Video
سنڌي ٻولي: پروفيسر اين – آر- ملڪاڻي. ايم. اي
سنڌي ٻوليءَ جي لغت خاصي آهي ۽ قسمين قسمين لفظن سان ڀرپور آهي. ساڳي شي لاءِ ڪئين لفظ لڀندا، جن مان ڪي اجايا به آهن. هن ملڪ ۾ ڪا شيءِ مشڪل ملندي جنهن لاءِ سنڌيءَ ۾ ڪو نالو نه هوندو. سو آءٌ هتي جي ڪچيءَ ڦڪيءَ سنڌي _ فارسي ٻوليءَ جي ڳالهه نٿو ڪريان. شين ۽ خاص ڪري عام شين لاءِ ته ڪئين لفظ آهن. مثلاً اُٺ لاءِ درجن نالا آهن، ڪي سجايا ٻيا اجايا. اسم ذات جا لفظ وڌيڪ ترقي ڪيل ٻولين مان ورتل آهن ۽ انهن جي ته حد ئي ڪانهي، اُنهيءَ ڪري سنڌيءَ ٻوليءَ جي لغت عمدي آهي. سنڌي ساهتيه بابت ايترو ضرور چوندس ته سنڌ فتح ڪرڻ وقت جيترا اصلي (Original) ڪتاب سنڌي ۾ هئا اوترا هندوستان جي ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ ۾ نه هئا. ڪن ٿورن پرڳڻن کي ايڏو ساهتيه موجود هو. پر سنڌ ۾ گهڻو ڪري عربي تان ورتل ديني ڪتاب هئا. ڪيترا ڪتاب هٿ اچي سگهن ٿا سو چوڻ ڏکيو آهي، پر ٻيو نه ته ٻه ٽي سو قلمي ڪتاب بيشڪ گڏ ڪري سگهبا.
نثر ۾ جۆإڎۑكڷ ۽ سڀني اسلامي علمن جا ترجما ملندا. ڪهاڻيون اڪثري حديثن مان، پر هرو ڀرو سڀ ديني نه آهن. ٻارن کي فارسي، عربي سيکارڻ لاءِ لغتون، انشا (لکپڙه) تي ڪتاب، ٿورا طب ۽ ٻين إێڏڷ پيشن تي ڪتاب موجود آهن.
نثر کان شعر جو ساهتيه وڌيڪ عمدو ۽ مزيدار آهي. سنڌي شعر مرهٽي يا هندي شعر کان گهٽ درجي جو نه آهي. عربي ۽ فارسي ويا ڪرڻ جا ڏکيا ۽ باريڪ قانون سنڌيءَ ۾ نه آهن، نه انهن ٻولين جي قافئي جو نقل ڪيو ٿو وڃي. سنڌيءَ ۾ شعر لاءِ خاص قافيا آهن. پشتو ۽ ٻين آس پاس جي ٻولين وانگر شعر جا وزن نقل نه ڪيل آهن. شعر ۾ ساءُ سواد خوب آهي. سهڻيون اصطلاحون، تز ورجيسون ۽ عبارت ۾ خيالات جي تازگي ۽ ڪڇ زور آهي. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ جو هيتريون اُپ ڀاشائون (Dialeets) آهن، تنهنڪري اونچ درجي جا مصنف ڏاڍي سولائيءَ سان جنهن ڀونءَ ۾ قصو واقع ٿيل ڏيکاريندا آهن اتي جا چالو حرف ۽ ورجيسون وٺي پنهنجي عبارت کي زور وٺائين ٿا، ۽ بيان کي اهڙي نموني چٽين ٿا جو ڳالهه سچ جو روپ وٺيو بيهي. تجنيس خطيءَ جو قڈ ڛۆڤ اٿن ۽ (ويا ڪرڻ جي) حالتن جون نشانيون ۽ ٻيا اهڙا بي لطف پڇ هروثڎۆ ڪين ٽنبين. تنهن ڪري شعر جو وزن چيدو ۽ عمدو بهاريل آهي. سنڌي شعر جو سنڌي ماڻهن تي جادو جهڙو اثر ڏسي پڪ ٿيندي ته شعر۾ زور ۽ معنيٰ ٻئي آهن. صوفي عالم به وقتي پنهنجن عربي فارسي ڪتابن ۾ سنڌي تڪون وجهڻ کان عار نه ڪندا آهن. شعر جا مکيه نمونا هي آهن:-
1) مدح - خدا تعاليٰ، رسول ۽ زاهدن جي.
