Video
ٻولي ۽ تهذيب تاريخ جوڙڻ جي نئين واٽ: مسٽر ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي
سڀني ملڪن جي قومن جيڪا به ترقي ڪئي آهي، سا ميل ميلاپ ۽ گڏيل ڪوشش جو ڦل يا نتيجو آهي. دنيا ۾ ڪروڙين ڪارخانا، گوديون، آفيسون، اسڪول، ڪاليج ۽ ٻيون سنسٿائون آهن، جي سڀ ميل ميلاپ تي مدار رکن ٿيون. ڪارخانن کولڻ واسطي وڏا وڏا سيٺيون يڪي سر، يا ٻين سان ڀائيواري ڳنڍي، وڏيون وڏيون رقمون سيڙائين ٿا، پر جيڪڏهن ڪاريگر ۽ مزور وٽن ڪم ڪرڻ کان نابري واري وِهن، ته جيڪر ڪارخانا ڪئن هلن؟ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن هاري ناري نه هجن، ته زميندار يڪي سر ڪهڙي ڪوڏر هڻي سگهن؟ جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ سان ملي ڪم ڪري ٿو، تڏهن چرخو چڱي ريت هلي ٿو، نه ته جيڪر دنيا جو چرخو ئي بِهي وڃي.
ماڻهن جي ميل ميلاپ لاءِ، ۽ چڱيءَ ريت چرخي هلائڻ لاءِ، ٻولي نهايت ضروري آهي. جيڪڏهن ٻولي نه هجي ته ڪئن جيڪر سيٺيون ۽ گماشتا، زميندار ۽ هاري ڷإڎۑ ۽ ٻياماڻهو هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهي سگهن؟ جيڪڏهن سڄي دنيا ۾ ماڻهو ٻولي ڪم آڻڻ بدران گُنگن وانگر اشارا ڏين، ته پوءِ جيڪر گهڻي ترقي ڪرڻ ئي مشڪل ٿي پوي.
ٻولي هڪ واهڻ Vehicle آهي، جنهنجي وسيلي ماڻهو پنهنجا خيال ۽ اندر جا احوال هڪ ٻئي کي ٻڌائي سگهن ٿا، ۽ سوال جواب ڪري سگهن ٿا، تنهنڪري تهذيب جي ترقي جو سچو پچو ۽ اوائلي وسيلو آهي ئي ٻولي. ”ٻولي“ معنيٰ جا ٻولجي يا ڳالهائجي ٿي. هڪڙي ڳالهايو ۽ ٻين سندس مطلب سمجهو، ته ٻولي جو مدعا پورو ٿيو. اها آهي ٻوليءَ جي معنيٰ ۽ مراد.
تهذيب ۽ ٻولي جو گڏوگڏ واڌارو:
ٻولي سادي ۽ سليس توڙي اُچي ۽ ڏُکي ٿئي ٿي ۽ اُن لاءِ سبب آهي. ننڍڙن ٻارن ۽ اڻ سڌريل ماڻهن جون گُهرجون ٿورڙيون ٿين ٿيون، ۽ سندن خيال به بنهه سادا سودا ٿين ٿا. جنهنڪري سندين ٻولي به بنهه سادي ۽ سليس ٿئي ٿي. پر ٻوليءَ ڪم آڻڻ جي جڏهن مراد ئي اها آهي، ته ماڻهو پنهنجا خيال ۽ اندر جا احوال پوريءَ ريت ظاهر ڪن، تڏهن ڄاڻڻ گهرجي، ته جئن جئن انسان جو دماغ ويندو کلندو، ۽ خيال ويندا وڌندا، تئن ٻولي به ويندي واڌارو ڪندي. نوان نوان علم، قسمين قسمين ڪاريگريون ۽ هنر جاري ٿيندا، ته انهن سان لاڳاپو رکندڙ ڳالهين لاءِ ماڻهو ضرور پورا پورا لفظ ڪم آڻيندا، ته جيڪي سندن ڌنڌي وارا آهن، يا جن سان سندن ڏيتي ليتي يا ٻيو واسطو آهي، سي سندين ڳالهه پوري ريت سمجهن. مثلا ڪو ڪپڙو کپندو هوندو، ته دڪاندار کي تډإیبۆ ته ڪهڙو ڪپڙو کپي. ڪپڙن جا گهڻيئي نمونا آهن: ململ، ڏوريو، ڌمان، بافتو، بخمل، وائيلا، پاپلين وغيره. جڏهن پورو لفظ ڪم آڻبو، تڏهن اڳلو ڳالهه سمجهندو. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تاريخ، جاگرافي، آلجبرا، جاميٽري، ٽرگناميٽري ۽ ٻيا اهڙا سو ين لفظ ڪم اچن ٿا.
