Video
مهاڳ
انگريزن جڏھن سن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو حاصل ڪري ورتو، تڏھن انھن سنڌ ۾ تعليم جي نظام کي تبديل ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان بنائڻ لاءِ بمبئي جي ”بورڊ آف ايڊيوڪيشن“ پاران سن 1845ع ۾ سنڌ ۾ ايڊيوڪيشنل ايجنسي ٺاھڻ جو منصوبو ھٿ ۾ کنيو. (1( انھيءَ منصوبي کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ بنيادي طور تي جنھن اھم شيءِ جي ڪمي محسوس ڪئي ويئي، سا ھئي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا آئيويٽا مقرر ڪرڻ. ڇاڪاڻ تھ ان کان اڳ ھتان جا سنڌي ماڻھو ڪا ھڪ رسم الخط يا آئيويٽا ڪتب ڪونھ آڻيندا ھئا. مسلمان عربي رسم الخط ڪتب آڻيندا ھئا تھ ھندو وري ديوناگري لپي- اھڙيءَ طرح خواجھ، خواجڪي ۽ ميمڻ ميمڻڪو رسم الخط ڪتب آڻيندا ھئا. ائين سنڌ ۾ ھڪ کان وڌيڪ لپيون ڪتب اينديون ھيون. جن جو سمورو تفصيل ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي تصنيف ”سنڌي صورتخطي“ ۾ ڄاڻايو آھي (2( .
لسانيات جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ھڪ ئي وقت سنڌ جي خطي ۾ رھندڙ ماڻھو جن جي رابطي جي زبان بھ ھڪ ئي ”سنڌي“ ھئي، مگر اھي لکتن ۾ مختلف لپيون ڪتب آڻيندا ھئا، تنھن جو ھڪ اھم سبب مذھبي پوئلڳي ٿي سگھي ٿو تھ ٻيو ڪارڻ سماجي ۽ سياسي. اھو اِھو تھ ھتان جا ماڻھو ڌارين جي قبضن، تسلط ۽ غلامانھ ذھنيت سبب ايترا تھ پوئتي پئجي ۽ ھيسجي ويا ھئا، جو ھڪ ٻئي سان پنھنجي لڳ لاڳاپن ۾ بھ گھرائي پيدا ڪرڻ کان پئي ڊنا.
اھڙيءَ طرح اھي پنھنجي اندر جي اور، مذھبي خيال، سياسي نظريي، سماجي روين ۽ اقتصادي توڙي آمدنيءَ جي وسيلن جي حوالي سان بھ کليءَ طرح پاڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي نھ پئي سگھيا. کين ھميشه اھو ڊپ ۽ ڊڄ رھندو ھو تھ ڪٿي سندن ڪنھن جائز يا ناجائز معاملي جي پروڙ پڌري نھ ٿي پوي يا متان کانئن شعوري يا غير شعوري طور اوچتو ڪا اھڙي غلطي سرزد ٿي وڃي، جنھن جي نتيجي ۾ سرڪار نامدار جو عتاب ڀوڳڻو پوي. اھڙائي ڪارڻ ٿي سگھيا ٿي، جو ھرھڪ طبقو، جيڪو مذھبي لحاظ کان ھڪ ٻئي کان الڳ ھو، تنھن الڳ الڳ لپي جو سھارو ورتو ۽ اھي طبقا، جي واپاري لحاظ کان ھڪ ٻئي کان پاڻ کي ڳجھو رکندا ھئا، تن وري پنھنجون پنھنجون لپيون ڪتب آنديون. ايستائين جو اھي فرق مذھبي، سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ جاگرافيائي بنيادن تي پيل نظر اچن ٿا.
جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آھي تھ انگريزن کي جڏھن نئين تعليمي نظام ۽ دفتري ٻوليءَ لاءِ ڪا ھڪ رسم الخط مقرر ڪرڻي ھئي. ان سلسلي ۾ انھن ”مسٽر ايلس (Ellis) اسسٽنٽ ڪمشنر جي صدارت ھيٺ اٺن مقامي ۽ ٻن يورپي ميمبرن تي مشتمل ھڪ ڪميٽي جوڙي جنھن تي ھيٺيان ميمبر مقرر ڪيا.
راءِ بھادر نارائڻ جگنناٿ، خان بھادر مرزا صادق علي بيگ ديوان پرڀداس انند رام، رامچنداڻي، ديوان اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي، ديوان ننديرام سيوھاڻي، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي ٺٽي وارو، ميان غلام حسين ٺٽي وارو.
انھيءَ ڪميٽيءَ تي ٻھ انگريز عملدار بھ کنيا ويا ھئا. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ ڪئپٽن برٽن – (3)
مرليڌر جيٽلي مٿين ڪميٽي متعلق ”سنڌ ۾ تعليم بابت رپورٽ“ (Report on Education in Sindh) جي مطالعي جي آڌار تي لکي ٿو تھ: ”سنھ 1853ع ۾ جنھن ڪاميٽي کان نئون الف- بي جو سرشتو تيار ڪرايو، ان ۾ ڪئپٽن اسٽئڪ ۽ ڪئپٽن برٽن ميمبر ڪونھ ھئا. حقيقت ۾ سنڌيءَ لاءِ رسم الخط چونڊڻ جي باري ۾ انھن ٻنھي عالمن جا رايا بارٽل فريئر ۽ ايلس اڳ ۾ ئي معلوم ڪيا ھئا. ان ڪري ايلس صاحب، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن جو عربي- فارسي اکرن مقرر ڪرڻ جي فائدي ۾ آرڊر ملڻ شرط، سن 1853ع ۾ انھن جي آڌار تي سنڌيءَ لاءِ آئيويٽا جو نئون سرشتو تيار ڪرڻ جو ڪم ھٿ ۾ کنيو. ھن ڪاميٽيءَ ۾ وري نئين سر سنڌيءَ لاءِ ڪو ھڪ رسم الخط چونڊڻ بابت بحث ڇيڙڻ واجب نھ سمجھيو.“ (4(.
مٿي ڄاڻايل ڪاميٽي جي ميمبرن مان مرزا صادق علي بيگ نالي ھڪ ميمبر لاءِ ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي پنھنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ صاف لکيو آھي تھ مرزا صادق علي بيگ، سنڌيءَ جي مشھور ليکڪ مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ ھو.
ڪاڪي ڀيرومل مھر چند آڏواڻي جي انھيءَ بيان جي وضاحت ۾ مرليڌر جيٽلي لکي ٿو تھ: ”مون جڏھن مرزا قليچ بيگ جي لکيل آتم ڪٿا وارو ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ پڙھيو، تڏھن معلوم ٿيو تھ مرزا صادق علي بيگ 1845ع ۾ ڄائو ھو. قليچ بيگ جون ڏنل تاريخون ۽ سال خاطريءَ جوڳا آھن. اِن حالت ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي تھ ڇا مرزا صادق علي بيگ کي سرڪار 1853ع ۾ اٺن سالن جي عمر ۾ ان ڪاميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ھو؟ ضرور ڪٿي نھ ڪٿي ڪا غلطي ٿي آھي. ڪاميٽيءَ جا ميمبر ڪير ڪير ھئا ۽ ڪاميٽيءَ ۾ ڪھڙن موضوعن تي بحث ٿيو، ان جي سموري تصديق ان وقت جي سرڪاري رڪارڊن مان ئي ڪري سگھبي.“ (5).
