Video
سنسڪرت ۽ ديوناگريءَ بابت ويچار: مسٽر ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي
هندن جا آڳاٽي ۾ آڳاٽا ڌرمي پستڪ ويد آهن، تن مان رگ ويد کان آڳاٽو ٻيو ڪوبه پستڪ سڄيءَ دنيا ۾ ڪونهي. ويدن ۾ ڪم آيل ٻولي عام طرح ”ويدڪ سنسڪرت“ سڏجي ٿي. اها ٻولي به نهايت قديمي چئبي، پر ”سنسڪرت“ نالو قديم ڪونهي، جو اُهو ڪنهن به ويد ۾ ڪم آيل نه آهي. قديم آريه لوڪ پنهنجيءَ ٻولي کي ”ڀاشا“ چوندا هئا، جنهنجي معنيٰ آهي ” ٻولي“. خود ”ٻولي“ معنيٰ ”جا ٻولجي يا ڳالهائجي ٿي“. مطلب ته سندي ٻوليءَ تي ڪو خاص نالو رکيل ڪونه هو.
ويدن کانپوءِ ښۇجڎڷ وارو زمانو آيو. ”سُوتر“ اهو ساڳيو لفظ آهي، جنهنجو اُچار سنڌي ۾ آهي ”سُٽُ“. ”سوُٽلي“ (سڻي) به ساڳي ڌاتوءَ مان آهي. انهيءَ زماني ۾ وڏيون فيلسوفيءَ جون، توڙي ٻيون، ڳالهيون ٿورڙن پرمائيدار، لفظن ۾ ائين آڻيندا هئا، جو ڄڻ ته سٽ يا ڌاڳي ۾ ڶۆجۑ پوئندا هئا!
انهيءَ ښۇجڎڷ واري زماني ۾ ”سنسڪرت“ نالو پهريائين پهريائين آيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ زماني ۾ جيڪي رشي ۽ مني هئا، تن مان هڪڙو يا سڪ مني هو، جنهنجو جوڙيل پستڪ ” نرڪت“ نالي مشهور آهي. اهو پستڪ هڪ ڊڪشنري يا لغت آهي، جنهن ۾ ويدڪ ڵڢڟڷ جي معني ۽ انهنجو بنياد ڄاڻايل آهي. ٻيو صإڷڷۑ مني هو، جنهنجي جوڙيل ”اشٽا ډۑإیۑ “قديم سنسڪرت ٻوليءَ جو گرامر يا ويا ڪرڻ) مشهور آهي. ٻئي مني عيسوي سن کان پنج ڇهه صديون اڳي ٿي گذريا آهن. جنهن صورت ۾ ” نرڪرت“ نالو هنن منين جي وقت ۾ پهريون ئي پهريون ڀيرو ڪم آيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ۽ ويدن ۾ اُهو آهيئي ڪونه، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو، ته قديم آرين جي ٻوليءَ کي اهو نالو ڏنوئي پاڻ اٿن. ڪنهن به ٻوليءَ جي ڊڪشنري ۽ گرامر جوڙڻ لاءِ ٻوليءَ جو اونهو اڀياس کپي. ڀانئجي ٿو، ته هنن تڷێۑ منين هن آڳاٽي ٻوليءَ جو اونهو اڀياس ڪري ڏٺو، ته اها نهايت وگيانڪ (Scientific) ريت جڙي آهي، تنهنڪري انهيءَ ٻوليءَ جي ساراهه ڪندي، اُنکي سڏيائون ”سنسڪرت“، جنهنجي اکري معنيٰ آهي ”غڪۑ يا صاف ٿيل يعني اُجاريل يا سڌريل ٻولي“. مطلب ته آڳاٽن آرين پنهنجيءَ ٻوليءَ کي رڳو ”ڀاشا“ (ٻولي) پئي سڏيو، ۽ پوءِ هنن ٻن منين جڏهن ٻوليءَ ۾ خوبيون ڏٺيون، تڏهن اُنکي اُهو صفاتي نالو ڏنائون. ”سنسڪرت“ لفظ ئي سندن زماني جو آهي، ۽ وقتي اهو لفظ جوڙيوئي پاڻ هجين، ته عجب ڪونهي.