2) منا جات - يورپي (hymns) گيتن وانگر آهن. رواجي ماڻهو سنڌيءَ ۾ گيت چون پر علما عربيءَ ۾ چوڻ پسند ڪندا آهن.
3) مرثيه - حسن حسين جي شهادت بابت.
4) ڪوار، يا لغت - سنڌيءَ ۾ ٻه نمونا آهن. هڪ ‘مالح‘ فضيلت وارو ۽ ٻيو ‘قبيح‘ گار گند وارو. اثر مان سمجهبو ته هنجو سنڌ ۾ گهڻو قدر آهي. پر اثر مضمون تي منحصر آهي.
5) مٿيان چار نمونا عربي فارسي زبانن تان ورتل آهن ۽ مسلم ملڪن ۾ عام آهن.
هيٺيان چار خاص سنڌي آهن:
(1) فتح نامو: سوڀ جي تعريف ۾ لانگها ٺاهيندا آهن. مضمون ۽ طرز موجب عربي شعرن جهڙائي زوردر آهن.
(2) ڪافي يا وائي : اڪثري عشق تي ۽ اٺن ڏهن مصراعن جي. انهن کي ٽپو يا خيال چوندا آهن. گهڻو ڪري ڳائبي آهي ۽ ماڻهن کي ڏاڍي وڻندي آهي.
(3) بيت: اهي به تنبوري تي ڳائبا آهن. ڏوهيڙو ٻئي سر جو ٿئي ٿو ۽ دهل سان ڳائبو آهي.
(4) سنيهڙو: عاشق جو معشوق ڏي. اهي علحدي نموني جا آهن ۽ نڙ سان ڳائبا آهن. جهنگلي قومن کي جو مزو نڙ مان اچي سو ٻئي ڪنهن ساز مان نه ايندو آهي.
(5) تصنيفن کان سواءِ ڪئين ڳجهارتون، پروليون آهن، جي عربي ۽ ايراني مصرا وانگر آهن. انهن ۾ ٿوري گهڻي مڙيوئي ڪا خوبي آهي ۽ نهايت لطيف ۽ لذيز ٿين ٿا. جيئن ٻين اڌ سڌريل قومن ۾ ٿين تيئن سنڌ ۾ گهڻو شعر ٽڙيل پکڙيل آهي؛ جو اڃا گڏ نه ڪيو ويو آهي. ممڪن آهي ته ڪڏهن به هٿ نه ڪيو ويندو. پر ڳچ شعر سنڌي عالمن جي ڌيان جوڳو آهي، ۽ ڥضێێ حصو ته مشرقي عالمن جي اڀياس جو لائق آهي. سنڌ ۾، ٻين پرانتن وانگر، شاعرانو ساهتيه اڃا اصلي ۽ سوادي آهي. مضمون جهڙو سليس ۽ سول تهڙي ئي لغت ججهي ۽ بر معنيٰ. مگر اسانجي تعليمي سرشتي هيٺ شاعرن جي طرز بنه نقلي ۽ بنا وتي ٿي پيئي آهي. ظاهر پيو ڏسجي ته ٻين ٻولين جي نقل ڪرڻ ۾ عبارت جي چوري ڪرڻ ۾ ٿي اچي. نثر ۾ اهو هلي به وڃي، پر شعر ۾ پڌرو ٿيو پوي. پراچين مرهٽي ڪوتا ڏسو ۽ پوين ويهن سالن جي ڪوتا سان ثۑخۑۆ ته جيڪي چوان ٿو سو ثابت ٿيندو.
ليفٽيننٽ آر- اين برٽن جي سنڌي تي لکيل ڪتاب تان ورتل عربي سنڌي اکر
مسٽر ايلس، هڪ نهايت قابل ۽ تيز فهم شخص ڪمشنر جو ريونيو اسسٽنٽ هو. عربي سنڌي اکر پهريائين واپرائڻ لاءِ سنڌ سندس شڪر گذار آێۑ. تنهن کان اڳ سنڌي هندن، يعني فقط واپاري لوڪن کي پنهنجا اکر هئا، پر اهي اهڙا ڪچا، علحدا علحدا ۽ خاص ڪم لاءِ هئا جو عام ماڻهن جي ڪم لاءِ هڪ ٻي لپي ڪڍڻ جي ضرورت سمجهي ويئي. مسٽر ايلس جي خوبي اها هئي جو هن ێإڼۆڥإ عربي سنڌي اکر ڳوليا ۽ گهڙيا، جي اڄ سڄيءَ سنڌ ۾ چالو آهن. مسٽر ايلس سنڌ ڇڏڻ کانپوءِ به سنڌ ۾ تعليمي واڌاري لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. جنهن پرڳڻي جي حالت هن سر بارٽل فريئر (ڪمشنر) سان گڏجي سڌاري، تنهن پرڳڻي کي مدد ڏيڻ لاءِ هو هميشه سعيڪار رهيو، ۽ ويندي 1869ع تائين، جڏهن سنڌي سڪولن ۾ هندو سنڌي (يعني واڻڪي سنڌي) اکر وجهڻ جو سوال اٿيو، ۽ انهن جي سڌارڻ ۽ بدلائڻ جي ضرورت ڏيکاري وئي، تڏهين پڻ هن انهي سوال ۾ خوب بهرو ورتو.