مٿي ڄاڻايل ٻن يورپي مستشرقين ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ ڪئپٽن برٽن جو سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا لاءِ الڳ الڳ نقطئھ نظر ھو. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري رسم الخط اختيار ڪرڻ جو حامي ھو تھ ڪئپٽن برٽن وري عربي لپي اختيار ڪرڻ تي ڳت ڏيئي بيٺو رھيو. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ان سلسلي ۾ سنڌيءَ لاءِ سنھ 1849ع ۾ ديوناگري ۽ انگريزي ۾ ھڪ گرامر (A Grammar of Sindhi Language) لکيو، جو بمبئي جي آمريڪن مشن پريس ((American Mision Press مان ڇپجي پڌرو ٿيو. اڳتي ھلي ڪئپٽن اسٽئڪ ديوناگري لپي ۾ پنھنجون انگريزي ۽ سنڌي ڊڪشنريون بھ ڇپائي پڌريون ڪيون. ڪئپٽن اسٽئڪ انھن ڪوششن کان علاوه ڪاميٽي آڏو اھي دليل بھ ڏنا تھ: (1) ھن رسم الخط کان يورپي عالم بخوبي واقف آھن ۽ (2) ھي خط (رسم الخط) سنڌي زبان لاءِ بنيادي آھي. (6) اھڙيءَ طرح ڪئپٽن برٽن بھ ڪي رايا ڏنا، جن مان اھم ڳالھيون ڪندي ھن ڄاڻايو ھو تھ: ديوناگري يقينا عالماڻو خط آھي. انھيءَ ڪري ھي خط لغت، گرامر ۽ اھڙن ٻين ڪمن لاءِ بھتر ٿيندو، جيڪي غير سنڌين (Europeans) کي سنڌي زبان سيکارڻ جي مراد سان لکيا ويا ھجن، پر ساڳئي وقت ديوناگري خط ۾ ڪيتريون اوڻايون بھ آھن. گھٽ ۾ گھٽ اھڙا ويھھ حرف آھن. جن کي اعرابن (Diacritical Marks) ڏيڻ جي ضرورت ٿيندي، جيئن مختلف آوازن جي حرفن کي ڌار ڌار سمجھي سگھجي. ازانسواءِ ھي خط دفتري ڪاروبار لاءِ گھڻي قدر دشوار ثابت ٿيندو. انھي کان سواءِ ماڻھو ھي خط آساني سان لکي بھ نھ سگھندا، جو ھي بلڪل غير مانوس خط آھي.
ڪئپٽن برٽن،، ڪاميٽي تي زور آندو تھ عربيءِ جو نسخ رسم الخط سنڌ جي حالتن جي لحاظ کان نھايت ئي موزون ٿيندو. ھن خط جي خوبي ان مان ئي ظاھر آھي تھ الجيريا کان وٺي گنگا ندي تائين، بخارا کان سلون تائين، ھي خط پکڙيل آھي. صدين تائين ھن خط کي آزمايو ويو آھي ۽ ٿوري ڦير گھير سان مختلف زبانن لاءِ ڪارگر سمجھيو ويو آھي. ھن خط جي خاص خوبي ھيءَ بھ آھي جو ٿوريءَ ئي تبديلي سان ھندستان (برصغير ھند- پاڪ) جي مور ڌني (cerebrals) ايران جي روان (Liquids) ۽ عربستان جي نڙيءَ وارن (gutturals) آوازن لاءِ عربي رسم الخط جون صورتون مقرر ڪيون ويئيون آھن. ھن خط کي ايشيا جو اعليٰ ترين (perexcellence) رسم الخط چئي سگھجي ٿو. ڪئپٽن برٽن ڪاميٽيءَ اڳيان وڌيڪ ھيٺيان دليل پيش ڪيا:
1. سنڌ جو سمورو علم – ادب قديم زماني کان وٺي ھن رسم الخط ۾ ملي ٿو.
2. سڀيئي پڙھيل مسلمان ھيءَ رسم الخط پڙھي سگھن ٿا ۽ منجھائن اڪثر لکي بھ سگھن ٿا..
3. جيتوڻيڪ ھندو عامل ھي رسم الخط پرھي نھ ٿا سگھن، پر اھا تسليم شده حقيقت آھي تھ سنڌي عامل نستعليق خط (پارسي خط) مان چڱيءَ طرح واقف آھن، تنھن ڪري ھي خط انھن لاءِ بھ مشڪل نھ ٿيندو.
ڪئپٽن اسٽئڪ ۽ ڪئپٽن برٽن جي انھن دليلن سبب انگريز عملدارن کي دشواريون پيش آيون ۽ نتيجي ۾ گھڻي سوچ ويچار ۽ لک پڙھھ کان پوءِ سنھ 1853ع ۾ سربارٽل فريئر جي سفارش تحت ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڊائريڪٽرن فيصلو ڪيو تھ عربي- سنڌي رسم الخط کي آزمائش طور اختيار ڪيو وڃي. اھڙي طرح موجوده رسم الخط جنھن کي ايلس جي ٺاھيل صورتخطي چئجي ٿو، مقرر ڪئي ويئي.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ سرڪاري طور مقرر ٿيندڙ رسم الخط جيئن تھ شروع کان ئي ھڪ تڪراري معاملو رھيو. تيئن ان جي مقرريءَ کان پوءِ بھ اھو اڄ تائين تڪراري ئي رھيو آھي. اسانجي سامھون ان تڪرار جا ٻھ ڪارڻ آھن. ھڪ مذھبي بنياد تي ڏڦيڙ ٻيو، ٻيو فني بنيادن تي تنقيد. ھاڻي سول اھو آھي تھ ٻولين جا جيئن مذھب نھ ھوندا آھن، تيئن انھن کي جيڪڏھن مذھب يا ڌرم جا ساٺ سگن ڪبا تھ اھي پنھنجو اصل روپ ۽ روح وڃائي ويھنديون ۽ نتيجتاّ جيڪي اگرا نتيجا مرتب ٿيندا، تن جي ڳڻ ڳوت ھر ھڪ باشعور خود بخود ڪري سگھي ٿو. ھا! مگر لسانيات جي فن ۽ فڪر موجب جيڪڏھن ٻولين تي تحقيقي ۽ تنقيدي انداز سان بحث مباحثا ڪري، ڪي نوان نتيجي اخذ ڪري ڪي ترميمون ۽ تبديليون آڻبيون تھ ھوند اھي راھون ترقي پذير ئي ٿي سگھن ٿيون نھ ڪ تنزل طرف ويندڙ. ٿيو ائين جو مٿي ڄاڻايل ٻن مستشرقين رسم الخط تي جيڪو بحث مباحثو ڪيو ھو، سو ٻوليءَ، لپين، آدمشماري، علمي ذخيرن ۽ ڪن فني لوازمن کي نظر ۾ رکي دليل بازي ڪئي ھئي. ٿي سگھي ٿو تھ انھن جي ديوناگري لپي ۽ عربي رسم الخط متعلق ذاتي ڄاڻ جي بنياد تي ڪو طرفداريءَ جو عنصر بھ شامل ھجي، جا فطري تقاضا بھ ٿي سگھي ٿي. مگر اسان کي اھو بھ گمان ڪرڻ نھ گھرجي.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ موجوده رسم الخط جي مقرريءَ کان پوءِ ڪو وقت تھ بنا ڪنھن تنقيد جي ان ۾ تعليم ڏيڻ ۾ آئي ۽ اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جو اجراءُ ٿيندو رھيو. مگر پوءِ جڏھن اسان جي عالمن تاريخ، تحقيق ۽ تنقيد طرف جديد نوعيت سان پنھنجو رخ موڙيو، تڏھن تاريخ ۾ تحقيق جي بنياد تي ڪي بحث مباحثا يا ڪي اختلاف ٿيا. ان پس منظر ۾ ٻوليءَ تي بھ اھڙا بحث مباحثا يا ڪي اختلاف ٿيا. جن جو پيدا ٿيڻ لازمي امر ھو. جديد انداز ۾ تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي سان اسان وٽ جيڪو ماحول پيدا ٿيو، سو انگريزن جي دور م پيدا ٿيو ۽ ان جو سمورو سھرو ماھوار رسالي ”سنڌو“ تي آھي. جو جنوري 1932ع کان مسٽر بولچند وسومل راجپال جي ادارت ۾ شڪارپور مان شايع ٿيو . آڪٽوبر 1935ع تائين اھو شڪارپور مان شايع ٿيڻ ”ميان جي ڳوٺ“ منتقل ڪيو ويو. جتان پڻ باقاعدگيءَ سان پڌرو ٿيڻ لڳو. سن 1939ع جي مئي مھيني تائين ماھوار ”سنڌو“ ميان جي ڳوٺ مان شايع ٿيڻ کان پوءِ جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو. مئي 1943ع تائين ”سنڌو“ جيڪب آباد مان شايع ٿيڻ کان پوءِ وري ميان جي ڳوٺ منتقل ڪيو ويو.
جنوري 1947ع کان سنڌو ڪراچيءَ مان شايع ٿيڻ شروع ٿيو ۽ آگسٽ 1947ع تائين ڪراچي مان شايع ٿيڻ کان پوءِ ملڪي ورھاڱي سبب بند ٿي ويو (9).
سنڌو رسالي ۾ تاريخ، ادب، ٻولي شاعري، افسانوي ادب، تحقيق ۽ تنقيد تي ڪيتريون ئي بيش بھا تحريرون شايع ٿيل آھن. گويا ائين چوڻ ۾ ڪوبھ وڌاءُ نھ آھي تھ اسان جي جديد ادب جي خوبصورت عمارت جا بنياد ”سنڌو“ جي صفحن ۾ موجود آھن. تحقيق جي حوالي سان ھر ھڪ موضوع تي اسان کي ”سنڌو“ رسالي مان جيڪو مفيد مايو ملي ٿو، تنھن کي تحقيق سان دلچسپي رکندڙ ڏاھن ۽ شاگردن آڏو پيش ڪرڻ نھايت ضروري آھي. ڇاڪاڻ تھ ”سنڌو“ رسالو اسان جي ٻولي، ادب ۽ تاريخ لاءِ نئون لاڙو آھي. جنھن کي فراموش ڪرڻ تحقيق جي ھڪ دور تان دستبردار ھئڻ جي برابر ٿيندو. ڏٺو وڃي تھ ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي جڏھن شاھ جي رسالي کي نئين ترتيب ۽ تدوين سان شايع ڪرائي پڌرو ڪيو ھو، تڏھن مٿس جيڪا تنقيد ٿي، سا بھ ”سنڌو“ رسالي جي صفحن ۾ موجود آھي. يا پير علي محمد راشدي جا تاريخي مضمون ۽ مقالا بھ ”سنڌو“ جي صفحن ۾ موجود آھن. خاص طور تي راشدي صاحب جا مقالا ”سکر ۾ جنگيون“ اھم آھن. افساني يا ڪھاڻي جي حوالي سان ڏسبو تھ ڪيترن ئي ناميارن افسانھ نگارن جا پھريان افسانھ ”سنڌو“ ۾ آيل آھن. اھڙي طرح ڪاڪي ڀيرومل مھر چند آڏواڻي جا تاريخ، ادب ۽ ٻولي تي قيمتي مضمون بھ سنڌو ۾ موجود آھن. نامياري دانشور ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جا تاريخ، ادب ۽ ٻولي تي قيمتي مضمون/ مقالا بھ ”سنڌو“ ۾ موجود آھن. جن کي راقم ترتيب ڏيئي ”سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري“ جي تعاون سان ”سون برابر سڳڙا“ جي نالي سان نومبر 1997ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
ڪجھھ ھن ڪتاب بابت: ھن ڪتاب ۾ شامل مضمونن کي ٻن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي. پھرين ڀاڱي ۾ ڪاڪي ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي جا مضمون ڏنا ويا آھن. جي سڀئي ماھوار رسالي ”سنڌو“ جي مختلف شمارن ۾ شايع ٿيل آھن.
”سنڌو“ ۾ ڪاڪي جا ڪيترائي مضمون شايع ٿيل آھن، جي تاريخ، ادب شخصيات ۽ تنقيد جي موضوعن کان علاوه ٻولي جي مختلف پھلوئن تي لکيل آھن. ڪاڪو پنھنجي دور جو وڏو ودوان ھو. بقول پير علي محمد شاھ راشدي جي، ”ٻوليءَ جي مسئلن ۾ سندس راءِ آخري حرف ھوندي ھئي. (10) نثر کان علاوه نظم تي بھ چڱي دسترس حاصل ھيس. سخنورن جي ساٿ ۾ ھو پاڻ کي ”غريب“ سڏائيندو ھو. سندس تخلص مان نھٺائيءَ جو ڏس ملي ٿو. ورنھ پاڻ علمي طور تونگر ھو. اھوئي ڪارڻ آھي، جو پوپٽي ھراننداڻيءَ کيس نثر جو ٿنڀو ڪري سڏيو آھي، تھ جي ايم سيد کيس چوٽيءَ جي اديبن ۾ شمار ڪندي لکي ٿو تھ : ”ڀيرو مل سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن مان ھو. سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر روايات ۽ زبان بابت کوجنا ڪري ھن جيڪو مواد ڪٺو ڪيو ۽ ڪتابي صورت ۾ آندو آھي، سو تعريف جي لائق آھي.“ (11) ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڪاڪي کي سنڌي ساھت جي ستارن مان ھڪ نمايان ستارو سڏيو آھي.
ڊاڪٽر صاحب جي بقول ”ديوان صاحب سنڌي، سنسڪرت، ھندي، فارسي، عربي توڙي انگريزي زبانن ۾ ماھر ھو.“ (12) منھنجو استاد ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، لکي ٿو تھ: ”ڀيرو مل پنھنجي دلچسپيءَ وارن موضوعن تي خوب لکيو آھي. چيو وڃي ٿو تھ ڪاڪي کي مرزا قليچ بيگ جي ريس ھئي. جو ھر موضوع تي پئي لکيائين ٻنھي ۾ فرق ھي ھو مرزا صاحب تاريخ، لغت ۽ شعر و ادب جون حدون لتاڙي ٻاھر نڪري ٻين موضوعن تي بھ لکيو، پر ڪاڪي انھن موضوعن کان ٻاھر سائنس جي دنيا ۾ پير نھ پاتو“. (13) ڪاڪي ڀيرو مل جي مجموعي طور ڪيل خدمتن کي واکاڻيندي ڊاڪٽر ھدايت پريم لکي ٿو تھ: ڀيرو مل مھر چند جون خدمتون بطور محقق، تاريخ نويس، ماھر لسانيات، مضمون نگار، ناول نويس، ناٽڪ ڪار، سيلاني، شاعر ۽ مترجم نمايان آھن. (14) ڪاڪي ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي جو ”سنڌو“ ۾ ٻوليءَ تي پھريون مضمون ”ٻولي ۽ تھذيب“ جي عنوان ھيٺ آھي، جو ماھوار رسالي ”سنڌو“ جي جنوري 1944ع جي شماري ۾ شايع ٿيو.
