Video

اعرابن بابت منھنجا ڪي ويچار: پروفيسر منگھا رام ملڪاڻي، بي- اي

ڪي مھينا ٿيا جو حيدرآباد ڪلچر گروپ جي سھاري ھيٺ ”سنڌي ٻولي جي سڌاري“ بابت ڳالھائيندي مون چيو ھو تھ ٻولي جي سڌاري ۾ اعرابن جو سوال سولي ۾ سولو ۽ خسيس ۾ خسيس آھي جو ايڏي ڇڪتاڻ ۽ ترشي جي لائق ئي ڪين آھي. آخر، ”ٻڪري“ لفظ ۾ جي زير ‘ر’ اکر ھيٺان ڏني، يا ي ھيٺان ڏني، يا ”چتون“ لفظ ۾ پيش ت يا و مٿان ڏنو تھ انھي مسئلي تي ڪو سج اڀري لھي ڪو نٿو، نڪو بادشاھتون کٽجن ھارائن ٿيون. جائين اچار ساڳيو ٿا ڪڍون، تھ پوءِ ماترا ھڪڙي اکر تي ڏني يا ٻئي تي يا تي، يا ماڳھين ٻنھي ڌرين کي خوش ڪرڻ لاءِ، کڻي ٻنھي اکرن جي وچ ۾ ڏني، تھ ان ۾ اچي وڃي تھ ڪي ڪين ٿو. بولي جي سڌاري بابت سچا اھم مسئلا آھن آئيويٽا، اچارن، جنس، عدد ۽ ٻين وياڪرڻي صورتن بابت جن تي مون زياده زور ڏنو ھو. مون سمجھو تھ اعرابن جو سوال جنھنتي پروفيسر ڄيٺمل 1940ع ۾ طوفان کڙو ڪيو ھو سو ماٺو ٿي ويو. پر تازو جو پروفيسر ڀيرومل اِنھي مسئلي جي باقاعدي ۽ تفصيل وار ڇنڊ ڇاڻ ڪئي. (”سنڌو،، اپريل، مئي ۽ جون 1945) تنھن وري ان وشيھ تي ڌيان ڇڪايو. مٿان جو ٽئين پروفيسر ناگراڻيءَ (”سنڌو“، سيپٽمبر 1945ع) پنھنجو سوال نامو پروفيسر ڀيرومل کي پيش ڪيو آھي، جنھنجو جواب بھ ھن صاحب (”سنڌو“، نومبر 1945ع) ڏنو آھي، تڏھن مان چوٿون پروفيسر ملڪاڻي وڌيڪ صبر ڪري نھ سگھيو آھيان، ۽ ھن خسيس مسئلي تي پنھنجا خسيس ويچار پڙھندڙن اڳيان پيش ڪريان ٿو. مسٽر ڀيرو مل جي للڪار (Challenges) ناگراڻي قبول ڪري نھ ڪري، (ھن کان پوءِ ھر ھر پروفيسر لقب نھ لڳائيندس، نھ تھ مضمون ٻيڻو ٿي پوندو) پر ملڪاڪڻي پنھنجي جھوني ۽ معزز استاد کي ھي ڪچو ڦڪو جواب ٿو ڏئي. ڪاڪي صاحب اعرابن جو بنيادي اصول نھايت چٽيءَ طرح سان مثالن سميت سمجھايو آھي تھ؛ ٻوليءَ ۾ حرف صحيح (Consonantas) آھن گونگا اکر جي پاڻمرادو پنھنجو اچار ڏيئي نٿا سگھن، تنھنڪري انھن سان حرف علت (Vowels) جنکي پنھنجو اچار آھي، سي ملائڻا ٿا پون تھ منجھائن ڪو اچار نڪري، پر سنڌي آئيويٽا ۾ حرف علت آھن ئي ٽي؛ ا، و ۽ ي، جن مان سڀ اچار نڪري نٿا سگھن، تنھنڪري ٽي ٻيون اچار ڪڍڻ جون نشانيون ٺاھيائون: زبر، پيش ۽ زير، جنکي اعرابون ٿو چئجي. پر انھن ٽن اعرابن مان فقط ننڍا يا ھلڪا اچار ٿا نڪرن، تنھنڪري ڊگھن اچارن ڪڍڻ لاءِ انھن ٽن اعرابن کي کڻي ٻٽو ڪيائون تھ ٽي ڊگھيون اعرابون (دو علتون) ٺھي پيون: آ، او ۽ اي. ھاڻي معاملو جيڪو متو آھي سو نھ ننڍين اعرابن بابت، نڪي ڊگھي اعراب بابت، ڇو تھ اھي سڀ ھڪڙيئي حرف صحيح مٿان يا ھيٺان سڌڪيون سنواٽيون ڏيئي سگھجن ٿيون. پر جھيڙو لڳو آھي پڇاڙي وارين ٻن ڊگھين اعرابن او ۽ اي تان جي ٻن اکرن کي ڏنيون ٿيون وڃن ۽ فيصلو ڪرڻو آھي تھ اھي پھريائين اکر کي ڏجن يا ٻئي کي؛ يعني جيئن مون مٿي لکيو آھي تيئن لکجي، يا او ۽ اِي ڪري لکجي جيئن مسٽر ڀيرو مل صاحب ٿو لکي. چتونءَ (يا خود استاد جو نالو ڀيرو مل) ۽ ٻڪري جا مثال بھ انھي ڪشمڪش ڪري مشھور ٿي ويا آھن، ۽ صوال آھي تھ ”چتون“ (يا ”ڀيرو مل“) ۽ ”ٻڪري“ لکجي، يا ”چتئون“ يا ”ڀيرو مل“ ۽ ٻڪري. استاد صاحب جو دليل آھي تھ اھو ٻٽو پيش يا زير نھ پڇاڙي واري حرف علت کي ڏيڻ کپي جنھنکي انجي درڪار آھي ۽ جا ان حرف صحيح سان ئي ٿي لڳي ۽ انجي ئي ملڪ آھي. ھاڻي، منھنجي ناقص خيال ۾ ٿو اچي تھ ڪاڪي صاحب جو اھو قاعدو ننڍين يعني يڪڪين اعرابن سان بلاشڪ لاڳو آھي، پر جتي ٻٽيون اعرابيون ٿيون اچن، يعني ٻن اکرن کي ھڪڙي ڊگھي اعراب ڏيڻي آھي، (او ۽ اي) اتي اھا اعراب نھ فقط ھڪڙي يا ٻٽي اکر سان ٿي لڳي، پر ٻنھي سان ٿي لڳي، جنھنڪري ٻنھي جي ملڪ آھي. ھاڻي، منھنجي ناقص خيال ۾ ٿو اچي تھ ڪاڪي صاحب جو اھو قاعدو ننڍين يعني يڪين اعرابن سان بلاشڪ لاڳو آھي، پر جتي ٻٽيون اعرابيون ٿيون اچن، يعني ٻن اکرن کي ھڪڙي ڊگھي اعراب ڏيڻي آھي، (او ۽ اي) اتي اھا اعرا نھ فقط ھڪڙي يا ٻئي اکر سان ٿي لڳي، پر ٻنھي سان ٿي لڳي، جنھنڪري ٻنھي جي ملڪ آھي. آخر بھ، حرف صحيح، حرف علت ۽ اعراب، ٽنھي مان آواز تھ گڏي ھڪڙوئي ٿو نڪري، پوءِ ڪيئن چئبو تھ اھا اعراب فقط ھڪ اکر جي آھي، جيئن ڪاڪو چوي ٿو تھ ”چتون“ لفظ ۾ پيش جيڪو اچي ٿو سو ”ت“ اکر جو آھي، ۽ ”ٻڪري“ ۾ زير ”ر“ اکر جي آھي؟ اِھي ٻنھي اکرن جون آھن، بلڪ ”چتون“ ۾ پيش ٽنھي اکرن جو آھي ڇو تھ ت- و ۽ ن کي گڏي اعراب ٿي ڏجي جن مان ھڪڙو ئي يڪو آواز ٿو نڪري. مسٽر ڀيرو مل حوالو ڏيئي لکيو آھي ڇو تھ ت- و ۽ ن کي گڏي اعراب ٿي ڏجي جن مان ھڪڙو ئي يڪو آواز ٿو نڪري. مسٽر ڀيرو مل حوالي ڏيئي لکيو آھي تھ ”پروفيسر ڄيٺمل ۽ پروفيسر ناگراڻي چون ٿا تھ اِي جو ڊگھو اچار ٿيندو ئي تڏھن، جڏھن ي جي ھيٺان زير ڏبي!!!