مطلب ته درسي ڪتابن جا لفظ هڪڙا، قاعدن قانونن جا لفظ ٻيا، ۽ واپارين ۽ ڪاريگرن ۽ ڪاسبين جا وچان ئي اور. اهڙيءَ ريت اخلاقي اطوار، وگيائي ويچار، روحاني راز ۽ ٻيون ڪئين ڳالهيون ٻوليءَ جي وسيلي ظاهر ڪجن ٿيون ۽ هر هڪ ڳالهه لاءِ مقرر ٿيل لفظ ڪن کي سمجهڻ سولا ته ڪن کي ڏکيا لڳندا، ته به ائين چئبو ته ماڻهن جي ترقيءَ سان گڏوگڏ ٻولي به ترقي ڪري ٿي ۽ پلٽو کائي ٿي. انهيءَ سبب چئبو، ته تۆڵۑ تهذيب يا سڀيتا جو آئينو آهي، يا اڃا به هئن چئجي ، ته ٻوليءَ ۾ انساني سڀيتا جي آتم ڪهاڻي Autobiography سمايل آهي.
لفظن جي بنيادن تي ويچار:
هن باري ۾ هيءَ ڳالهه به ڌيان تي رکڻ گهرجي، ته ٻوليءَ ۾ جيڪي لفظ ڪم اچن ٿا، سي ڌڪيبازيءَ تي ٺهيل ڪينهن، پر هرهڪ ڵڢڟ ۾ ڪونه ڪو خيال سمايل آهيئي آهي ۽ جيستائين اهو نه جهٽبو، تيستائين لفظ جي پوري معنيٰ ڪرڻ به وقتي مشڪل ٿي پوندي. جيڪڏهن ڪنهن لفظ جي ڌاتوءَ ۑإ بنياد جي سڌ ڷێ هوندي، ته ساڳي بنياد مان ٺهيل ٻين لفظن مان بنيادي معنيٰ جو پتو پئجي سگهندو. مثلا مانهو مرندو آهي، ته زالون اوسارينديون آهن
گل ڇنو گرنار جو پٽڻ ٿيون پِٽين،
سوچن سورٺ جهڙيون اُڀيون اوسارين
(شاهه)
”اوسارڻ“ لفظ جي عام طرح معنيٰ ڪن ماتم ڪرڻ، رئڻ پٽڻ، پر خود اهو لفظ پاڻ بابت ڇا ٿو ڄاڻائي، ”اوسارڻ“ لفظ ۾ ”او“ هڪ اڳياڙي ”prefix“ آهي ۽ ”سارڻ“ معنيٰ آهي ياد ڪرڻ. انجو ضد آهي ”وسارڻ“ معنيٰ ياد نه ڪرڻ، يا دل تان لاهي ڇڏڻ. ”اوسارڻ“ معنيٰ ”ڏک مان ياد ڪرڻ“. انهن ٽنهين لفطن يعني ”سارڻ“ ، ”وسارڻ“ ۽ ”اوسارڻ“ ۾ بنيادي خيال آهي ”سار“ يعنيٰ يادگيري. ڪنهن مئل مائٽ جي يادگيريءَ ڪري ڏک ٿيندو ته سڀاويڪ طرح ڎۆیڼ ايندو. اها رئڻ پٽڻ جي معنيٰ پوءِ نڪري ٿي، پر منجهس بنيادي خيال ”سار“ (يادگيريءَ) جو سمايل آهي ۽ اهو جڏهن جهٽبو تڏهن صحيح معنيٰ ڪرڻ سولي ٿيندي، نه ته وقتي اوٽ تي معنائون ڪبيون ۽ ڌڪا هڻبا.
آڳاٽن ماڻهن پهريائين ڵڢڟ ڪهڙي خيال کان جوڙيا ۽ پوءِ پنهنجا خيال ڪئن ڊوڙايائون، جنهنڪري لفظ جي معنيٰ ڣڎۑ، سي ڳالهيون ڪنهن به تاريخ ۾ لکيل ڪينهن، پر لفظن جي بنيادن تي ويچار ڪرڻ سان هينئر به سمجهي سگهجن ٿيون. مثلاً سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڪاڻي٪ جي وِهانءَ ۾ سنڪٽ گهڻا.“ هتي ”سنڪٽ“ معنيٰ ”وگهن، اٽڪ يا مشڪلات“. حقيقتاً ”سنڪٽ“ لفط ۾ ”سم“ معنيٰ ”گڏ“ ۽ ”ڪٽ“ معنيٰ ٿڙو Battock، جنهنڪري ”سنڪٽ“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”ٿڙو ٿڙي سان گڏ“، ڪنهن جاءِ ۾ گهڻا ڄڻا گڏجي وهندا، پر جاءِ ٿوري هوندي، ته ٿڙا ٿڙن سان ملائي وهڻو پوندن ۽ چرڻ پرڻ ۾ اٽڪ يا مشڪلات ٿيندين. انهيءَ سبب ”سنڪٽ“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”سوڙهه“، ۽ سوڙهه ڪري اٽڪ يا مشڪلات ٿئي ٿي، تنهنڪري ”سنڪٽ“ لفظ جون اهي معنائون ٿيون، مطلب ته هن لفظ جوڙڻ جو خيال آڳاٽن ماڻهن کي سوڙهيءَ جاءِ ۾ گڏجي وهڻ منجهان آيو ۽ اها ڳالهه ”سنڪٽ“ لفظ جي بنياد مان سمجهي سگهجي ٿي.
لفظن ۾ تاريخي احوال:
آڳاٽن لوڪن ۽ اسانجي وچ ۾ هن وقت هڪ ڪارونڀار ڪڪر غبار ڪري بيٺو آهي، جنهنڪري پنهنجن وڏڙن جي اُن وقت جي خيالن جو اسان ڦۑ ڪوبه پتو ڪونهي، پر ٻوليءَ جو اونهو اڀياس هڪ ڪارائتي دوربينيءَ جي مثال آهي، جنهن جي وسيلي اسين اهو قديم زمانو ڄڻ ته اکين سان ڏسي سگهون ٿا، جنهن زماني ۾ ماڻهن کي تاريخ جوڙڻ جي ڳالهه خواب خيال ۾ به ڪانه هئي. آڳاٽا لوڪ گذاري ويا، پر ڪيترا آڳاٽا لفظ اڄ تائين چالو آهن. اهي لفظ گويا آڳاٽن ڶإڼێڷ جا پَهسَ يا همعصر Contemporaries آهن ۽ جن اهي لفظ جوڙيا، تن جو خيال ڀلي ڀت ظاهر ڪن ٿا.
يوروپي عالمن ڪن قديم انگريزي لفظن مان ڪيترا آڳاٽا تاريخي احوال معلوم ڪيا آهن. مثلاً انگريزي ۾ ”بئچيلر“ Bachelor معنيٰ ”ڪنئارو“ يا ”اڻپرڻيل“. هن لفظ جي بنياد بابت ڪن عالمن جو رايو ڪهڙو ته ڪن جو ڪهڙو آهي، پر گهڻن جو رايو هيءَ آهي ته انهيءَ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”بئڪا“ Bacca معنيٰ ”گانءِ“.
اڳي اڪثر رڳو مالدار ۽ کيتي ڪندڙ هوندا هئا، جيڪي ڪنئارا هوندا هئا، تن تي گاين چارڻ جو ڪم رکيل هوندو هو ۽ اهي ٻنيءَ ٻاري جو ڪم صڼ ڪندا هئا. ”بئچيلر“ جو مونث آهي ”سپنسٽر“ Spinister معنيٰ ڪنئاري، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”ڪاپائتي“ يا ”ڪتڻ واري“. ”سپن“ (Spin) معنيٰ ”ڪتڻ“. اڳي جيڪي ڪنئاريون هونديون هيون، سي ڪتڻ جو ڪم ڪنديون هيون. سنسڪرت لفظ ”دهتر“، پارسي ”دختر“ ۽ انگريزي ”ڊاٽر“ Daughter ساڳيا ئي لفظ آهن، رڳو اچار ڦريل اٿن. انهن لفظن جو ڌاتو آهي ”دهه“ معنيٰ ”ڏهڻ“. اڳي نياڻين تي گاين ڏُهڻ جو ڪم رکيل هو. مطلب ته ڥڷیإڎۑۆڷ ڇوڪريون ڪتڻ جو ڪم به ڪنديون هيون ۽ گاين مينهن جي ڏُهائي به ڪنديون هيون.