ھن مضمون ۾ ڪاڪي ڀيرو مل جا ڏاڍا ڪارائتا ويچار آيل آھن. جيئن ھڪ ھنڌ لکي ٿو تھ: ”ٻولي تھذيب يا سڀيتا جو آئينو آھي يا اڃا بھ ھيئن چئجي، تھ ٻولي ۾ انساني سڀيتا جي آتم ڪھاڻي Auto bio graphy سمايل آھي. ھن باري ۾ ھيءَ ڳالھھ بھ ڌيان تي رکڻ گھرجي تھ ٻولي ۾ جيڪي لفظ ڪم اچن ٿا، سي ڌڪيبازيءَ تي ٺھيل ڪينھن، پر ھر ھڪ لفظ ۾ ڪونھ ڪو خيال سمايل آھيئي آھي ۽ جيستائين اھو نھ جھٽبو تيستائين لفظ جي پوري معنيٰ ڪرڻ بھ وقتي مشڪل ٿي پوندي، جيڪڏھن لفظ جي ڌاتوءَ يا بنياد جي سڌ نھ ھوندي تھ ساڳي بنياد مان ٺھيل ٻين لفطن مان بنيادي معنيٰ جو پتو پئجي نھ سگھندو.
ڪاڪي ڀيرومل انھيءَ سلسلي ۾ ڪن سنڌي ۽ غير سنڌي لفظن جا مثال ڏنا آھن ۽ ڪن لفظن جو تقابلي مفھوم بھ ڄاڻايو آھي. مثلاّ ھڪ ھنڌ لکي ٿو تھ: ”يورپي عالمن ڪن قديم انگريزي لفظن مان ڪيترا آڳاٽا تاريخي احوال معلوم ڪيا آھن. مثلاّ انگريزي ۾ بئچيلر Bachelor معنيٰ ”ڪنئارو“ يا ”اڻپرڻيل“. ھن لفظ جي بنياد بابت ڪن عالمن جو رايو ڪھڙو تھ ڪن جو ڪھڙو آھي، پر گھڻن جو رايو ھي آھي تھ انھيءَ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آھي. ”بئڪا“ Bacca معنيٰ گانءِ“ اڳي اڪثر رڳو مالدار ۽ کيتي ڪندڙ ھوندا ھئا. جيڪي ڪنئارا ھوندا ھئا، تن تي گاين چارڻ جو ڪم رکيل ھوندو ھو ۽ اھي ٻنيءَ ٻاري جو ڪم بھ ڪندا ھئا. ”بئچيلر“ جو مونث آھي ”سپنسٽر“ Spinister معنيٰ ڪنئاري، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”ڪاپائتي“ يا ”ڪتڻ واري“. ”سپن“ (Spin) معنيٰ ”ڪتڻ“. اڳي جيڪي ڪنئاريون ھونديون ھيون سي ڪتڻ جو ڪم ڪنديون ھيون. سنسڪرت لفظ ”دھتر“، پارسي ”دختر“ ۽ انگريزي ”ڊاٽر“ (Daughter) ساڳيائي لفظ آھن، رڳو اچار ڦريل اٿن. انھن لفظن جو ڌاتو آھي .دھھ“ معنيٰ ”ڏھڻ“. اڳي نياڻين تي گاين ڏھڻ جو ڪم رکيل ھو. مطلب تھ ڪنئاريون ڇوڪريون ڪتڻ جو ڪم بھ ڪنديون ۽ گاين مينھن جي ڏھائي بھ ڪنديون ھيون.“
ڪاڪي ڀيرو مل جو ٻيو مضمون آھي: ”ھاڻوڪي آئيويٽا مان نقصان“. ڪاڪي ڀيرو مل ھن مضمون ۾ موجوده آئيويٽا جي ”وسرگ“ آوازن تي تنقيد ڪئي آھي ۽ ٻي ھنڌ لکيو آھي تھ: ”ٻي وڏي ذلت اسان وٽ آھي: ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث ۽ پ اکرن جي صورت ساڳي. پر ڪنھن اکر تي ھڪ نقطو ڪنھن تي ٻھ، ڪنھن تي ٽي تھ ڪنھن تي چار. اھي نقطا بھ ڪي ھيٺان تھ ڪي مٿان، ڪي سنوان تي ڪي پاسيرا، تھ توھين پاڻ امين ٿي چئي تھ ھن آئيويٽا سکندي ويچارن ٻارن جو مغز چڪر کائيندو ھوندو يا نھ؟“. ڪاڪي ھتمي طور تي پنھنجو رايو ھن طرح ظاھر ڪيو آھي: ”آئيويٽا جو اثر بھ ڪو گھٽ ڪونھي. ھوڏانھن ڪڇ ۽ پنجاب جي حدن تائين جيڪي سنڌي ڳالھائيندڙ آھن. تن لاءِ ھڪ يڪي آئيويٽا مقرر ڪريون تھ پھرينءَ سٽ پراون کي پنھنجو ڪري ڇڏيون. جيڪڏھن پنھنجن مسلمانن ڀائرن جي مرضي رکي ھاڻوڪي آئيويٽا جي بدران اڙدو ٻوليءَ جا اکر اختيار ڪريون. تھ بھ جيڪر ايترو ٿئي تھ اڙدوءَ جي علم ادب جو شاھي خزانو اسانجي سنڌي ماڻھن لاءِ جيڪر عام طرح کلي پوي، جيڪڏھن ھندن جي مرضي رکي گرمکي آئيويٽا چالو ڪريون تھ جيڪر پنجاب کي انھيءَ دم پنھنجو ڪري ڇڏيون. پر جنھن صورت ۾ اسين پھريائين ھندواسي ۽ پوءِ سنڌ واسي آھيون، تنھن صورت ۾ سڄي ھندستان جي ھنرن ۽ مسلمانن کي ملائي ھڪ ڪرڻ واري ھن وقت رڳو ديوناگري آھي ۽ انھيءَ جي وسيلي سڄي ھندستان جو علمي خزانو اسانجي ھٿ اچي سگھندو.“ ڪاڪي ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي جو ھي مضمون جنوري 1934ع جي سنڌو رسالي جي شماري ۾ شايع ٿيل آھي.
2
نئين ٺنڍي ڏڱثنري ۽ اڃرابون :هن ڃنوان هيٺ ڱاڱي ڀيرومل جو مجمون آھي جو حٺڄوار ڇپيو ۽ ”ٺنڍو“ تي مارچ -اپريل 1945ڃ مئي ۽ جون 1945ع تي ثمارن ۾ ثايڃ ٿيل آھي ۽ اھڙيءَ طرح باقي نومبر 1945ڃ تي ثماري ۾ ثايڃ ٿيل آهي. جنھن کي اسان ھڪ ڪري شامل ڪيو آھي.
