Video
سنڌي اعرابون ۽ پروفيسر ڀيرو مل مهر چند: (پروفيسر ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي)
پروفيسر ڀيرو مل جي اعرابن نسبت للڪار، سنڌي سڌار سڀا جي پتر نمبر 2 ڇپجڻ کان وٺي هلي آهي. هن صاحب جيڪي غلطيون ان پتري ۾ چاهي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ ڪيون آهن اُنهنجي اُپٽار جو هينئر چڱو موقعو مليو آهي. مون وٽ هن صاحب جا لکيل گرامر پڻ آهن جن ۾ پڻ هن جيڪي لکيو آهي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿيندو. سندس پتري واري للڪار کان پوءِ سنڌي ساهت سڀا جي ڪانفرنس ٿي هئي جتي پرسڌ ڪوي بيوس صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ۾ پروفيسر ڀيرو مل ۽ ان سان هم خيال يارن جي حجتن جو جواب ڏنو هو. ان بعد سنڌ سرڪار هڪڙو ٺهراءُ پاس ڪيو هو ته ٻنهين طرفن جي عيوضين کي وهاري مت ڀيد وارين ڳالهين جو نبيرو ڪرائبو. جيسين ديوان نهچلداس وزيراڻي وزير هو تيسين اهي ڳالهيون هيون. جڏهن هو صاحب وزارت مان نڪتو تڏهن آنربل پير الاهي بخش ۽ اُنجي ساٿين خبر ناهي ته اسانجي طرف جا ڪهڙا عيوضي گهرايا جو فيصلو ڪيائون ته ڊاڪٽر دائود پوٽي جو عمل ۾ آندل سرشتو برابر آهي. هن طرح سرڪار پنهنجي انجام شڪني ڪئي. هن انجام شڪني ۽ ارهه زوراوريءَ نسبت ڪا ڪو سائين چوي ٿو ته ”پوءِ سنڌ سرڪار کي هڪ سب ڪاميٽي مقرر ڪئي ...... هن سب ڪاميٽيءَ به اهو فيصلو ڪيو ۽ سنڌ سرڪار اهو بحال ڪيو ته پوءِ سنڌي جا ٻئي پروفيسر ڦڪا ڪانا چوپي ويهي رهيا.“ آءٌ ڀايانٿو ته ڪاڪي صاحب پاڻکي اسانجي طرفان ان ڪاميٽيءَ تي عيوضي سمجهو هوندو. جيڪا ڳالهه نندڻ لائق آهي اها پروفيسر صاحب لاءِ فخر جو باعث آهي ۽ ان ڳالهه تي خڊۑ، اها دليل طور ڪتب آندي اٿس.
هن کان اڳ مون پروفيسر صاحب کان ڪي سوال پڇيا هئا پر منهنجي سوال نامي جو جواب پروفيسر ڀيرو مل خير ڪو ڏٺو آهي. ان بعد ٻڌو اٿم ۽ اخبارن ۾ پڻ صڏێۑۆ اٿم ته نئين ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽيءَ کي هدايتون ڪيون ويون آهن. ته اي ۽ اوُ کانسواءِ، آ جڏهن ڪنهن اکر جي پٺيان اچي مثلا با با سو هينئر بَا بَا وانگي لکجي. مونکي ڄاڻ ڪانهي ته انهيءَ نئين ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽيءَ ۾ پروفيسر ڀيرو مل جي ڪهڙي حيثيت آهي ۽ سندس صلاح کي ڪهڙو وزن ڏنو ٿو وڃي، پر ان ۾ ته ڪوبه شڪ ڪونهي ته پروفيسر صاحب جا اُچار نبست اصول جي هن پنهنجي گرامر ۽ ٻين ڪتابن ۾ ڏنا ۽ ڏيکاريا آهن، انهنکي النگهن ڪندي نوان نمونا ڪتابن ۾ رکيا ويا آهن پر تنهن هوندي به هن انهي برخلاف نڪي تقريرن دوران ۽ نه وري ليکڪن ذريعي ئي ڪو پنهنجو آواز اعتراض طور ڪڏهن به اُٿاريو آهي. هن نسبت منهنجي اٿاريل سوالن کي نظر انداز ڪري فقط ايترو لکيو اٿس ته اهي ڏٺ ڏوراپا پوءِ ڏبا، في الحال اعرابن جي ڳالهه ڪريو. ٿي سگهي ٿو ته هن صاحب اُچارن نسبت ڪاميٽيءَ کي پنهنجي صلاح ڏني هجي ۽ اها سويڪار نه ڪئي ويئي هجي ۽ پروفيسر صاحب سياڻپ جو اهو نمونو سمجهيو هجي ته اچارن نسبت يارن جي اوگهڙ نه ڪجي باقي اعرابن نسبت مخالفين تي ڇوهه ڇنڊجن. زمانو ڦرندڙ آهي ۽ ان سان گڏ اسانجو ڪاڪو صاحب پڻ ڦريو آهي.