آرڇ بشپ ٽرينچ لفظن جي اڀياس بابت هڪ ڪتاب On the study of words لکيو آهي، جنهن ۾ ڪن انگريزي لفظن ۽ انهن جي بنيادن مان ڪي اخلاقي، تاريخي ۽ ٻيون ڳالهيون کولي ظاهر ڪيون اٿس. مثلاً ڄاڻايو اٿس ته انگريزي لفظ ”رائِولري“ Rivalry اصل ۾ ”رور“ River (نديءَ) مان ٺهيل آهي. ساڳي نديءَ ڪناري تي رهندڙ آبادگارن جا پاڻي تان تڪرار ٿيندا هئا، جئن اڄ به سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ سنڌونديءَ جي پاڻيءَ تان تڪرار هلندڙ آهي. اهڙن تڪرارن ڪري ٻئي ڌريون هڪٻئي جون ”رائيوس“ Rivals (پهاڄون) ٿي پونديون هيون، ائين لفظن مان جيڪي احوال ملن ٿا، سي نهايت وڻندڙ ۽ وندرائيندڙ آهن. اسان جن سنڌي ڶإڼێڷ اهڙي چالي اڳي ڪڏهن ڪانه چڱي آهي، جو لفظن جي اونهي اڀياس ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين هڪڙو به ڪارائتو ڪتاب ڇپجي پڌرو ڪونه ٿيو آهي.
لفظن مان سنڌ جي تاريخ:
آرچ بشپ ٽرينچ رڳو ڪن ٿورن لفظن جو بنياد کوليو آهي، پر سڄي انگلنڊ جي تاريخ ڪانه جوڙي اٿس. مون ڪيترن لفطن ۽ انهن جي بنيادن مان قديم سنڌ جي تهذيب جي تاريخ (Cultural History) عربن جي ڪاهه کان اڳ جي جوڙي آهي. لفطن جي بنيادن مان قسيمن قسمين ڳالهيون ڪڍي سگهجن ٿيون، پر مون پنهنجو سمورو ڌيان رڳو هڪ ڳالهه تي ڏنو آهي ۽ اها آهي قديم سنڌ جي تهذيب. پنهنجي مادري زبان جي اونهي اڀياس ڪندي ڏٺم، ته ڪيترن لفظن جي بنيادن ۾ قديم سنڌ جي تاريخ جوڙڻ لاءِ گهڻوئي مصالحو آهي، تنهن ڪري هن ڪم ۾ هٿ ڳنڍيم. ”پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، دکه، سک“ ۽ ٻيا اهڙا لفظ جن مان تاريخي احوال ڪڍيا اٿم، سي گهڻو ڪري سڀني آرين ٻولين يعني هندي يا هندستاني، گجراتي، مراهٽي، بنگالي وغيره ۾ عام آهن، تنهنڪري جوڙيل ڪتاب کي جيڪر ”آرين جي تهذيب جي تاريخ“ سڏيان، پر هئن به آهي ته سنڌيءَ ۾ ڪي ويدڪ زماني جا اهڙا لفظ آهن، جي ٻيءَ ڪنهن به ڏيهي آريه ٻوليءَ ۾ ڪينهن. مثلاً رگ ويد ۾ ”اناس“ لفظ ڪم آيل آهي، ٻين ڏيهي آريه ٻولين ۾ ڪونهي، اسان جي سنڌي ٻولي اهو اڄ تائين سانڍيندي اچي. سنڌي ۾ اُچار اٿس ”إڼإښۆ“ يعني ”جنهن کي هڪ ناس نه هجي، نرڄو (نرلڄو)، بيشرم انهيءَ کان به وڌيڪ مکيه ڳالهه هيءَ به آهي، ته رگ ويد واري زماني ۾ آريه لوڪ سنڌو ڶإحڎ ۾ رهندا هئا، جتان پوءِ هندستان جي ٻين