ڃلامه ڏاڱٽر ڃمر بن مٿمد دائود پوٽو پاٿب (1896-1958ڃ) تڙهن ڏي_پي_آءَ تي ڃهدي ٻي ڇائز ٿيو، ٻڙهن درٺي ڱٻابن تي اڃرابن ۾ ڪي ٻرميمون ڱيون. تن ڳي ٺنڍي ٻولي تي لڳندڙن تي هڱ ڄبحي حبول ڱيو ٻه ٻي ڄبحي انهن ٻرميمن ڳي حبول نه ڱيو. انهن ٻرميمن ٻان تيڱو بٿڀ مباٿڀو ٿيو، ٻنهن تي هڱ تهلڱ ڱاڱي ڀيرومل آڙواڻي تي هنن مجمونن ۾ نظر اچي ٿي. انهيءَ ٿوالي ٺان اٺان ڳي چڱي روثني ملي ٿي. ڱاڱو ڀيرومل هڱ هنڍ لڳي ٿو ٻهَ ”مئي 1940ڃ ۾ پروڇيٺر ڄيٺمل هڱ ميٽنگ مٺٽر منوهرداٺ ڱوڙي مل تي بنگلي ۾ ڱوٺائي. تنهن ۾ ظاهر ڱيائين ٻه ڏاڱٽر دائود پوٽي درٺي ڱٻابن ۾ ڱي کيريون گهيريون ڱيون آهن ۽ اڃرابن ڙيڻ تو نمونو کيرايو اٿٺ.
اڃرابن بنٺبٻ مڳيه ڳالهه هيءَ هئي ٻه ”اي“ ۽ ”او“ تا اُچار ٺنڍيءَ ۾ ڱئن ظاهر ڱتن؟ مڀلا ”ٻڱري“ لڇظ ۾ ڃام ڄرٿ ”ي“ تي هيٺان زير (َ) ڙيندا آهن، ۽ چتون، ۾ ”و“ تي مٿان پيث (-ُ) ڙيندا آهن. پروڇيٺر ڄيٺمل چيو ٻه ڏاڱٽر دائود پوٽو چوي ٿو ٻه ”ٻڱري“ لڇظ ۾ ”ي“ تي بدران ”ر“ تي هيٺان زير (ِ ) ڙيڻ گهرتي ۽ چتون، لڇظ ۾ ”و“ بدران ”ٻ“ تي مٿان پيث (-ُ) ڙيڻ گهرتي، پر ٺندٺ اهو نمونو چلڄ آهي، تو اٺانڳي بند ڱرائڻ گهرتي.“ مٺٽر ڄيٺمل ڳي چيم ٻه پٿيٿ نمونو ڏاڱٽر دائود پوٽي وارو آهي، ٻنهنڱري ٻوهين پٿيٿ ۽ چلڄ تي ڳالهه ٻي اچڻ بدران، رڳو هن ڳالهه ٻي زور ٻڍي ٺگهو ٿا، ٻه اڃرابن ڙيڻ تو تيڱو نمونو هيٻرا ورهيه درٺي ڱٻابن ۾ هلندو آيو آهي، ٺو حائم رهي، تو ٻوليءَ ۾ روات به وڙي ڳالهه آهي“. هن ئي مجمون ۾ ڱاڱي ڀيرومل آڙواڻي رايو ڙيندي لڳيو آهي ٻه ”ڃربي ٺيميٽڱ ٽاندان تي ٻولين، تهڙوڱ ”هيبرو“ Hebrew يڃني ڃبراني يا يهودين تي حديم ٻولي، ڱئلڏي، اَرم ۽ ثام ملڱ ٺريا (Syria) تي ٻولين سڀ ٿرڇ پٿيٿ آهن!!! ڱابه ٻولي ٿرڇ ڃلٻ يا اڃرابن ڳان ٺواءَ هلي ڱين ٺگهندي. ڃربي ۾ 1، و، ي انهن ٽن اڳرن ڳي پنهنتا پنهنتا اُچار به آهن، ٻنهن ڱري ڃام ڄرٿ اهي ٿرڇ ڃلٻ ٺڙتن ٿا، پر ڱيٻرين ٿالٻن ۾ اهي ٺاڳيا ٿرڇ پٿيٿ ٿي به ڱم اچن ٿا. ڱاڱي ڀيرو مل آڙواڻي اهڙا مڀال پيث ڱيا آهن. ٺندٺ هن مجمون ۾ اڃرابن ۽ ٻوليءَ بابٻ وڙي مڃلوماٻ آيل آهي. ڱاڱي ڀيرومل آڙواڻي تو مجمون پروڇيٺر ڀوڄرات ناگراڻي تي مٿين مجمونن ٻي ڱيل ٻنحيد تو تواب آهي.
ٺنڍ ۽ ٺنڍي لچٻ: ڱاڱي ڀيرو مل آڙواڻي تو هي مجمون تولاءَ 1935ڃ تي ”ٺنڍو“ تي ثماري ۾ ثايڃ ٿيو. هي مجمون ڃلامه ڏاڱٽر ڃمر بن مٿمد دائود پوٽي تي مجمون (تيڱو ٽڄ ڄور آهي) ”ديوان منوهر داٺ ڳي تواب“ تي تواب ۾ آهي. ڃلامه دائود پوٽي پاٿب تو مذڱوره ”ٺنڍو“ اپريل 1935 تي ثماري ۾ ثايڃ ٿيو هو. تو راحم تي ٺهيڙيل ڱٻاب ”ٺون برابر ٺڳڙا“ ۾ پڻ آيل آهي. پڙهندڙن تي مڄالڃي ٽاڄر اهو ٺاڳيو مجمون هن ڱٻاب تي آٽر ۾ ڙنو ويو آهي.
ٺنڍي ٻولي تي واڍاري ۾ اٽڱون؛ ڱاڱي ڀيرومل آڙواڻي تو هي مجمون ”ٺنڍو“ مارچ 1935ڃ تي ثماري ۾ ثايڃ ٿيو. تو هٻي ڙيڻ جروري آهي. ڇاڱاڻ تو هن مجمون ۾ ليڳڱ ان زماني ۾ ٻوليءَ تي ٻرحي لاءَ تيڱي صلاحون ڙنيون، ٻن ڳان واحڇيٻ ٿي ۽ ان وحٻ تي ماٿول تي ٻپوير ڳي ڙٺي ٺگهتي.