سوترن واري زماني کانپوءِ انهيءَ ٻوليءَ ۾ وڌيڪ ڦير پيو، ۽ اها آخرين درجي تي آئي. انهيءَ آخرين درجي واري سنسڪرت (Classical Sanskrit) ۾ وري هڪ ٻي ڳالهه ڌيا ڇڪي ٿي. انهيءَ زماني جي اوائل ۾ جيڪي رشي ۽ مني هئا، تن سنسڪرت کي سڏيو آهي ”ديوواڻي“ يعني ”ديوتائن جي ٻولي“، اُنکي ”سُرَ ڀارتي“ به سڏيو اٿن، جنهنجي به معنيٰ آهي ”ديوواڻي“. سنسڪرت ۾ ”سر“ معني ”ديوتا“ (اسر معنيٰ دئت) ۽ ”ڀارتي“ معني واڻي يا ٻولي. ياسڪ منيءَ ۽ پانني مني ”سنسڪرت“ نالو ڪتب آڻي، ٻوليءَ جي فقط صفت ڄاڻائي، پر سندن پوين انکي ”سر ڀارتي“ ۽ ”ديوواڻي“ سڏيو، ته چئبو ته اهو ٻوليءَ کي نهايت وڏو لقب ڏنائون. هن باري ۾ ٻي به هڪ ڳالهه آهي، جنهن چوکو ڌيان لهڻو. سنسڪرت ٻولي جنهن لپيءَ يا آئيويٽا ۾ لکجي ٿي، تنهنکي به نالو ڏنائون ”ديوناگري“ يعني ديوتائن جي ننگر يا شهر جي آئيويٽا، ۽ اُهوئي نالو اڄ تائين هليو اچي.
ديوناگري اکر اڳي هڪڙي نموني لکندا هئا، ۽ هينئر ٻئي نموني لکڻ ۾ اچن ٿا. قديم ديوناگري اڳي ”براهمي“ سڏبي هئي، جنهنجي اکري معني آهي ”برهما جي ملڪ (برهم لوڪ) جي آئيويٽا“، جئن ”گجراتي“ معني ”گجرات جي آئيويٽا يا ٻولي“. اسان هندن جي ڪنهن به ڌرمي پستڪ ۾ اها ڳالهه ڄاڻايل ئي ڪانهي، ته سنسڪرت کي ”ديوواڻي“، ۽ سنسڪرت آئيويٽا کي ”ديوناگري“ سڏجڻ جو رواج ڪئن پيو، ۽ ڪهڙي سبب اها اڳي ”براهمي“ سڏبي هئي. هاڻوڪن ڏيهي عالمن مان به ڪنهن به اڄ تائين انهيءَ ڳالهه تي روشني ڪانه وڌي آهي.
هن وقت مان قديم سنڌ جي تاريخ، سنڌ جنم، موهن جي دڙي واري وقت ۽ رگ ويدڪ زماني کان وٺي ويٺو جوڙيان. ان ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون کولي ٻڌايون اٿم، جي اڳي ڪنهن به تاريخ نويس نه کوليون آهن. هيءَ ڳالهه به مونکي ضرور ڄاڻائڻي هئي، تنهنڪري پنهنجا ويچار اڳيئي ”سنڌوءَ“ (ڎښإڵۆ) جي بإسڥڷ جي معلوميت لاءِ هتي ڄاڻايان ٿو.
سڄي هندوستان جا هندو عام طرح ائين چوندا آهن، ته اسانجا ديوتائون اُتر ڏي آهن. هندوستان ضۑ اتر ڏي هماليا جبل آهي، پر اتهاسن پراڻن پٽاندر هماليه جبل جي به اُتر ڏي ”ميرو“ پربت هو، جو ”سمير پربت“ سڏبو هو. لوڪمانيه بال گنگا ډڎ جڵڥ ضۑ ڪيل کوجنائن پٽاندر ميرو پربت اتر جي برفاني ميدانن ڏي، سئبيريا ضۑ اتر ڏي هو. هن بابت ويدڪ ساهت اتهاسن ۽ صٔڎإڼڷ مان جيڪي حوالا ڏنا اٿس، تن تي ويچار ڪرڻ سان مونکي ائين يقين ٿيو آهي، ته لوڪمانيه تلڪ جو قياس ښۆڎێڷ آنا سچو هو، ۽ اتهاس ۽ صٔڎإڼڷ ۾ ميرو پربت بابت جيڪي ڳالهيون لکيل آهن، سي تاريخي حقيقتون آهن لوڪمانيه تلڪ جيڪي حوالا ڏنا آهن تن کانسواءِ ٻيو هڪ حوالو مان وشنو پر مان ڏيان ٿو، جنهن منجهان مون واري هيءَ سڄي ڳالهه سمجهڻ سولي ٿيندي.
پراڻن پٽاندڙ سڄي دنيا ستن يعني ٻيٽن يا کنڊن ۾ ورهايل آهي، ضڷ مان هڪڙي جو نالو ”ڄمون دويپ“ آهي. وشنو پراڻ ۾ لکيل آهي ته ”ڄمون دويپ جي وچ ۾، ميرو پربت جي چوٽي تي، هڪ شهر ٻڌل آهي، جو پرٿوي سرڳ يا بهشت آهي ۽ برهما جو لوڪ آهي.
منهنجو نظريو (View or Theory) هيءُ آێۑ ته سنڪسرت آئيويٽا انهيءَ برهما جي ميرو پربت جي چوٽيءَ تي ٻڌل شهر ۾ جڙي هئي، جنهن ڪري اها اصل ”براهمي “ يعني ”برهما جي لوڪ جي آئيويٽا“ سڏبي هئي. انهيءَ جۑ ”ديوناگري“ نالو به انهي ڪري پيو، جو اهو ميرو صڎبج جي چوٽي تي ٻڌل شهر ديوتائن جو شهر به ڪوٺيو هو. انهيءَ لاءِ ته گهڻيئي حوالا ڏيئي سگهجن ٿا. مثلا ڀاسڪر آچاريه جي ”سوريه ښډإڷج“ (12-67( ۾ لکيل آهي، ته ”مير پربت ڏي ديوتائن کي سج رڳو هڪ ڀيرو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جڏهن سج پنهنجو اڌ ڦيرو مکيه راس کان وٺي شروع ڪندو آهي.“ هن هڪڙيئي مثال مان ٻه ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون:-
(1) ته ميرو پربت تي ديوتائون رهندا هئا.
(2) ته ديوتائن ضۆ اهو شهر، جو ميرو پربت جي چوٽيءَ تي ٻڌل هو. سو اتر قطب هو، جتي هر ڪنهن سال سج فقط هڪ ڀيرو اڀرندو آهي، جنهنڪري اتي سانده ڇهه مهنا ڏينهن ۽ ڇهه مهنا رات ٿيندي آهي.
هيءَ ساڳي ڳالهه مهاڀارت جي ”وَن پروَ“ (اڌيا 163-164( ۾ به لکيل آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي، ته صإڷڋۆڷ جو وچون ڀاءُ ارجن ميرو پربت ڏي ويو هو. اتي جا جيڪي اکين ڏٺا احوال ڏنا اٿس جڷ ۾ چيو اٿس، ته ”ميرو پربت ڏي سج ۽ الهندي کان اڀرندي ڏي پردڪشڻا ” ڪندا آهن يعني ڦرندا وتندا آهن.“ وڌيڪ هئن: چيو اٿس، ته ”اُتي ڏينهن ۽ رات اُتي جي رهاڪن لاءِ هڪ ورهيه ضۑ برابر آهي.“ هيءَ صفائي صفا اُتر قطب ضۑ ڳالهه آهي، جتي اڄ تائين ٻارهين معني سج اڀرندو آهي، ۽ اتي سج، چند ۽ ٻيا گرهه گولائيءَ ۾ ائين ڦرندا ن نظر ايندا آهن، جئن ڪو ماڻهو کليل ڌوپ فخۑ پنهنجي مٿان جهلي ڦيرائيندو آهي. اهو ڦيرو الهندي کان شروع ٿيندو آهي ۽ اڀرندي ڏي پورو ٿيندو آهي.
هاڻ ظاهر آهي، ته اُتهاس (مهاڀارت) ۽ پراڻن ۾، توڙي پاسڪر آچاريه جي ”سوريه سڌانت“ ۾، ميڪرو پربت واري شهر (برهما جي لوڪ) جا رهاڪو ”ديوتائون“ ښڊبإ هئا، ۽ اهي جيڪا ٻولي ڳالهائيندا هئا سا ”سر ڀارتي“ۑإ”ديوواڻي“ يعني ديوتائن جي ٻولي سڏي ويئي آهي، جنهنکي هاڻ عام طرح ”سنسڪرت“ سڏيون ٿا. اها ٻولي جنهن آئيويٽا ۾ لکجي ٿي، سا به ساڳي سبب ”براهمي“ (برهما جي لوڪ جي آئيويٽا) سڏبي هئي، جنهن تي پوءِ ”ديوناگري“ نالو پيو، جنهنجي به اکري معني آهي ”ديوتائن جي شهر“ (ميرو پربت تي ٻڌل برهما جي لوڪ) جي آئيويٽا. هاڻ سوال آهي، ته اهي ديوتائون ڪير هئا؟ هن بابت ويچار ڪندي، مونکي هيءَ ڳالهه خيال ۾ آئي آهي.
اسين هندو چئون ٿا ته اسانجا ديوتائون اتر ڏي آهن. اڄ به جنهن رات آسمان ۾ جهڙ ڪونهي، ۽ تارا چٽيءَ ريت ٽمڪندا نظر اچن ٿا، تنهن رات جو اُتر طرف نهاريون ٿا، ته ستن تارن جو ميڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهي ست تارا آسمان ۾ اهڙي ريت بيٺا آهن، جو ڄڻ ته ڪو ”وڏو رڇ“ بيٺو آهي. انهيءَ سبب انگريزي ۾ لکيل کگول وديا (Astronomy) جي ڪتابن ۾ اُنکي ursa Major or Great Bear يعني ”وڏو رڇ“ سڏيو اٿن. اسين هندو عام طرح انهن ستن تارن جي ميڙ کي ”سپت رشي“ (ست رشي) سڏيندا آهيون.
انهن ستن تارن مان ٻه تارا ”ڏس ڏيکاريندڙ“ (Pointers) آهن، ۽ انهنجي پريان سڌيءَ ليڪ ۾ ”ڌرم“ تارو (Pole-Star) ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جو سائين اُتر ڏي هوندو آهي. اهو ڌرو تارو ڄڻ ته ائين ڄاڻائي ٿو، ته انهن ستن رشين جو اصلوڪو ماڳ اتر ڏي (ميرو پربت طرف) هو، ۽ ستن تارن مان ٻه تارا جي ”ڏس ڏيکاريندڙ“ آهن سي به اهائي اُتر ڏسا ڏيکارين ٿا.
رگ ويد جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ ستن رشين جا نالا گوتم، ڀردواج، وشوامتر، جمدگني، وسشٽ، ڪشيپ ۽ اَٽري ڄاڻايل آهن.
”رشي“ لفظ انهن اعليٰ درجي جي انسانن لاءِ ڪم آڻبو آهي، جن جي مکه مان ويدن جا منترنڪتا، اسانجن شاسترن پٽاندر ويد ”اپُور رشيه“ آهن يعني ڪنهن به پرش يا ماڻهوءَ جا جوڙيل ڪينهن. اهي ايشور جا وچن آهن، جي رشين ٻوليا، جڏهن کين سرسوتيءَ ٻولايو. مطلب ته ويدن جا منتر ڪنهن جهڙي تهڙي ماڻهوءَ جي واتان ڪين نڪتا هئا، پر انهن رشين جي واتان، ۽ اهڙن مهاپرشن کي آڳاٽن براهمڻن جيڪڏهن ”ديوتا“ ڪوٺيو، ته اها ڪا وڏي يا عجيب ڳالهه ڪانهي.
هن وقت سڄي هندوستان ۾ جيڪي براهمڻ آهن، سي سڀ آڳاٽن رشين جو اولاد آهن. سارسوت براهمڻن ۽ ٻين براهمڻن جي گوترن تي نالائي انهن رشين جا پيل آهن، جن مان خبر پوندي آهي ته هيءُ فلاڻي فلاڻي رشيءَ جي نسل مان آهن. اسين به پنهجي ماءُ پيءُ کي ديوتان جو روپ ڪري سمجهون ٿا، ۽ جي براهمڻ به پنهنجن وڏن کي ”ديوتا“ سڏيو، جێ چئبو پنهنجي سعادت ڏيکاريائون. صڎ اهو به ڪو اڄ ڪلهه جو رواج ڪونهي خود رگ ويد جي ”سوڪتن“ ۾ ڪيترن هنڌ ”رشي“ ۽ ”ديوتا“ لفظ ائين ڧڊ ڪم آيل آهن، جو ڄڻ ته ٻئي ساڳيءَ معني وارا لفظ آهن.
آسمان ۾ جيڪي ”سپت رشي“ إط جإیۑڷ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تن کي نه رڳو براهمڻ، صڎکتري ۽ وئش به ”ديوتائون“ ڪوٺين حإ جو رشين جو درجو رواجي انسانن جي درجي کان گهڻو مٿي آهي. انهن رشين جي ڶّڦِ ڶإڷ ويدن جا منتر نڪتا، جي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ آهن، تنهنڪري إێإ ”ديوواڻي“ سڏجڻ ۾ آئي. انهن رشين جو آڳاٽو ۽ اصلوڪوماڳه ميرو پربت جي چوٽيءَ تي ٻڌل شهر هو، ۽ سنسڪرت آئيويٽا اصل اُتي جڙي هئي، تنهنڪري اها اڄ تائين ”ديوناگري“ يعني ديوتائن جي شهر جي آئيويٽا سڏجي ٿي.