هن بعد پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ پنهنجو ”ڪچو ڦڪو جواب“ پنهنجي اُستاد صاحب پروفيسر ڀيرومل کي ڏنو آهي جنهن ۾ پنهنجي خيالن ۾ دليلن سان گڏ هن هڪ ڳالهه چئي آهي جنهنکي آ۞ وري به دهرائڻ چاهيانٿو ته ڪاڪي صاحب درسي ڪتابن ۾ ڦريل اعرابن درج ٿيڻ جو جيڪو سبب ڄاڻايو آهي سو ٻاراڻو آهي ۽ دليل ڏيندڙ کي کلڻ هاب بڻائي ٿو. جڏهن هن سوال نسبت ڇڪتاڻ هلي هئي تڏهن پهرين مارو سرڳواسي ديوان پريمچند تي هو، پوءِ ان جي ڪلارڪ کي ڏوهي بڻايو ويو آهي. چي ڪلارڪ إّجإڎڼ ۾ چوڪون ڪيون جي ڊسۑۆڷ ڪنهن ڪونه، ائين ئي ڇاپي ۾ اچي ويئون ۽ پريس ۾ پلٽجي ويئون ۽ سڀ ڄاڻو سرڳواسي ڶښخڎ پرمانند ميوارام ۽ بيا تن نڪي هن ڳالهه جي اوگهڙ ڪئي ۽ نه وري ڪاڪي سائينءَ ڪجهه ڪڇيو، سڀني ښج ۆغڷ ڶێڎإض ڥڎۑ ڦڼۑ کإڵێێ ڤبۆڵ ڥیۑ. ڌڻيءَ مونکي جيڪا سمجهه ڏني آهي ان موجب ته آ۞ اها ڳالهه وسمي نٿو سگهان ۽ نه وري سمجهانٿو ته ڪوبه سياڻو اها ڳالهه اعتبار ۾ آڻيندو.
پروفيسر ڀيرو مل جون غلطيون
مون ڪاڪي صاحب کان اعرابن نسبت چار سوال پڇيا هئا جي هيٺيان آهن.
(1) ائين آهي يا نه ته صحيح لکڻ جو ڍنگ تڏهن ئي برابر ٿي سگهي ٿو جڏهن اهو اچار مطابق آهي؟
(2) ائين آهي يا نه، ته هرهڪ ٻوليءَ جو روح يا دارومدار اُنجي سُرن (Vowels) تي آهي؟
(3) ائين آهي يا نه ته عربي، شامسي (سيميٽڪ) مول ڀاشا جي شاخ آهي ۽ سنڌيءَ جو واسطو سنسڪرت سان آهي جا وري آريه مول ڀاشا جي شاخ آهي؟
(4) مٿين ٻولين ۾ اُچار مطابق جيڪڏهن تبديل هجي ته اعرابون ان مطابق رکي سگهجن ٿيون يا نه؟
ڪاڪي صاحب مٿين سوالن نسبت جواب ڏنو آهي ته مون پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ اهي ۽ ٻيون اهڙيون ڪئين ڳالهيون چٽيءَ ريت کولي ٻڌايون آهن، پوءِ ڇو ويهي ”سنڌوءَ“ جا صفحا ڪارا ڪجن ۽ پنهنجو به وقت وڃائجي؟
سنڌوءَ جا پڙهندڙ جن اڳيان هيءَ ڇڪتاڻ ڪاڪي صاحب نئين سر شروع ڪئي سي هروڀرو ساڳيا نه آهن جن پروفيسر صاحب جا مٿيان ڪتاب پڙهيا هجن ان ڪري بهتر ٿئي ها. جي پروفيسر صاحب سلسلي وار ڳالهه ڪري ها ته پوءِ مونکي پڻ جواب ڏيڻ سولو ٿئي ها پر جنهن صورت ۾ پاڻ هنن ڳالهين جو سنٻنڌ نٿو سمجهي ۽ مونکي صلاح ڏني اٿس ته مٿيان ڪتاب پڙهان اُن ڪري ضروري آهي ته پروفيسر صاحب جي ڪتابن مان حوالا ڏئي ڳالهين جي اپٽار ڪريان جنهنڪري غلطيون درست ٿين.