ٺنٺڱرٻ ۽ ديوناگريءَ بابٻ ويچار: ڱاڱي ڀيرومل آڙواڻي تو هي مجمون ”ٺنڍو“ تنوري_ ڇيبروري 1944ڃ تي ثماري ۾ ثايڃ ٿيو. هن مجمون ۾ ٺنٺڱرٻ ۽ ديوناگري تي حدامٻ مٻڃلح ڄاڻ ڙنل آهي. مجمون ۾ ڄاڻايل آهي ٻه ؛ ”آڳاٽن آرين پنهنتي ٻوليءَ ڳي رڳو ”ڀاثا“ (ٻولي) پئي ٺڙيو، ۽ پوءَ هنن تڙهن ٻوليءَ ۾ ٽوبيون ڙٺيون، ٻڙهن ان ڳي صفاتي نالو ڙنائون ٺنٺڱرٻ. وڍيڱ ڄاڻايو ويو آهي ٻه آٺمان ۾ تيڱي ”ٺپٻ رثي“ اڄ ٻائين ڙٺڻ ۾ اچن ٿا، ٻن ڳي نه رڳو براهمڻ، ڳٻري ۽ وئش به ”ديوتائون“ڱوٺين ٿا، تو رثين تو درتو رواتي انٺانن تي درتي ڳان گهڻو مٿي آهي. انهن رثين تي مڳ مان ويدن تا منٻر نڱٻا، تي ٺنٺڱرٻ ٻوليءَ ۾ آهن. ٻنهن ڱري اهي ”ديو واڻي“ ٺڙتڻ ۾ آيا. انهن رثين تو آڳاٽو ۽ اپلوڱو ماڳ ميرو پربٻ تي چوٽيءَ ٻي ٻڍل ثهر هو، ۽ ٺنٺڱرٻ آئويٽا اپل اٻي تڙي هئي، ٻنهنڱري اها اڄ ٻائين ”ديو ناگري“ يڃني ديوٻائن تي ثهر تي آئيويٽا ٺڙتي ٿي.“
ٺنڍيءَ تي دڳدائڱ ٿالٻ: ٿالٻ ٺڍارڻ لاءَ رٿ:
ڱاڱي ڀيرو مل آڙواڻي تو هي مجمون ”مهراڻ“ 1946ڃ تي پهرين تلد مان ورٻل آهي. ”مهراڻ“ ان زماني ۾ ”ٺنڍي ادب لاءَ هڱ مرڱزي پلاٿڱار بورڏ“ پاران ثايڃ ڱرايو ويندو هو.
ڱاڱي ڀيرو مل آڙواڻيءَ تو هي مجمون مهراڻ تي پهرين پرچي (تنوري 1946ڃ) ۾ لڳيل ڏاڱٽر دائوڏ پوٽي تي ايڏيٽوريل ۾ ڄاڻايل ڱن نُڱٻن ٻي آڍاريل آهي. تن مان ڱن نڪتن ٻي مٽٻپرن هٻي روثني وتهتي ٿي.
پهريون نُڱٻو آهي: ”حديم ادبي ذٽيرو ڱٺو ڱري، ٺنڍي لچٻ ڳي ٺهڻن ٺنڍي لڇظن ٺان مالا مال ڱرڻ.“
ٻيو نُڱٻو آهي: ”ٺنڍي پورٻٽڄيءَ ڳي پٿيٿ بيهڱ ڙيارڻ.“
ٽيون نُڱٻو آهي: ”ٺنڍي پرڇ ۽ نٿو، تو هاڻ نهايٻ ناحپ آهي، ٻنهن ڳي ڃلمي اپولن موتب ٻرٻيب ڙيڻ.“
هن مجمون ۾ ڱاڱي لچٻ تي ٺهيڙ ۽ ٻرٻيب لاءَ ڱي مڇيد مثورا به ڙنا آهن ۽ ان ٺان گڙوگڙ پورٻٽڄي تي ٺڍاري لاءَ ڱي رايا ڙيئي ڱن لڇظن تا مڀال پيث ڱندي چوي ٿو ٻه اهڙي حٺم تي لڇظن تي پڻ لڳٻ هڱ ئي محرر ڱتي. تيئن، ٻيو_ ٻيون_ پندرهون _پنڍرهون_ پندرهن_ اوڻيهون_ اڻويهون_ اڻٽيهون _ اڻٽيهه _ ٽدمٻ- ٽذمٻ_ اڃا _ اڃان. ڱاڱي تي هن مجمون تو مڄالڃو ڱندي مڃلوم ٿيندو ٻه هو ٻوليءَ تي پٿيٿ پورٻ، ذٽيري وڍائڻ، ڱٻابن ڇپائڻ ۽ ڱاليتن توڙي يونيورٺٽي ۾ ٺنڍي پاڙهڻ لاءَ ڱهڙا نه ڱارائٻا ٽيال پيث ڱري ٿو. ڱاڱي ڀيرو مل آڙواڻي تهڙا ڙاها ۽ ڙاٻ ڍڻي ورلي پيدا ٿيندا آهن. هن تي ڃالمانه انداز ۽ ڇڱر ڳي ڙٺي چئي ٺگهتي ٿو ٻه ڳيٺ پنهنتي ٻوليءَ تي ٺڍاري، واڍاري ۽ ٻرحيءَ تو ڱيڙو اونو رهندو هو. هو پنهنتي تيڙن تي ٺاٿ ۾ ٺرٺ ٽوبين ۽ ٽاپيٻن وارو انٺان هو.
ڱٻاب تو ٻيو ڀاڱو: ٻئي ڀاڱي ۾ مٽٻلڇ ڃنوانن ٺان مٽٻلڇ اديبن تا مجمون ثامل ڱيا ويا آهن. تن ۾ پهريون مجمون ٽان بهادر محمد صديق ميمڻ تو ”ڃربي ٺنڍي پورٻٽڄي“ تي ڃنوان ٺان آهي. تو ”ٺنڍو“ تنوري 1934ڃ تي ثماري ۾ ڇپيل آهي. هن مضمون ۾ موتوده پورٻٽڄي تي محرر ٿيڻ ۽ ان ڳان اڳ ڱٻب ايندڙ لپين ٻي روثني وڍي ويئي آهي. مجمون تي هڱ ٻاريٽي اهميٻ آهي. ورنه اڄوڱي ٻٿحيح گهڻو اڳٻي آهي.
ٺهڻي ۽ ٺلوڻي ٺنڍي: ٿڱيم ڇٻٿ مٿمد ٺيوهاڻي ٺنڍي ٻوليءَ تو ناميارو اديب ۽ ٺٽنور ٿي گذريو آهي. ٺندٺ ڱيٻريون ٻٿريرون ”ٺنڍو“ رٺالي ۾ شايع ٿيل آهن. تن مان اٺان پنهنتي مڄلب موتب هن مجمون تو انٻٽاب ڱيو آهي. هي مجمون ٺندٺ ثاهڱار حلم تو بينظير نٻيتو آهي. ٺنڍي مجمون نويٺي ۾ هن مجمون تي وڙي اهميٻ ٿيندي.
سنڌي ٻولي دنيا جي سڌريل ٻولين مان ھڪ آھي: حڪيم فتح محمد سيوھاڻي جو ھي مضمون ”سنڌو“ جون – جولاءِ 1936ع جي شمارن ۾ شايع ٿيل آھي. حڪيم صاحب اھو مضمون سن 1936ع ۾ ٿيل ڪراچي جي ”سنڌي ساھت ڪانفرنس“ ۾ پڙھيو ھو. جو بيحد ساراھيو ويو ھو.
ٺنڍي ٻولي: پروڇيٺر اين_ آر ملڱاڻي تو هي مجمون ”ٺنڍو“ اپريل 1937ڃ تي ثماري ۾ ثايڃ ٿيو. لپي، ٻولي ۽ ادب تي مٽٻپر پٺ منظر تي ٿوالي ٺان هي مجمون اهم آهي ۽ ان تي اهميٻ پڻ آهي.
ٺونهري ٺنڍي: ڏاڱٽر ليلا رام نر ٺنگهداٺ کيرواڻي، مثهور اديب ۽ دانثور پروڇيٺر ثيوارام کيرواڻي تو ننذو ڀاءُ هو ۽ ثڱارپور تو رهواٺي هو. هو وحٻ بوحٻ ”ٺنڍو“ ۾ مجمون ۽ ڱهاڻيون لڳندو هو. ٺندٺ هن مجمون ۾ ڱيل اها ڳالهه ٻه: ”ٺنڍي بوليءَ ڳي تنهن پورٻ ۾ اٺين ڙٺون ٿا، ٻنهن ڳي ٺهي اَٺي ٺال مٺ ٿيندا، پر ڱابه ڳاڻاٽي ۾ آڻڻ تهڙي ڱوثث ان ۾ ٻرحي، واڍاري يا ٺڍاري تي پوين ڙهن. ٻارهن ٺالن ڳان مٺ ليڳي ٺگهبي”.
