد سان معنيٰ وڏو وياج خور، مدبر شد سان معنيٰ سياڻو عقلمند، مدبر بنا شد معنيٰ ڪمبخت نڀاڳو. انهي ڪري ضرور آهي ته تعليم کاتي وارن کي مجبور ڪجي ته ابتدائي ڪورس ۾ شد کي به سيکارين. آ۞ ڏسان ٿو ته سنڌي زبان ۾ ڏونگرن جيڏا نقص ۽ عيب اسانجي غفلت ۽ بيپرواهي سببان ڀريا پيا آهن يا ڀرجي ويا آهن مگر اسين ڪابه پرواه نٿا ڪريون. اردو ۽ ٻين سڌريل زبانن جا ماهر پنهنجي زبانن ۾ ڪکه جيترو به نقص سهي ڪين سگهندا آهن. اسان وٽ نظم توڙي نثر جو خانو خراب ٿي رهيو آهي مگر اسين اڏول ٿيا پيا گذاريون؛ ڄڻ ته ڇيڻي جي ٽنڊڻ وانگي اسين ساهت جي گند ڪچري ۾ رهڻ تي هري مري ويا آهيون. حقيقت ۾ زبان جي صفائي ۽ ٻولي جي پاڪائي جسم بلڪ روح جي صفائي ۽ پاڪائي جهڙي ئي ضروري آهي. منهنجو خيال ۽ خواهش آهي ته سنڌي علم ادب مان به اوهي خوبيون ۽ خاصيتون ڪڍي ٻاهر ڪجن جيڪي سنڌي تۆڵۑ ۾ قدرتي طرح رکيل آهن. علم بديع ۽ بيان دنيا جي هر هڪ سڌريل زبان ۾ موجود آهي ۽ سنڌي ۾ به چڱي طرح موجود آهي. مگر اڄ ڏينهن تائين انهن کي ٺاهي ٺڪي هڪ علم جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڪاڪبه ڪوشش ڪانه ڪئي ويئي آهي. جيئن صرف ۽ نحو کي ٺاهي پئي ڪيو ويو آهي تيئن جيڪڏهن علم بديع ۽ بياني ۾ به ٺاهيو وڃي ها ته هيل تائين سنڌي زبان تإجۑ ٻولي سمجهي نه وڃي ها بلڪ منجهس لڪل جواهر ظاهر ٿي سنڌي ۾ هڪ جنسار پيدا ڪري وجهن ها. جيئن سنڌيءَ جي صرف ۽ نحو جا اصطلاح، عربي زبان جي صرف ۽ نحو جا ئي اصطلاح آهن، تيئن علم بديع ۽ بيان ۾ به عربي زبان جا اصطلاح ڪم آڻي انهن جي سمجهاڻي ۽ مثالن ڏيڻ سان سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ها. سنڌ ۾ جيڪڏهن سون ۽ چانديء جي کاڻ هجي ۽ اُنجي کوٽڻ لاءِ ولايت مان، ڪو ماهر گهرايو وڃي ته ان ۾ ڪو عيب ڪونهي. دنيا جا سڌريل ملڪ ائين پيا ڪن علم بديع ۽ بيان ۾ جهنکي علم معاني چوندا آهن. هيـٺين خوبين ۽ خاصيتن جو بيان هوندو آهي. فصاحت بلاغت حقيقت مجاز اطناب ايجاز استعارو ڥڷإۑۆ تشبيه جڶشۑڵ تخيل اسناد قصر حصر تقديم تاخير حدف تدبر وصل فصل اختصار تلخيص تفصيل تجنيس توفيق تليح ترصيع ابهام توضيع تاويل تعريف ڶڈق مشابه ذم ذم مشابه مدح. اهي ۽ اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي ادبي ۽ ساهتي ڪاريگريون ۽ ڪماليتون علم معاني ۾ بيان ڪيل آهن. اهي جهڙيون ٻين سڌريل زبانن ۾ موجود آهن تهڙيون سنڌي ۾ به آهن مگر اڄ ڏينهن تائين انهي پاسي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو آهي. مون جيڪو ڪتاب رٿيو آهي ۽ لکبيو به آهي تنهن ۾ علم معاني جي ضروري ڳالهين جو ايترو ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن سان سنڌي ساهت جا گهڻ گهرا ڪجهه مڙيوئي واقف ٿين. انهن ادبي نڪتن ۽ ڪماليتن جي واقفيت بعد سنڌي ساهت جي گهڻي ترقي ٿيندي ۽ ڪوبه سنڌي مصنف تيسين سنڌي ساهت جو اُمق يا ماهر ڪري نه ليکيو ويندو جيسين انهي فن مان پوري طرح واقف نه هوندو. آءٌ کڻي مختصر لکندس ۽ بنياد وجهندس مگر مون کان پوءِ اميد ته ڪي اهڙا مرد پيدا ٿيندا جي منهنجي رکيل پيڙهه تي انهي علم جي وڏي عمارت تيار ڪري وجهندا. ههڙا ڶڝڶۆڷ بي_ اي ۽ ايم _ اي تي هڪ ئي مناسب ٿيندا. پڇاڙي ۾ آءءٌ هي به ضرور چوندس ته سڪولي تعليم يافت جيڪو شعر ۽ نظم ٺاهن ٿا سو اهڙو آهي جو جيڪڏهن نه ٺاهن ته اُهو بهتر. ڇو ته شعر اهڙي جنس آهي جا بنا تورڻ تڪڻ جي نه وٺي ٿي سگهجي ۽ نه ڏئي ٿي سگهجي. شعر جو قدر ۽ قيمت سون ۽ جواهرت کان به وڌيڪ آهي. جڏهن سون ۽ جواهرت ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ هڪ رتي جي اُٽل به قبول ڪري نه سگهبي آهي تڏهن شعر جهڙي وڌيڪ قيمتي وٿ جي ڏي وٺ وقت ڪيئن ذري اُٽل به سهي سگهبي. انهي اُٽل کان بچڻ ۽ انهي٪ اُٽل کي سمجهڻ لاءِ علم عروض جي ئي ساهمي آهي جنهن ۾ شعر کي رکي توري سگهجي ٿو. سنڌ جي هرهڪ شاعر کي انهي علم کان واقف ٿي اها ساهمي هٿ ۾ جهلڻ گهرجي مون انهي لاءِ به سولو سمجهه ۾ اچڻ جهڙو ڪتاب رٿيو آهي جيڪڏهن ساهت جو سڌارو ۽ واڌاروٿيندو رهيو ته ههڙا ڪتاب گهڻي قدر ڪم ايندا.