(1). سوال پهرين لکڻ ۾ مقصد اهو آهي ته لکڻ جو نمونو ۽ ڍنگه اُچار مطابق ئي هئڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به ٻوليءَ جي آئيويٽا وٺجي ته هروڀرو ضروري نه آهي ته جنهن نموني ۾ پهرين ٻوليءَ ۾ اعرابون ڪتب اچن ٿيون ان نموني ۾ ئي ٻيءَ ٻوليءَ ۾ لکڻ لاءِ اسين ٻڌل آهيون. پنهنجي گهرجن پٽاندر اسين انهن ۾ ڦير گهير ڪري سگهون ٿا. عربيءَ جي ڀيٽ ۾ اهڙي تبديل سنڌي ۾ سرن لکڻ نسبت اڳ ۾ ئي آهي. جڏهن مسٽر آءِ. آءِ قاضي صاحب جي زير صدارت ڪاميٽي وهاري ويئي هئي تڏهن مونکي لکيو ويو هو ته آءُ پڻ ان ڪاميٽيءَ اڳيان اچي شاهدي ڏيان. مون جواب ۾ لکيو ته جيڪڏهن اوهين اهو اصول قبول ڪريو ته اعرابون انهيءَ طرح ڏنيون وينديون جيئن سنڌي ٻوليءَ جو اچار نه ڦري ۽ اهڙو فيصلو پهرين ڪندا ته پوءِ آءٌ شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. پر سياڻن سمجهيو ته مان ڪن خاص ڵڢڟڷ جي اُچارن جو ٿو سوال اُٿارين اُنڪري چيائون ته خلقت، خيال، معافي وغيره اهڙا لفظ ڪيئن به اچاريون انهيءَ ڳالهه جو اعرابن سان ڪهڙو واسطو آهي؟ منهنجي دعويٰ هئي ۽ هاڻ به آهي ته عربيءَ جا حرف علت هڪڙا ۽ آنڊو آرين ٻولين جا سر (جن ۾ سنڌي پڻ هڪ آهي) ٻيا آهن؛ ته انهن جي اُچار ۾ پڻ تفاوت آهي؛ انڪري عرب ڀائرن جي حرف علت ظاهر ڪرڻ جو نمونو علحدو آهي ۽ سندن ٻوليءَ لاءِ وگيانڪ (Scientific) پر اسانجي سرن (Vowels) ظاهر ڪرڻ لاءِ اڻپور ۽ نقصدار آهي. اها هڪ سڌانتي ڳالهه آهي جنهن نسبت ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب ۽ سندس پٺڀرائي ڪندڙ ۽ اسين مت ڀيد رکندڙ آهيون. ڳالهه علمي آهي ۽ نه فرقيپرستيءَ جي. نڪي اسلام خطري ۾ آهي نڪي ڪي هندو پڻي کي ڪا باهه ٿي لڳي. اسلام ۽ هندو ڌرم اسانجي اختلافن کان لوڏي ۾ نه ايندا.