“ مان سمجھان ٿو تھ انھن صاحبن جو مطلب آھي تھ ڪوبھ ڊگھو اچار نڪرندو ئي ان پڇاريءَ واري اکر کي اعراب ڏيڻ سان جنھنکي ڊگھو ڪيو وڃي ٿو، ۽ نھ اڳياڙيءَ واري اکر کي جنن کي ڊگھو نٿو ڪجي. مثلاّ ”ٻڪري“ ۾ ي کي ڊگھو ٿو ڪجي نھ رکي، تنھنڪري زيري ھيٺان ڏبي نھ ر ھيٺان. اھو دليل بھ گھڻي قدر برابر آھي. پر مان ٿو چوان تھ اي جو ڊگھو اچار نڪو فقط يا ھيٺان زير ڏيڻ سان نڪرندو، نڪو فقط الف ھيٺان زير ڏيڻ سان نڪرندو، پر ٻنھي جي ھيٺان گڏي زير ڏيڻ ان نڪري سگھندو. ھاڻي، چوڻ سولو آھي تھ ٻنھي يا ٽنھي اکرن کي ھڪڙي ئي اعراب ڏيئي ھڪڙو ئي آواز ڪڍڻو آھي، پر سوالن ۾ سوال آھي تھ لکڻ ۾ ڪيئن سڀني اکرن کي ھڪڙيئي اعراب ڏيئي سگھبي؟ ھن خسيس پر پيچدار مسئلي تي جيڪڏھن حقي واجبي فتويٰ ڏجي تھ جيڪر ”ٻڪري“ واري ر ۽ ي جي وچ ۾ ھڪ خال ڇڏي ان ۾ زير ٽنبي ڇڏجي؛ ۽ ”چتون“ واري ت، و، ن مٿان ھڪ ڏنگي ليڪ (bracket) ڏيئي ان تي پيش ڏيئي ڇڏجي. پر مان قبول ٿو ڪريان تھ اھو فيصلو لکڻ ۽ ڇاپي ۾ ڪارگر نھ ٿيندو ۽ چڱوئي بد زيبو لڳندو. تنھنڪري ھڪ عملي طريقو مونکي سجھي ٿو جو سکي سگھجي ٿو ٻاراڻي درجي واري ماستر صاحب کان، جو ٻارن کي ھجيئون سيکاريندو آھي. ماستر صاحب چوي ٿو تھ ٻارو، ”ٻڪري“ جي ھجي لکو؛ ٻ زير ٻھ (ٻار لکن ٿا)، ڪ – زير – ري (لکيائون). پر ڪيئن لکيائون؟ جيئن ماستر صاحب چيو تھ سڀاويڪ طرح سان؛ ر- ي- زير – ري، يعني زير پڇاڙيءَ ۾ ي جي ھيٺان لکايائين، جا ٻارن ”ري“ ڪري لکي. ڪھڙو چريو ماستر ھندو جو زير پڪاريندو ”ي“ ھيٺان ۽ اميد رکندو تھ ٻار پاڻمرادو ”ي“ بدران ”ر“ ھيٺان ڏيئي ڇڏيندو؟ يا ڪھڙو چريو ٻار ھوندو جو ٻڌندو ھڪڙي ھجي ۽ لکندو ٻي؟ ساڳيءَ طرح سان ”چتون“ جي ھجي لکائيندي ماستر صاحب چوندو؛ ت. و. ن. پيش- تون، ۽ ٻار سڀاويڪ پيش ن مٿان، يعني پڇاڙي واري اکر مٿان ڏيندو؛ نھ ن لکي، پوءِ اکر ٻھ اکر پٺتي موٽي، پيش وڃي ت مٿان ٺڪاءُ ڪندو! منھنجي خيال ۾ ”چتون“ وارو پيش نڪو ”ت“ تي ايندو نڪو ”و“ تي، پر ماڳھين پڇاڙيءَ واري اکر ”ن“ تي ايندو، جيئن انجي ھجي سيکاري وڃي ٿي. ھان! ماستر صاحب جيڪڏھن ”ٻڪري“ جي ھجي ۾ ”ر- زير – ي- ري“ چوندا ھجن، ۽ ”چتون“ جي ھجي ۾ ”ت- پيش- و- ن = تون“ سيکاريندا ھجن (يا ھن کانپوءِ سيکارڻ لاءِ مجبور ڪيا وڃن)، تھ پوءِ ڪاڪي صاحب وارو سرشتو صحيح آھي. پر جيڪڏھن سيکارڻ جو نمونو اھوئي آھي جو مون ڄاڻايو آھي تھ پوءِ پڇاڙيءَ جي اکر کي اعراب ڏيڻ کانسواءِ، (پوءِ چاھي اھو پڇاڙيءَ جو اکر حرف صحيح ھجي يا علت)، ٻيو ڪوبھ ڪارائتو نمونو ڪونھي. اعرابن جي سؤلي سوال تي ڪئن ھيڏي غلط فھمي پيدا ٿي تنھنجو تاريخي بيان بھ مسٽر ڀيرو مل ذري پرزي سمجھايو