ڪمشنر مسٽر ايون جيمس جو نوٽ:
اها نهايت حيرت جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻولي جيتوڻيڪ هڪ جدا ۽ ڌار ٻولي آهي جا سنسڪرت مان نڪتل ٻولي آهي، ۽ جا ڪڇ ۽ مارواڙ ۾ چالو ٻولين سان گهڻي مشابهت ٿي رکي، تنهن ٻوليءَ کي انگريزن جي فتح کان اڳ ڪا لکيل لپي ڪانه هئي. سنڌي هندو، يعنيٰ واپاري ماڻهو برابر هڪ قسم جي نهايت ڪچي لپي لکندا هئا، پر اها ساڳئي شهر ۾ به ڦريل هوندي هئي، ۽ ٻيا هندو نه صڏێۑ سگهندا هئا؛ انهي لپيءَ جا اکر هندوستان ۾ شاهوڪار ۽ واپاري ماڻهو جنهن لپيءَ ۾“ حساب ڪتاب ۽ هنڊيون لکندا آهن تنهن جهڙا آهن، پر تنهن ۾ ڪوبه ساهتيه نه لکيل هو، ۽ انهي لپي جا به 17 نمونا هئا. مسلمانن ۾، جي هن پرڳڻي ۾ گهڻائي ۾ آهن، فقط گهڻو سڌريل ئي لکي سگهندا هئا ۽ اهي هميشه فارسي ۾ لکپڙه ڪندا هئا، بلڪ ائين ئي سمجهيو ويو ته سڀ معتبر ۽ عالم ماڻهو انهيءَ زبان ۾ ئي گفتگوءِ ڪندا. سنڌي ٻولي فارسي ۽ عربي لفظن سان ڀريل آهي، تنهنڪري عام ڶإڼێڷ ۽ خاص ڪري مسلمانن جي فائدي لاءِ هڪ سنڌي لپي عربي اکرن ۾ ۽ عربي فارسي مان نڪتل سر بارٽل فريئر جي ڏينهن ۾ سر بئرو ايلس ٺاهي تيار ڪئي. اها هن وقت سرڪاري آفيسن ۽ خانگي لکپڙه ۾ عام طرح چالو آهي. ٿورو پوءِ مٿئين ذڪر موجب هڪ ٻيو سڌارو ويچاريو ويو. خاص هندن جي فائدي لاءِ هڪ هندو. سنڌي لپي ديوناگري يا سنسڪرت مان نڪتل ۽ سنڌ جي سڀني واپارين لاءِ ٺاهي ويئي. 1872_1873ع ۾ هندو سنڌيءَ لاءِ ڇاپو گهرائي ڪي اسڪولي ڪتاب ڇپيا ويا ۽ ٿورا سڪول پڻ کوليا ويا، جن ۾ فقط واڻڪي سنڌي سيکاربي هئي. پر تنهنجو نتيجو خاطر خواه نه نڪتو. هن وقت عام طور عربي _ سنڌي سيکاري ويندي آهي ۽ چالو آهي. هندو سنڌي ڄڻ آهيئي ڪانه. ٿورڙا شهر مثلا شڪارپور وغيره آهن، جن ۾ هندو آدم جهجهو آهي، اتي پڪا هندو اڃا سنڌي _ هندو اسڪول هلائين پيا، ننڍا مسلمان آبادگار ڳوٺ جي شاهوڪارن وٽ پنهنجو حساب ڪتاب پڙهي سگهن، تنهن لاءِ سنڌي هندو لپي ۽ انگ سکڻ سڀني لوڪل بورڊ اسڪولن ۾ فرضي آهي. پر 1910ع کان وٺي انهيءَ لپيءَ ۾ ڪي به ڪتاب ڪونه ڇپيا ويا آهن ۽ حساب ڪتاب کان سواءِ چئجي ته عام عربي سنڌي ئي چالو آهي.