Video

پروفيسر ڀيرو مل مهر چند جي سنڌي ڊڪشنري ۽ اعرابون: پروفيسر ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي

ڪاڪي ڀيرو مل صاحب جا سنڌوءَ ۾ سنڌي ڊڪشنري ۽ اعرابون واري مضمون تي ٽي ليک گهڻي چاهه سان پڙهيا اٿم. هو صاحب سنڌي جي سهڻن ۽ ڀل ڀليرن شيوڪن مان هڪڙو آهي؛ انڪري جيڪي پاڻ لکي ٿو تنهن چڱو ڌيان لهڻو. مونکي سندس لاءِ هر طرح عزت آهي ۽ انڪري سنڌي ٻولي بنسبت، اڳئين ڇڪتاڻ وقت پڻ، جن ڪاڪي ڜإقب تي سخت ڪلامي ڪئي هئي انهن کي اخبارن دوران عرض ڪيو هوم ته ائين ڪرڻ کان باز رهن. مون تي هن صاحب پنهنجن ليکن ۾ جيڪي ڇوهه ڇنڊيا آهن، انجو ڪوبه ارمان ڪين اٿم. سندس تجربو، پدوي ۽ عمر کيس اهڙو حق ڏئي ٿي. دکه فقطه انهيءَ ڳالهه جو اٿم ته مونسان گڏ پروفيسر ڄيٺمل پرسرام تي پڻ جوش ڀري جلهيه ڪئي اٿس جو پڻ هن وانگي سنڌيءَ جو هڪ سلڇڻو خدمت گار آهي. هيءَ پرانت جي بدقسمتي آهي جو ساهت جا ڄاڻو هن طرح هڪ ٻئي تي جهليون ڪن ۽ جتي هوش کان ڪم وٺڻو هجي اُتي جوش کان ڪم ڷێ وٺن. ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب، جنهنجي بچاءَ ۾ پروفيسر ڀيرومل هميشه جهه عرصي کان ڤڵڶ صۑ کنيون آهي، اهوپاڻ، ڪجهه به لکڻ، پنهنجي شان جي گهٽائي ٿو سمجهي. سرڪاري سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ جي ميمبرن تي کيس صحيح ٺهرائي، پي ښڷڈښ بچاءَ ۾ ليکه ۽ پترا لکيا آهن. ڳالهيون ضڷ بنسبت کيس غلط سمجهن ٿا، انهن بابت غصڷ کي چُنو لاهي، مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ ڪري پيا وقت خير جو گذارين. ان وقت پنهنجي وويڪ جو وات شايد ێڷ دليل سان بند پيا ڪن ته سرڪاري ميمبرن کي شخصي طور ڪجهه به نه چوڻو آهي. اها اجازت کين فقط ڊاڪٽر صاحب جي پٺڀرائي لاءِ ئي مليل ٿي ڏسجي! نه ته، آهي ڪو انهن مان هڪڙو به، جنهن اڳين ڇڪتاڻ وقت کليءَ طرح لکيو ته ”خيال، معافي، خلقت“ جهڙا لفظ ”خيال، مُعافي ۽ خلقت“ جيئن لکيا ويا هئا تيئن صحيح نه آهن؛ لته اها عام جي ٻولي نه آهي؛ ته لفظ جيڪي سنڌي زبان ۾ ورتا وڃن انهنکي ائين ئي رکيو ويندو جيئن عام جي زبان آهي؟ روبرو اسانکي چيائون ٿي ته اچار جي ڳالهه ۾ اوهين صحيح آهيو پر ڪنهن کي به اها جريت ڪانه ٿي ٿي جو اهڙي ڳالهه ڪنهن به تقرير ۾ چون يا ان بنسبت ڪوبه ليکه لکن. ڊاڪٽر صاحب ڪجهه وقت ٿيو ته شڪارپور ۾ آيو هو. اسانجي گفتگو اعرابن تي پڻ ٿي هئي پر اُها اڌوري رهجي ويئي. منهنجو خيال هو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ جي ميمبرن اڳيان آءٌ پنهنجا سمورا دليل رکان پر اهو ٿئي ئي ٿئي اُن کان اڳه ٻڌم ته ڪاڪي صاحب ”سنڌو“ ۾ ليکه لکيو آهي. ڪراچيءَ ۾ ڪاڪي صاحب ٻڌايم ته ڊاڪٽر دائود پوٽي ساڻس مونسان ٿيل گفتگو جو ذڪر چوريو هو. جنهن صورت ۾ سنڌوءَ جي دواران ڪاڪي صاحب اها صفائي پسند ڪئي، اُنڪري آءٌ ڪراچي ۾ روبرو ڪنهن سان ڪونه مليس ۽ ساڳيوئي طريقو معاملي نرنيه ڪرڻ جو آءُ به وٺانٿو. پنهنجي ڊڪشنري ۾ ڪاڪو صاحب ڇا لکندو اهو مٿس ڇڏيل آهي؛ هتي فقط هنڳالهه تي ئي بحث هلي سگهي ٿو لته کيس ڇا لکڻ گهرجي. ڊڪشنري ۾ ٻوليءَ جا لفظ ڄاڻايا ويندا آهن ۽ اُنهنجي صحيح اُچار لاءِ اُچار جون نشانيون، ماترائون يعني اعرابون ڏبيون آهن. انڪري هر ڪنهن ڪوش جي ٻنهين ڳالهين سان واسطو ٿيندو. ان مد نظر ئي آءُ پروفيسر ڀيرومل جي اُٿاريلن حجتن جو سَندَن ڀريو جواب ڏيان انکان اڳ بهتر ٿو سمجهان ته اڳواٽ کانئس ڪي سوال پڇي ڪن ڳالهين جي صفائي ڪري ڇڏيان جنهنڪري بحث مباحثو سولو ٿئي. اهي سوال هي آهن. (1) ائين آهي يا نه، ته صحيح لکڻ جو ڍنگ تڏهن ئي برابر ٿي سگهي ٿو جڏهن اُهو اُچار مطابق آهي؟ (2) ائين آهي يا نه، ته هرهڪ ٻوليءَ جو روح يا دارومدار اُنجي سرن (Vowels) تي آهي؟ (3). ائين آهي يا نه ته عربي، (سيميٽڪ) مول ڀاشا جي شاخ آهي، ۽ سنڌيءَ جو واسطو سنسڪرت سان آهي. وري آريه مول ڀاشا جي شاخ آهي؟ (4) مٿين ٻولين ۾ اُچار مطابق جيڪڏهن تبديل هجي ته اعرابون ان مطابق رکي سگهجن ٿيون يانه؟ (5) اوهان پنهنجي ڪوش ۾ خيال خلقت ۽ معافي لفظ اعرابون ڏيئي ڄاڻايا آهن؟ (6) اُهي لفظ جيڪي ڌارين ٻولين مان سنڌي ٻوليءَ کنيا آهن ۽ سنڌي زبان تي چڙهي ويا آهن انهن جي پڇاڙيءَ وارا اکر اوهان ڪيئن ڄاڻايا آهن؟ (7) لفظن جي اُچارن بنسبت مت ڀيد جي حالت ۾، اوهان ڪنهن به ليک يا نثر ۾ اهو ڪڏهن ڄاڻايو آهي ته لفظن جا صحيح اُچار ڪهڙي اصول تي ٻڌجن؟