پرڳڻن ۾ ويا ۽ پنهنجيءَ سڀيتا جو ڦهلاءُ ڪيائون. اها اسان جي سنڌ آهي، جنهن سڀني پر ڳڻن کان اڳ پنهنجي اعليٰ درجي جي سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ ڪري اهڙو ته نالو ڪڍيو، جو سڄي هندو ضإجۑ۽ سڄو هندستان (سنڌو آسٿان) سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيا. رگ ويد ڶإڷ ضڷێڷ سڀيتا جو پتو پوي ٿو، سا آهيئي سنڌو ماٿري جي سڀيتا، تنهنڪري پنهنجي ڪتاب جو نالو ئي رکيو اٿم ”قديم سنڌ جي تهذيب“. تاريخ جوڙڻ جو هيءُ هڪ بنهه نئون نمونو اختيار ڪيو اٿم. مون کي ڪونه سُجهي ته انگريزي يا اسان جي ڪنهن ڏيهي ٻوليءَ ۾ ههڙي قسم جي تاريخ ٻئي ڪنهن جوڙي آهي، جيتوڻيڪ يورپ ۽ هندستان ۾ عالمن جي ڪا اڻاٺ ڪانهي. هيءُ سڀ شوق جي ڳالهه آهي. اها تاريخ ڪهڙي نموني جوڙي اٿم، سو نمونو هت ڄاڻايان ٿو.
سر جو ســـندو سڄڻين، سينڱ منجهان سيلو،
اهڙي نينگر تڪيو ڪينڪي پار لنگهيو پيلو،
هڻــڻ ســــين حيلو، جانب جيڏو ئي ڪيو.
(شاهه)
هن بيت ۾ پهريون ئي پهريون لفظ آهي ”سر“ ۽ معنيٰ اٿس ”تير“. سنسڪرت ۾ اُن جو اُچار ”شر“ آهي اهو رگ ويد جي اوائلي منڊلن ۾ گهڻن ێڷډ ڪم آيل آهي يعني ته هيءُ لفظ انهيءَ آڳاٽي زماني جو آهي، جنهن زماني ۾ آريه لوڪ اڃا لوهه پگهارڻ جو هنر ڪونه سکيا هئا، جنهن ڪري ڪوڏريون ۽ ٻيا اوزار، جي زمين کوٽڻ ۽ نار جي سامان جوڙڻ لاءِ کپن، سي ڥۑڷ ێیإ. مطلب ته اُن وقت کيتي به ڪانه ٿيندي هئي ۽ ماڻهو رڳو ڏٿ ۽ شڪار تي گذران ڪندا هئا، جئن رڧ ويد ۾ ڄاڻايل آهي. اهڙيءَ حالت ۾ شڪار ڪئن ڪندا هئا، سا سڌ ”سَر“ لفظ مان پوي ٿي. سڀني کي سڌ آهي ته سر جي گاهه ۽ ڪانن کي سٽي ڪٽي ”مُڃ“ ڪندا آهن ۽ انهيءَ مان نوڙيون وٽيندا آهن. اهي سر جا ڪانا تير ڪري ڪم آڻيندا هئا، تنهنڪري سنسڪرت توڙي سنڌيءَ ۾ ”سر“ جي هڪڙي معنيٰ آهي ”ڪانو“ ۽ ٻي معنيٰ ”تير“. ڪانن مان تير جوڙڻ جو رواج عام هو، تنهنجڪي ساک ڪونه ”ڪانو“ لفظ ڀري ٿو، جو اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”ڪانڊ“، جنهن مان ٻيو لفظ پيو ”ڪان“ معنيٰ ”تير“. اهو رواج ايران ۾ به هو. پارسي لفظ ”ڪلڪ“ جي معنيٰ آهي ”ڪانو، قلم يا ليکڻ جنهن سان لکجي“ (ڪاني مان ٺهيل) ۽ ٻي معنيٰ ”تير“.
آيل ٻاروچل جا، سُتي پون ڇرڪ،
پنهونءَ جي پيڪان جون، راسيون منجهان رڪ،
هنيم هوت ڪِرڪ، لوڏيان لوهه نه نڪري.
) شاهه)
هن بيت جي پوئين مصراع ۾ جيڪو ”ڪرڪ“ لفظ ڪم آيل آهي، سو اصل ۾ پارسي لفظ ”ڪلڪ“ آهي ۽ معنيٰ اٿس ”تير“. مطلب ته سنڌيءَ ۾ جڏهن چئون ”ڪلڪ“ تڏهن معنيٰ اٿس ”قلم يا ليکڻ“ ۽ جڏهن چئون ”ڪِرڪ“ تڏهن معنيٰ اٿس ”تير“، جيتوڻيڪ لفظ ساڳيو ئي آهي. ائين هي لفظ ظاهر ڪن ٿا ته ڪانن مان تير جوڙڻ جو رواج اڳي عام هو.
سرجي ڪانن ۾ ايترو زور آهيئي ڪونه، جو جيڪڏهن تير ڪري ڪم آڻجن، ته ڪنهن پکيءَ کي زخمي ڥڎۑ سگهن. اهڙي حالت ۾ شڪار ڪئن ڪندا هئا، سا حقيقت ”سيلو“ لفظ مان پوي ٿي، جو مٿين بيت ۾ شاهه صاحب ڪم آندو آهي. ”سيلو“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”شاله_ شليه“، جنهنجي هڪڙي معنيٰ آهي ”تير ۽ ٻي معنيٰ سيلهه يا ڪنڊو، يا اهڙي چهنبدار شيءَ جا بدن ۾ گهڙي جێ سور ڪرائي. هاڻ ظاهر آهي ته آڳاٽا لوڪ سر جي ڪانن مان ٺهيل تيرن ۾ ٻٻر وغيره جو ڪنڊو، يا ڪا تکي چهنب واري شيءِ اٽڪائيندا هئا، جنهن جي لڳڻ ڪري پکي ڦٽجي پوندا هئا.
مٿين بيت ۾ شاهه صاحب ”سيلو“ سان گڏ ”پِيلو“ لفظ به ڪم آندو آهي. جنهنجي به معنيٰ آهي ”تير“. اهو اصل سنسڪرت لفظ ”پيلو“ Pilu آهي، جنهنجي معنيٰ آهي ”تير“، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”روڪيندڙ“ يا ”بهاري ڇڏيندڙ“، ڌاتو ”پيل“ معنيٰ روڪڻ. هيءُ لفظ به ڏيکاري ٿو ته پکيءَ کي چهنبدار ڪانو لڳندو هو، ته هو اڏامي وڃڻ کان روڪجي پوندو هو.
تير ڇوڙڻ لاءِ ڪمان کپي. ”ڪمان“ پارسي لفظ آهي ۽ اهو ڪهڙي به وريل يامڙيل شيءَ لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو. جهڙوڪ دروازن جي مٿان ڪمانون ٿين ٿيون. اکين جي مٿان ڀرون به ڪمانون آهن ته انڊلٺ ڪمان آهي، تنهنڪري انهيءَ ”ڪمان لفظ مان اهو پتو ڪونه ٿو پوي ايران ۾ تيرن ڇوڙڻ لاءِ ڪهڙي شيءِ مان ڪمان ٺاهيندا هئا. اها سڌ سنڌي لفظ ”سينڱه“ مان پوي ٿي. جو ”سڱ“ Horn مان ٺهيل آهي ڄاڻائي ٿو ته ڪنڊي مينهن جو وريل سڱ يا ڪنهن هرڻ جو پيچدار سڱ ڪمان ڥڎۑ ڪتب آڻيندا هئا.
ڪمان لاءِ ٻيو پورو پورو لفظ اسان وٽ آهي ”چاپ“، جو نج سنسڪرت لفظ آهي ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”بانس جي وريل ڪاٺي“. هن مان ظاهر آهي ته بانس جي مڙيل ڪاٺي کي به ڪمان ڪري ڪتب آڻيندا هئا. آڳاٽن لوڪن پوءِ وڌيڪ ترقي ڪري ويدڪ زماني ۾ ئي رڪ جي راسين (لوڪن) وارا تير جوڙيا، جن جو رواج انهيءَ قديم زماني کان وٺي ڪلهوڙن جي صاحبي تائين هلندو آيو، جنهنڪري شاه صاحب سسئيءَ جي واتان چوايو آهي ته:_
”پنهونءَ جي پيڪان جون
راسيون منجهان رُڪ“
قديم سنڌو ماٿر جا رهاڪو پڙهڻ سکيا، ته اول ڪئن لکندا هئا سنڌي لفظ ”لکڻ“ ۽ انگريزي جي ”رائيٽ“ write جي بنيادي معنيٰ آهي ”گرڙڻ، رهڙڻ، يعني اڪرڻ، اهي لفظ ڄاڻائين ٿا، ته اڳي پٿر ما ڪنهن ڌاتوءَ تي اکر اُڪريندا هئا، خود ”اکر“ لفظ جي معنيٰ آهي ”کرجي نه، يا جو ڊهي نه“. مس قلم سان لکيل اکر ڊهي ويندا، پر اڪريل اکر نه ڊهندا، تنهنڪري اهو ”اکر“ لفظ پنهنجي ڪهاڻي پاڻ پيو ٻڌائي.
ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽر جيءَ پنهنجي ٺاهيل ٻوليءَ جي تاريخ ۾ سنسڪرت لفظ ”پستڪ“ (ڪتاب) جو لاڳاپو پارسي لفظ ”پوسٽ“ (کل) سان طإڼإۑۆآهي، جنهنڪري چئبو ته ڪجهه وقت کلن تي به لکندا هئا. پوءِ ته عام رواج هيءُ هو ته وڻن جي پنن تي لکندا هئا، جنهنڪري ”پن“ (Leaf) ۽ ”پنو“ (ڪاغذ) ساڳيئي بنياد (سنسڪرت ”پرڻ“) مان آهن.
انگريزي لفظ ”ليف“ Leaf جي به هڪڙي معنيٰ آهي وڻ جو پن ۽ ٻي معنيٰ ورق (ڪتاب جو) خود ”ورق“ لفظ جون به اهي ٻئي معنائون آهن.
”مس“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”ڏِئي جو ڦلو“. منهنجيءَ سانڀر ۾ به ڏِئي جي ڦلي مان مس جي خڥۑڷ جوڙڻ جو رواج عام هوندو هو. هُو ان شيانگ نالي هڪ چيني مسافر عيسويءَ ستينءَ صديءَ ۾ هندستان ۾ سير ڪرڻ آيو هو، تنهن پنهنجي سفر نامي ۾ لکيو آهي ته مون هندستان ۾ ڪيترن هنڌ ماڻهن کي وڻن جي پنن تي لکندي ڏٺو هو. اڳي ڀوڄه وڻ Birch tree جا پن عام طرح لکڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا. اهي پن هڪٻئي جي پٺيان رکندا ويندا هئا، پرمتان ڪنهن وقت پنن جو ٿهو ڪري پوي ۽ پن پن کان ڌار ٿي وڃي، تنهنڪري ثۆطێ وڻ جو ڇوڏو انهن پنن جي ٿهي مٿان رکي، پوءِ ڇوڏي ۽ پنن مان آر پار ٽنگ ڪندا هئا ۽ ٽُنگ مان ڌاڳو لنگهائي ڳنڍ ٻڌي ڇڏيندا هئا، ته سنئون سولو ڪتاب ٿي پوندو هو. انهي کي سڏيندا هئا ”گرنٿ“ جنهنجي هڪڙي معنيٰ آهي پستڪ يا ڪتاب ۽ ٻي معنيٰ ”ڳنڍ“ سنسڪرت لفظ ”گرنٿ_ گرنٿي“ جو اُچار بگڙجي ”ڳنڍ“ ٿيو آهي ۽ ”گرٿ“ به ٿيو آهي.
”ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو هڻجي سور جو.“
(شاهه)
گوڏ ۾ گرٿ ٻڌڻ معنيٰ گوج ۾ ناڻي جي ڳنڍ ٻڌڻ. اهڙيءَ طرح شاهه جي رسالي ۽ ٻين سالن مان ڪي بيت ۽ تُڪون بلڪ ڪي پهاڪا ڏيئي انهن ۾ ڪم آيل قديم لفظن مان آڳاٽن سنڌين جي هنرن، ڌنڌي ڌاڙي، گهرو جيوٽ، ڳوٺاڻي جيوت، ريتين رسمن، هڪٻئي سان ورتاءُ ۽ تهذيب جي ٻين ڳالهين جو نقش چٽيو اٿم. اميد ته اهو ڪتاب جلد ڇپائي پڌرو ڪندس.