ٺندٺ انهيءَ راءَ ٻي ڃلامه دائود پوٽي پنهنتي هڱ ٽڄ ۾ ٻنحيد ڱئي آهي، تنهن تو مٿي ذڱر ڱيو ويو آهي.
ٺنڍي ٻولي (ماجي_ ٿال_ مٺٻحبل): گلرات ايم ٽثالاڻي تو هي مجمون ان وحٻ تي لٿاظ ڳان ڱارائٻو آهي. هڱ ھنڌ ڄاڻايل آهي ٻه: ”ٺنٺڱرٻ ويدڱ ڀاثا ڳان پوءَ پيدا ٿي آهي ۽ ٺنڍي ان وحٻ موتود هئي، تنهن وحٻ ٺنٺڱرٻ تو تنم به ڱونه ٿيو هو. ان ڳالهه تي چڱي ڄرٿ ڇنڏ ڇاڻ لاءَ ڳوتنا تي جرورٻ آهي.“
ٺنڍي ٻولي: مٺٽر ڳيمچند هيراڻي تو هي مجمون به مٿين مجمونن وانگر ٻولي، لپي ۽ حدامٻ تي ڃام نُڱٻن ٻي آڍاريل آهي.
ٺنڍي ٻوليءَ تون ٽپوپيٻون: هن ڃنوان هيٺ مٺٽر ڙيارام وٺڻ مل مير چنداڻي 17_ تون 1944ڃ ٻي ثرناگٻي هال ڱراچيءَ تي ميٽنگ ۾ ٻحرير ڱئي هئي. ميٽنگ تي پدارٻ مٺٽر لڃل چند امر ڙني مل تڳٻياڻي ڱئي هئي. مٺٽر ڙيارام وٺڻ مل (ٻ_ڄ) (ڀ_ٺ_پ) (هه ٿ) (ذ، ز، ظ، ج) ڳي ٺاڳيا آواز ٺڙيندي، انهن ڳي گهٽائي هڱ اڳر محرر ڱيو وڃي ۽ ٺٻ اڳر گهٽائي چند امر ڙني مل تڳٻياڻي ڱئي هئي. مٺٽر ڙيارام وٺڻ مل (ٻ_ڄ) (ڀ_ٺ_پ) (هه ٿ) (ذ، ز، ظ، ج) ڳي ٺاڳيا آواز ٺڙيندي، انهن ڳي گهٽائي هڱ اڳر محرر ڪرڻ ۽ ٺٻ اڳر گهٽائي 44 اڳرن ٻي مثٻمل لپي محرر ڪرڻ جي ڳالھھ ڪئي ھئي. ليڳڱ تو هي رايو به ڍيان لهڻي ٻه: ”تيڱي لڇظ ٻين ٻولين مان ٺنڍي ٻولي ۾ اچن ٿا، ٺي گهڻو ڱري پنهنتو روپ ۽ پنهنتو اچار حدري بدلائين ٿا. ٺنڍي ٻولي ۾ اها ئي بدليل پورٻ حائم هئڻ گهرتي. ٺنڍيءَ ۾ اهڙن لڇظن تو اپلوڱو اچار ڱرڻ ڳل جھڙو ۽ بيهودو پيو لڳي.“
ٺنڍي ٻولي تو ابٻدائي اٿوال: ٺرڳواٺي پهلاتراءَ ليلا رام واٺواڻي تو هي مجمون ماهوار رٺالي ”ٺنڍو“ تي ٺيپٽمبر، آڱٽوبر ۽ نومبر 1932ڃ تي ثمارن ۾ ٽن حٺڄن ۾ ثايڃ ٿيل آهي. جو ھتي ھڪ ڪري ڏنو ويو آھي. ڙٺو وڃي ٻه هي مجمون آڳاٽو لڳيل آهي ۽ ليڳڱ تي ٺرڳواٺ ٿيڻ ڳان پوءَ اثاڃٻ هيٺ آيو. جنھن ۾ ٻوليءَ ٻي انگريزن تي دور ۾ مقرر ڪيل موتوده لپيءَ تي قائم ڪرڻ تي روئداد ڄاڻايل آهي ۽ ان ٺان گڙوگڙ ٻڃليم تي ماٿول ٻي چڱي ڄاڻ ڙنل آهي. تا ٺماتي لٿاظ ڳان ڱارائٻي ٿي ٺگهي ٿي.
ڃلم لچاٻ يا ثبدوديا: آٺانند مامٻورا، ٺنڍي ٻوليءَ تو مثهور ليڳڱ ھو. ٺندٺ ڱيٻرائي مجمون ”ٺنڍو“ تي پڇٿن ۾ مٿڇوظ آهن.مامٻورا تو هي بهٻرين مجمون آهي. تنهن لاءَ ائين چوڻ ۾ ڱوبه وڍاءُ نه ٿيندو ٻه: اهو گهڻ رٽي ڄاڻ ڳانٺواءَ ٺماتي لٺانياٻ تو به ڄڻ اوائلي مجمون آهي. انهيءَ ٿوالي ٺان هو هڱ هنڍ لڳي ٿو ٻه: ”ٻولي ماڻهن تي ثٽپيٻ تو ئي حدرٻي اظهار آهي، انهيءَ ڱري، حدرٻن، اها ماڻهن تي من ۽ ٻن تي ورٻين ۽ ڃادٻن کرڻ ٺان کرڻ ئي گهرتي. هر هڱ حوم، هر هڱ تاٻي، هر هڱ ثٽپ، نٻ نوان نوان آزود نوان نوان آزمودا، نوان نوان آدرث ۽ محپد ۽ نوان نوان اٿٻتات مٿٺوٺ ٿو ڱري. اهي ٺڀ ٿالٻون نون نمونن ۾ پنهنتو اظهار ڱن ٿيون ڱهنا لڇظ نئين مڃنيٰ وٺن ٿا ۽ بنهه نوان لفظ پڻ تڙن ٿا. ڱنهن به ٻولي تي ٻاريٽ ڙٺبي ٻه لڇظن تي مڃنيٰ بدلائڻ تا بيثمار مڀال ملندا. ڱڙهين ٻه لڇظ بي ڱارائٻا ٿي، رڇٻه رڇٻه، چير مروت ٿيو پون ٺٻڍارين حومن ٺان ٻڃلح ڱري انهن تي ٻولين تا لڇظ اپلي ٻوليءَ ۾ مروت ٿيو وڃن. اهڙي ڄرٿ هر ڱنهن ٻولي ۾ لڇظ پيا اچن، وڃن ۽ ٿالٻن موتب مٽتن.“
ٺنڍي ٻولي ۽ ديوناگري لپي: ڙيارام وٺڻ مل ميرچنداڻي تو هي مجمون ”ٺنڍو“ تنوري 1944ڃ تي ثماري ۾ ثايڃ ٿيل آهي. هن مجمون ۾ ڙيارام وٺڻ مل ٺنڍي ٻولي لاءَ ديوناگري لپيءَ ڳي پٿيٿ ٺمتهندي ڱئپٽن اٺٽئڱ تو ٿمايٻي نظر اچي ٿو.
پروڇيٺر ڀيرو مل مهر چند تي ٺنڍي ڏڱثنري ۽ اڃرابون: پروڇيٺر ڀوڄرات ناگراڻي، تو ٺنڍيءَ تو وڙو ڄاڻو ۽ مهان ليڳڱ ٿي گذريو آهي، ٺو ورهاڱي ڳان اڳ ثڱارپور تي ٺي_ اينڏ ايٺ ڱاليت ۾ ٺنڍيءَ تو اٺٻاد هو. ان زماني ۾ هن ”ٺامي“ تي ٺلوڱن ٺهيڙڻ تو ڱم هٿ ۾ ڳنيو هو، تو گهڻي ڃرپي تي تدوتهد ڳان پوءَ ٻڱميل ٻي رٺائي ڱٻابي پورٻ ۾ ”ٺامي تا ٺلوڱ“ تي نالي ٺان ڇپائي پڍرو ڱيائين.
پروڇيٺر ناگراڻي هن مجمون ۾ ڱاڱي ڀيرومل ڳي اڃرابن تي مڃاملي ۾ ڃلامه ڏاڱٽر دائود پوٽي تو مقلد ۽ ڄرڇدار ٺڙي ٿو. هو لڇظن تي لڳڻ لاءَ اچارن تي مڄابحٻ ٺان ڱي اپول ڄئي ڱري ٿو. تن ٻي مجمون ۾ روثني وڍي ويئي آهي.
ٺنڍي اڃرابون ۽ پروڇيٺر ڀيرومل مهر چند: پروڇيٺر ڀوڄرات ناگراني تو هي مدلل مجمون ”ٺنڍو“ تنوري 1947ڃ تي ثماري ۾ ثايڃ ٿيل آهي. هن مجمون ۾ ليڳڱ تا ويچار وڙو ڍيان لهڻين ٿا. هڱ هنڍ لڳي ٿو ٻه: اٺانتي ٿتٻ آهي ٻه ڃربي ۽ ٺنڍيءَ ۾ ٺاڳيا ٺر ڱونهن، نه وري ٺڀني تو اچار ٺاڳيو آهي، حدرٻ ۾ ٻڇاوٻ آهن، ان ڱري تيٻوڻيڱ اٺان ڃربن وارو لڳڻ تو نمونو اٽٻيار ڱيو آهي ٻه به اٺان ڳي هر ڱو ٿح آهي ٻه پنهنتن گهرتن آهر انهن ۾ اهڙيون ٻبديليون آڻيون تو لڳڻ تو مڳيه اپول ”ٻه اڃرابون اهڙيءَ ڄرٿ ڱم آڻيون تو ٺنڍي ٻوليءَ تو اچار حائم رهي“، ان تي برابر پيروي ٿئي ۽ انڍ ۾ پئي اتائي پوئلڳي نه ڱريون. هر ڱا کير گهير ڱنهن اپول ٻي هئڻ گهرتي.
اڃرابن بابٻ منهنتا ڱي ويچار: پروڇيٺر منگهارام ملڱاڻي تو هي مجمون ڏٺمبر 1945ڃ تي ”ٺنڍو“ تي ثماري ۾ ثايڃ ٿيل آهي. مجمون ۾ ليڳڱ ڱاڱي ڀيرومل آڙواڻي ۽ پروڇيٺر ناگراڻي تي مجمونن ٻي نظر ڍريندي پنهنتا ڱتهه ٽيال پيث ڱيل آهن.
ٺنڍي لچاٻ ٻي ودوانن تا وڍيڱ رايا_ ڏاڱٽر دائود پوٽي ڳي تواب:
منوهر داٺ ڱوڙيمل تو لڳيل ”ٺنڍو“ تي ٺمپادڱ ڳي هي ٽڄ انهيءَ ڱري ثامل ڱيو ويو آهي. تو منهنتي اڳ ٻرٻيب ڙنل ڱٻاب ”ٺون برابر ٺڳڙا“ ۾ پڻ ڏاڱٽر دائود پوٽي پاٿب تا اهڙا مجمون ۽ ٽڄ ڙنا ويا آهن. تن ۾ ڱاڱي ڀيرومل آڙوڻي ۽ منوهر داٺ ڳي ڱن نڱٻن تا تواب ڙنل آهن. ان لاءَ پڙهندڙن ڳي ان بٿڀ تي چٽي ٻپور آڙو اچي ويندي. هي ٽڄ ”ٺنڍو“ مارچ 1935ڃ تي ثماري ۾ آيل آهي.
بيوٺ تي ٻحير: ٻاريٽ 28، 29 ۽ 30 مارچ 1941ڃ ٻي ڱراچي ۾ ٽن ڙينهن تو ”ٺنڍي ٺاهٻ ٺميلن“ ملهايو ويو. تنهن تي پدارٻ نامياري ڱوي ڱثنچند ”بيوٺ“ ڱئي هئي. انهيءَ موحڃي ٻي ”بيوٺ“ تيڱا ٻاريٽي ٻحرير ڱئي هئي، ٺا ”ٺنڍي ٺاهٻ ٺميلن“ تي ٺيڱريٽري ڀاڳچند چٻر ٺنگهه ڇپائي پڍري ڱئي هئي ٻٽيھن پڇٿن ٻي مثٻمل انهيءَ ٻحرير ۾ بيوٺ ٺاهٻ، اٻهاٺ ۽ ٻوليءَ ٻي تيڱي ويچار پيث ڱيل آهن، ٻن مان اٺان ڳي گهڻي ڄاڻ ٿاپل ٿئي ٿي. اٺان ڳي گهرتي ٻه ٺنڍي ۾ ٿيل ”ٺنڍي ٺاهٻ ٺميلن“ ۽ ادبي ڱانڇرنٺن تي موحڃن ٻي تيڱي به پدارٻي ٻحريرون يا اهم محالا پيث ڱيل آهن، ٻن ڳي ٺهيڙي ڱٻابي پورٻ ۾ ثايڃ ڱرايون ٻه تيئن اهڙي حٺم تي ٻاريٽ يڱتا ٿي وڃي.
ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو
”حوالا“
1) Aitken. E.H. “Gazetter of the province of Sindh”. Merecantile Steam Press Karachi. 1070 p. 427
2) الانا غلام علي ڊاڪٽر: ”سنڌي صورتخطي“: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد ڇاپو 4- مئي 1993ع
3) ايضا ص 96
4) جيٽلي مرليڌر: ”اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪھاڻيون“. سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد آڪٽوبر 1990ع ص 11
5) ايضا ص 10 ۽ 11
6) ڏسو حوالو ٻيو ص ص 98 ۽ 99
7) ايضا ص ص 99 ۽ 100
8) ڏسو حوالو پھريون
9) وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو مقالو: ”ماھوار سنڌو- ھڪ آڳاٽو ادبي رسالو“. ٽماھي مھراڻ 1994 /4-3ع
10) راشدي پير علي محمد : ”اھي ڏينھن اھي شينھن“. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جلد 1981.3ع ص 229
11) جي. ايم سيد: ”جنم گذاريم جن سين“ : سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1967ع: جلد 2 ص 328
12) الانا غلام علي ڊاڪٽر: ”سنڌي نثر جي تاريخ“ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1966ع ص 124
13) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد: 1983ع ص 98
14) ھدايت پريم ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻوليءَ جا محقق“ : سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد: 1994ع ص 25