آھي. پر تنھن مان تھ مرڳو منھنجو انومان پختو ٿو ٿئي تھ ويا ڪرڻ طور کڻي ڪاڪي صاحب وارو اعرابن جو طريقو صحيح ھجي، تھ بھ عمل طور مسٽر ڄيٺمل وارو نمونوئي ٺيڪ آھي. استاد چوي ٿو تھ سورھين صديءَ کان وٺي ساندھ چار صديون سنڌي ڪتابن ۾ اھوئي جھونو اعرابن ڏيڻو جو نمونو اختيار ڪيو ويو، جنھنکي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ شرٽ صاحب جھڙن ڌارين عالمن، توڙي ديوان ڪوڙيمل، ديوان ڏيارام ۽ ديوان ليلا رام سنگھھ جھڙن ڏيھي عالمن پڻ استعمال ڪيو. پر 1903ع ۾ ھڪ عجيب ادبي حادثو ڪاڪي صاحب ٻڌايو آھي؛ ھڪ ”ٽيڪسٽ بوڪس رويين ڪاميٽي“ مقرر ڪئي ويئي، جنھنجا مکيھ عيوضي ھئا ڪاور نٽن صاحب ۽ ديوان پريمچند آوٽراءِ، جن درسي ڪتاب سڌاري منجھن نئون اعرابن جو سرشتو جاري ڪري ڇڏيو، جو وري مسٽر پرمانند ميوا رام جھڙي عالم، خود ڪاڪي ڀيرومل جھڙي ڄاڻوءَ پڻ اختيار ڪيو ھو، (جو مرڳو پنھنجي نالي لکڻ ۾ ئي ”ر“ بدران ”و“ مٿان پيش ڏيئي چوڪ ڪري وڌائين!) اھو درسي ڪتابن وارو سڌارو، جنھن ۾ اعرابون پھرئين اکر تان ڦيرائي پوئين اکر تي ڏنيون ويون، تنھنکي ڀيرو مل صاحب ھاڻي غلط ٿو سمجھي ۽ اھو ڏوھھ سنڌي ڪلارڪ تي ٿو مڙھي، جنھن غلط فھمي کان اھي اعرابون ڏنيون. ”ديوان پريمچند ۽ مسٽر ڪاورنٽن ھڪ ھڪ سبق بلڪل خبرداريءَ سان ٿي پڙھيو؛ پر ھن اعرابن جي ڳالھھ ڪنھنجو ڌيان نھ ڇڪيو.“ مسٽر ڀيرو مل ادبي کوجنا وارو عالم آھي، تنھنڪري ھيءَ حقيقت ضرور سند واري ھوندي. پر تڏھن بھ حيرت آھي جو تعليم کاتي جي ٻن بالا عملدارن ھڪ ھڪ سبق خبرداري سان پڙھندي بھ اعرابن تي ڌيان ڪيئن نھ ڏنو! پر سمجھو تھ آفيسرن برابر لاپرواھي ڏيکاري تڏھن بھ ھڪ ڪلارڪ ايڏي غلط فھمي ڪيئن ڪئي جو سڀني درسي ڪتابن ۾، ھر ھڪ سبق ۽ سٽ سٽ ۾، سمورو سرشتو ڦيرائي، اعرابن جو بنھھ نئون عملي اصول قائم ڪري ڇڏيائين! اھو نامعلوم ڪلارڪ بھ سنڌيءَ جو ڪو گوھر ھوندو!! شابس ھجي ھن جي جرئت ۽ يقيني کي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ايڏو سڌارو ڪري ويو!!! پر ھاڻي وري ڊاڪٽر دائود پوٽي جي رھنمائيءَ ھيٺ ھڪ نئين ”ٽيسڪسٽ بوڪ رويين ڪاميٽي“ درسي ڪتاب سڌاري رھي آھي، ۽ اعرابن جو نئون عملي طريقو ڇڏي جھونو علمي طريقو اختيار ڪري رھي آھي. تنھنڪري ڪاڪي ڀيرو مل صاحب کي منھنجو عرض آھي. اعرابن بابت منھنجي مٿين خام خيال مان جيڪڏھن ڪو سندس دل سان لڳي وڃي پنھنجي ڪميٽي اڳيان رکي، نھ تھ ھيءُ ليک نظر انداز ڪري ڇڏي.