آءٌ پاڻکي ڪنهن به ڳالهه نسبت ڪا آخري سند نٿو سمجهان؛ مونکي پروفيسر پيرومل صاحب، ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب، مسٽر لعلچند امر ڏنو مل ۽ ٻيا جي اسانجي رائي جا نه آهن انهن سڀني لاءِ عزت آهي. پر هيءُ منهنجو نماڻو رايو آهي ته هن ڳالهه ۾ هو ڀليل آهن. هنن ٻي طرف جا خيال ۽ رايا نڪي ٻڌا ۽ سڻيا ۽ نه وري ٻڌڻ لاءِ تيار هئا. عملداري زور سندن طرف هو، انڪري غلط کي صحيح ڪري اٿيا. پروفيسر ڀيرو مل هن ڳالهه بابت گهڻن هنڌ لکيو آهي، انڪري سندس لکيت مان حوالا ڏئي جيڪي سندون هٿ آيون اٿم انهنجي آڌار تي دليل بازي ڪندس. مان ته جيڪر وري به عرض ڪريان پروفيسر ڀيرومل صاحب ۽ ٻين کي ته شخصي جلهين کي ڇڏي هن معاملي تي ڪن اصولن کان ويچار ڪريو ۽ خاص ڪري عربي دان کي منهنجو نماڻو عرض آهي ته هن ڳالهه تي ڪافي روشني وجهو. ڊاڪٽر دائود پوٽي کي کپي ته پاڻ قلم هٿ ۾ کڻي؛ پروفيسر ثۑڎۆڶڵ ڪو عربيءَ جو ڄاڻو ڪونهي، انڪري سندس وائي کي ڪوبه وزن ڪونهي.
ڪاڪو صاحب ۽ انجا هم خيالي سمجهن ٿا ته سنڌي ۽ عربيءَ ٻنهين ۾ ساڳيا ڏهه سُرَ (Vowels) آهن، ته انهنجو اچار ساڳيو آهي، قدرت ۾ ٻيائي ڪانهي، اُنڪري جنهن صورت ۾ اسان عربن جي آئيويٽا کنئي آهي، اُن ڪري اسانکي سرن ظاهر ڪرڻ جو نمونو پڻ ساڳيو اختيار ڪرڻ گهرجي.
اسانجي حجت آهي ته عربي ۽ سنڌيءَ ۾ ساڳيا 10 سر ڪونهن، نه وري سڀني جو اُچار ساڳيو اهي، قدرت ۾ تفاوت آهن ان ڪري جيتوڻيڪ اسان عربن وارو لکڻ جو نمونو اختيار ڪيو آهي ته به اسان کي هرڪو حق آهي ته پنهنجن گهرجن آهر انهن ۾ اهڙيون تبديليون آڻيون جو لکڻ جو مکيه اصول ”ته اعرابون اهڙيءَ طرح ڪم آڻيون جو سنڌي ٻوليءَ جو اُچار قائم رهي،“ ان جي برابر پيروي ٿئي ۽ انڌ ۾ پئي اجائي پوئلڳي نه ڪريون. هر ڪا ڦير گهير ڪنهن اصول تي هئڻ گهرجي.
آءٌ ڪاڪي صاحب ۽ انجي ساٿين سان بي انصافي ڪانه ٿو ڪريان. اچو ته سندن لکيتون ڏسون.
هلچل ۽ ڇڪتاڻ وقت ٻنهي طرفن پنهنجا پنهنجا پترا ڪڍيا. پروفيسر ڀيرومل سنڌي سڌار سڀا جي سهاري هيٺ پٿرو نمبر 2 ڪڍيو جنهن ۾ هن ”اعرابن تي ويچار“ ظاهر ڪيا. ان ۾ صفحه 9 تي ”قدرت ۾ ٻيائي ڪانهي“ واري سري هيٺان لکي ٿو؛_
(الف) ته ”سنسڪرت ۾ هرهڪ اچار لاءِ رڳو هڪڙو اکر ٺهرايل آهي. تنهنڪري به حرف علت گڏ ڪم نه آڻيندا آهن. سنڌي لاءِ عربي سنڌي آئيويٽا ڪم اچي ٿي ته اعرابن جو استعمال به ضرور عربي جي نموني ڪرڻو پوي ٿو جو عربيءَ جي حالت ۾ اهوئي صحيح ۽ وگيانڪ (Scientific) نمونو آهي. جيڪڏهن اڄ کڻي فيصلو ڪريو ته آئيندي سنڌيءَ لاءِ رومن اکر(Roman Characters) ڪتب اچن ته انهيءَ حالت ۾ ضرور رومن نمونو اختيار ڪرڻو پوندو. پر ياد رکڻ گهرجي ته سڀني ٻولين جا اهي اچار پيدا ڪرڻ جا نمونا قدرت جي قاعدن پٽاندڙ ٺهيل آهن.
(ب) صفحه 9 ساڳيو پترو سٽ چوٿين عربيءَ ۾ اي، اَي (اَءِ)، او ۽ اَو (اَءُ) جي اُچارن لاءِ به ٻه حرف گڏ ڪم آڻين ٿا. انهيءَ ريت ا-و-ي مان ڏهه حرف علت قدرت جي قاعدي پٽاندڙ جڙيا آهن.
(ٻ) ”سنڌيءَ جي تاريخ“ (لکندڙ پروفيسر ڀيرو مل) صفح 321 سٽ 2 ، عربي ۾ اي، اَي (اَءِ)، او ۽ اَو (اَءُ) جي اُچار لاءِ به ٻه حرف گڏ ڪم آڻين ٿا. سنسڪرت ۾ هرهڪ حرف علت کي رڳو هڪڙو اُچار آهي.
(پ) ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ صفحا 321، فقرو 288، هن باري ۾ هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، ته سڀني ٻولينجيڪي حرف علت آهن ان سڀني کي پنهنجو پنهنجو اُچار آهي، تنهنڪري عربي ۽ پارسي ۾ ڪنهن به حرف علت کي اعراب نه ڏيندا آهن.
مان في الحال فقط مٿين چئن ڳالهين کي کڻي ڪاڪي صاحب جون غلطيون ڏيکاريندس ڇو جو انهن چئن ڳالهين جو اسانجي سوال سان واسطو آهي.
سنڌي ٻوليءَ کي عربي سنڌي سڏڻ ڀل آهي. هن وقت اسانجي لکڻ جو نمونو ئي فقط عربي آئيويٽا واروآهي. عربيءَ جا 28 اکر اسان کنيا، چار پارسيءَ مان ورتاسين تنهن هوندي به پورت نه ٿي. آكڎ ويهه ٻيا اکر جڏهن پنهنجا ٺاهي گڏياسين تڏهن اسانجي زبان جا اُچار پورا بيٺا. سر (Vowels) جي حالت ۾ عربي ٻوليءَ ۾ او جا آواز آهن ئي ڪونه ۽ وري اُهي جي اي ۽ او جي ٻين سرن سان ميلاب سان ٺهن ٿا سي ڪي آهن؛ جئن اَي ۽ اَو. اهي سر (Vowels) سڀني انڊو آرين ٻولين ۾ آهن.
ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب پنهنجي سنڌ گرامر ۾ لکي ٿو:
“As the Arabic is destitute of the unds (اي) and o (او), a great dificulty arises in Sindhi as well as Hin dustani (ee)
a. from o (إۆّ) and n (إۑ) e from
(2) آءٌ وڌيڪ سندون ھن ڳالھھ لاءِ پيش ڪونھ ٿو ڪريان. سنڌي ماڻھو عربي سکي ائين سمجھندا آھن تھ آواز جھڙا سنڌيءَ جا، اھڙا عربيءَ جا ۽ عربيءَ کي سنڌي نموني اچاريندا آھن. ھلچل جي وقت ڪيترن مولوين کان ۽ پنھنجي ٻين مسلم دوستن کان پڻ پڇيو ھوم پر ڪوبھ چٽيءَ طرح نھ پيو ٻڌائي سگھي تھ عربيءَ ۾ اي ۽ او جا آواز آھن ئي ڪونھ ۽ نھ وري اھي سر آھن جي انھن جي ٻين سرن سان ميلاپ مان ٺھن ٿا ۽ سنسڪرت ۽ انڊو آرين ٻولين ۾ آھن. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي عربي گرامر ۾ جنھنجي ھڪ ڪاپي مونکي پاڻ عنايت ڪئي ھوائون سڀ اکر جاچيا بھ اٿم ٻيا پڻ عربي سکڻ جي سڌ ھيٺ ڪنھن مولوي صاحب وٽ بھ ويس. منھنجي کوجنا جو نتيجو گرامرن ۽ ڄاڻن جي صلاح سان اھو بيٺو جيڪو ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب مٿي ڄاڻايو آھي. انڪري ظاھر آھي تھ نڪي حرف صحيح جي حالت ۾ ۽ نھ وري سرن جي حالت ۾ سنڌي ۽ عربي ساڳي آھي، پروفيسر ڀيرومل انڪري جيڪي پنھنجي ڪتابن ۾ ٽڪر ب ۽ ٻ ۾ ڄاڻايو آھي تھ جھڙا حرف علت عربيءَ ۾ تھ ھڪڙا سنڌيءَ ۾ سو سراسر غلط آھي. جنھن صورت ۾ اسان وٽ وڌيڪ اچار آھن انڪري مونجھارو مشڪلاتون عربيءَ ۾ ڪونھن، اسانکي پنھنجو نمونو وٺڻو پوندو ۽ ھرو ڀرو عربيءَ جي پوئلڳي ڪانھ ڪرڻي پوندي.
(3) آءٌ ھاڻ ھڪ ٻي ڳالھھ تي اچان ٿو جا آھي تھ عربي سيميٽڪ (شامي) لول پاشا جي شاخ آھي ۽ سنسڪرت آسان مول جي پاشا شاخ آھي. ھيءُ سوال مون پروفيسر ڀيرومل کان پڇيو آھي جنھن بابت مونلي صلاح ڏني اٿس تھ آءُ سندس ڪتاب پڙھان. مون پڙھيا آھن، انھن مان ڪي غلطيون مٿي ڏيکاريون اٿم، انھن نسبت ڪوبھ رد قد ٿي نٿو سگھي. پر سوال اٿي ٿو تھ آرين مول ڀاشا جنھن مان خاص اسانجو واسطو سنسڪرت ۽ انمان نڪتل ٻولين سان آھي ۽ شامي مول ڀاشا جنھن مان برمي نڪتي آھي انھنجي وچ ۾ اچار جي خيال کان ڪو تفاوت آھي، ڪين نھ؟ ائين آھي تھ جھڙا اچار عرب ڀائرن جا اھڙا ھندستانين جا، تھ قدرت ۾ بياني ڪانھي، ۽ بناوت ڏسڻ، ڪم عقلي آھي؟ قدرت تھ اسان جو کاڌو، نھ آب ھوا ۽ نھ اچار، قدرت ۾ بياني آھي.
(4) عرب ھڪ جانٺي قوم آھي. سندن ملڪ وارو پاسو جتي پاڻيءَ جي اڻاٺ آھي. ان ملڪ جي آب ھوا پنھنجي آھي. جيڪڏھن قدرت ھنن ڳالھين ۾ ٻيائي رکي ٿي تھ انھن ڳالھين جو اثر ماڻھن جي زبان تي پڻ پوي ٿو.
(5) ڊاڪٽر تارا پور والا پنھنجي ڪتاب “Elements of the Science of language” ۾ چڪوي ٿو لتھ ڏسڻ ۾ اچي ٿو تھ انسٽالن“
(6) حيوانن جي آوازن ۾ ڪا مڙيئي مشابھت آھي. عربن جو خاص جانور اٺ آھي جنھنجي گلي ۾ آواز ڄڻ تھ اٽڪي ٿو ۽ ھندستاني وري وات ڦاڙي گانءِ مثل آواز ڪري ٿو، يعني تھ عربي ٻوليءَ ۾ زور (اچارن ۾) حرف صحيح تي ڏجي ٿو ۽ انڊو ارين ٻولين ۾ جن مان سنڌي ھڪ آھي، سڄو ساھھ سرن اچارن مھل ئي ڇڏجيٿو. عربي شامي جي شاخ آھي جن ٻولين ۾ اچارن وقت پنھنجو سمورو زور حرف صحيح تي ڇڏين ٿا جنھن ڪري سرن (Vowels) جو اچار سروڃي ٿو. پالي،مرهٽي، گجراتي، سنڌي، پنجابي، مارواڙي هندي ۽ بينگالي سڀ سرن واريون ٻوليون آهن يعنيٰ هنن ٻولين جي اُچار جو دارومدار سرن (Vowels) جۑ آهي ۽ عربي ونجنن واري ٻولي (Consontal language) آهي، جنهن جي اُچار ۾ شد يعني زور اچي ونجنن تي (Consonants) ۽ سر وڃن سسندا. هيءَ ڳالهه اسانکي چڱيءَ طرح ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، ڇو جو اهي صاحب جيڪي سمجهن ٿا ته اسان جي ٻولي ۽ عربي ٻوليءَ جا سر ساڳيا آهن، اچار ۾ ڪوبه تفاوت ڪونهي، ۽ جئن اهي ٿا لکن تئن اسين به لکون تن لاءِ هيءُ هڪ خاطريءَ جهڙو جواب آهي. در حقيقت ته ڄڻ عربيءَ ۾ سر آهن ئي ڪونه. سندن حرف علت لکڻ وارو نمونو اختيار ڪرڻ سان اسانکي اکرن جي وچ ۾ پڻ ساڳئي نسبت رکڻي پوندي، حرفن جي پدن تي پڻ ساڳيو زور (Accent) ڏيڻو پوندو ۽ جنهن صورت ۾ اسانجي ٻوليءَ جو روح ۽ دارو مدار سرن (Vowels) تي آهي ۽ نه حرف صحيح تي ۽ عربي ونجنن واري ٻولي آهي ۽ نه سرن واري انڪري سندس نمونو اختيار ڪرڻ سان اسين نسبت آڻي ٻوليءَ کي جيڪڏهن ان لکيت موجب اچارينداسين ته انکي آرين ٻولي مان کڻي، شامي ٻولين ڏي وينداسين. ساڳي ڳالهه ٻوليءَ جي ڄاڻن ٻيءَ طرف ظاهر ڪئي آهي جڏهن چيائون ته سنسڪرت ۽ ان مان نڪتل انڊو آرين ٻوليون تن ۾ زور ڏيڻ جي ترتيب يا نمونو سر سان اُچارڻ وارو آهي (pitchor musical accent) پر شامي مول ڀاشا وارين ٻولين جن مان عربي هڪ آهي. زور ڏيڻ جي ترتيب شڌ واري (strassance) آهي مسٽر جي _ آر_ ڊرائيور آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو اينسئڪلو پيڊيا برٽئنيڪا (Encyclo Paedia Brittanics) ۾ ڛإڶۑ ٻولين تي ليکه لکندي ڄاڻائي ٿو ته شامي ٻولين ۾ ساه جو سڄو زور حرف صحيح يا ونجن (Consonant) اچارڻ ۾ لڳي ٿو ۽ حرف علت ۾ سوس ٿئي ٿي.
منهنجي حجت آهي ته نه فقط اي ۽ او ۽ اَي ۽ اُو جا اُچار عربيءَ ۾ ڪونهن پر اي ۽ اُو (ee,oo) جا اچار پڻ ساڳيا ڪونهن ڇا لاءِ جو اُچارڻ ۾ عرب سمورو زور ڏي حرف صحيح اُچارڻ ۾، ان ڪري پٺئين حرف علت ۾ سوس ٿيو وڃي. آنڊو آرين ٻولين ۾ سمورو زور آهي سُر تي جنهن ڪري وات وڏو اُچار ڪرڻو پوي ٿو. ڊاڪٽر تارا پور والا پنهنجي مٿين ڪتاب Elements of the science of langluage صفحه 276، فقري 134 ۾ هيٺين ريت لکي ٿو.
`In Speech we neither utter all the words in a sentence nor all the syllables of a world in the same tone. Usually in a sentence we emphasise a particular word which we regard ` as important. Thus the sentence “he shall go tomorrow to Bombay”, might mean different things according to the different words on which strees laid smilarly in aword also a particular part is emphasized.The emphasis thus laid upon particular parts of a word or sentence is called accent.
Accent may be of two kinds. One variety is called the pitch or the musical accent and the other is called the strees. In the pitch accent the voice is raised .
lowered according as the syllable is accented or not.
So that a language which has the pitch accent pred ominant sounds very `sing song` to a strnger. In strees accent all the force of breath is spent on the accented syllable so that the accent all the force of breath is spent on the accented syllable so that the accentes syllable sounds louder. The effect of a strees accent language on the ear of a stranger is like that of successive clones of a hammer.
Amont langage with pitch accent may be mentioned vedic Sanskrit, Homerick Greek and most of the Indo Aryan vernaculars.”
ته ونجنن يا حرف صحيح تي زور ڏيڻ يا سمورو ساهه ڇڏڻ سان پٺيون حرف ڠڵج يا سر سسي ويندو اها ڳالهه ڊاڪٽر تارا پور والا هن طرح ٻڌائي ٿو. صفحه 278، فقرو 136، سر Effect of the strees language.
The Phonetic effects of these two Varieties of accent are very different.
With the strees accent there is tendency to resuce or drop the syllable (i.e, vowels) in the immediate neighbourhood of the streesser syllable.
The reason is quite obvious. The stresses syllablennedsall the volume of breath and thus leaves very little or nane for its immediate neighbour.
صفحي ