Video
پيش لفظ
موجوده دؤر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ لسانيات جي حوالي سان جيڪو تحقيقي ڪم ٿيو آھي، سو پنھنجي نوعيت ۾ معيار ۽ مقدار جي لحاظ کان انفرادي حيثيت رکي ٿو. لسانيات تي سنڌ ۾ سڀ کان گھڻو ڪم ڪيو ويو آھي. ھند ۾ لڇمڻ خوبچنداڻي جون اڪثر تحريرون انگريزيءَ ۾ آھن.
پرسي گدواڻي ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي حاصلاتن کي بھ معيار جي لحاظ کان وڏو مان مليو آھي. انھن ٻنھي ماھرن جي حاصلات کي سنڌ واسين بھ قدر جي نگاه سان ڏٺو آھي. اسان جي انھن مڙني ماھرن ۽ محققن جي تحقيق ۽ حاصلات کي ھاڻي حوالا جاتي نوعيت حاصل ٿي چڪي آھي.
حقيقت اھا آھي تھ سنڌ ۽ ھند جي محققن جنھن تندھيءَ سان جدوجھد ڪئي آھي، تنھن لاءِ کين جس ھجي. اھو ئي ڪارڻ آھي، جو ڏينھون ڏينھن اسان جي ٻوليءَ ۽ ادب جي شاگردن ۽ استادن جو بھ لسانيات جي موضوع ڏانھن توجھھ وڌندو پيو وڃي. ھن وقت لسانيات جي حوالي سان جيڪو ماحول پيدا ٿيو آھي، سو بھ انھن جي ڪوششن جو نتيجو آھي. اميد آھي تھ جيئن پوءِ تيئن مثبت نتيجا اسان جي آڏو ايندا رھندا. ھونئن بھ ھاڻي اسين لسانيات جي ميدان ۾ ڪجھھ پاڻ ڀرا آھيون. ورھاڱي کان اڳ ۽ خاص طور تي ورھاڱي کان پوءِ سنڌي لسانيات تي جديد انداز سان قابل قدر ڪتاب، مضمون ۽ مقالا شايع ٿيا آھن.
سنڌ ۾ سنڌي لسانيات تي ٿيندڙ ڪم ۾ مختلف رخن جي حوالي سان تڏھن کان وڌيڪ اضافو ٿيو آھي، جڏھن کان ”سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ قائم ٿي آھي. ھن اداري شروعات ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڳالھائجندڙ لھجن ۽ محاورن تي تحقيقي تصنيفون شايع ڪرايون، جھڙوڪ: ”سبيءَ جي ٻولي“ (ڊاڪٽر داد محمد بروھي)، ”ماٿيلي –اٻاوڙي جي ٻولي“، (پروفيسر شيخ محمد فاضل)، ”شڪارپور جي ٻولي“ (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)، ”ٿر جي ٻولي “ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ھدايت پريم)، ”ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي“ (حافظ حبيب سنڌي) ۽ اترادي ٻولي (ڊاڪٽر ھدايت پريم) وغيره. انھن ڪتابن جي اشاعت سان مختلف محاورن/ لھجن جو مطالعو ميسر ٿيو ۽ ھڪ قسم جي ڪمي ڪنھن حد تائين پوري ٿي. ھينئر ھن اداري ھڪ مثبت قدم اھو بھ کنيو آھي تھ سنڌي ٻوليءَ تي آڳاٽن ۽ ھاڻوڪن رسالن ۾ شايع ٿيل مختلف مضمون ۽ مقالا گڏ ڪرائي، لسانيات جي ماھرن ۽ شاگردن آڏو ڪتابي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جيئن لسانيات ۾ ھر قسم جا موضوع ۽ ويچار سامھون اچن. اھڙي عمل سان سنڌي لسانيات جي تاريخ جا اھڃاڻ پڌرا ٿيندا. ھن سلسلي ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري“ مون تي اھو ڪم رکيو تھ آءٌ ورھاڱي کان اڳ شايع ٿيندڙ مشھور ۽ معياري رسالي ماھوار ّسنڌو ۾ شايع ٿيل اھڙا مضمون سھيڙيان. اھڙو ھڪ خط اداري جي سيڪريٽري پاران (خط نمبر ايس- ايل- اي/ ائڊمن 98/712 – تاريخ 98. 9. 23( موصول ٿيو. خط ملڻ شرط آءٌ مختلف ادارن جي لائبررين ۽ ڪن دوستن جي ذاتي ڪتب خانن ۾ ”سنڌو“ رسالا ڳولھيندو ۽ مواد حاصل ڪندو رھيس. انھن مضمونن جي حصول ۾ مون کي تقريبا ڇھن مھينن جو عرصو لڳي ويو. ھن ڪتاب ۾ جيڪي بھ مضمون گڏ ڪيا ويا آھن. سي سنڌي لسانيات جي تاريخ جو اھم حصو آھن. ھنن مضمونن جي مطالعي سان اسان کي جھونن ليکڪن ۽ دانشورن جا ان وقت جي لسانيات جي موضوعن موجب دانشمندانھ ويچار معلوم ٿين ٿا. ان وقت جي سموري تحقيقي نوعيت ۽ علمي صورت حال کي سمجھڻ جو موقعو ملي ٿو. اھڙيءَ طرح لسانيات جي موضوع تي بحث- مباحثي لاءِ ھنن مضمونن مان اسان کي ڪيترائي علمي ۽ فني نڪتھ ۽ دليل ملن ٿا، جيڪي وقت گذرڻ سان ڄڻ فراموش ٿي ويا آھن.
آءٌ ”سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ“ جي چيئرمين محترم عبدالقادر جوڻيجي جو ٿورائتو آھيان جنھن ذاتي دلچسپي وٺي ھن اھم ڪم کي سمجھيو ۽ ان جي اشاعت لاءِ ڪوششون ورتيون. محترم خالد آزاد صاحب جا پڻ ٿورا، جنھن ڇپائيءَ جي مرحلن تي خوب ڌيان ڌريو.
ڊاڪٽرانور فگار ھڪڙو
سنڌي شعبو
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو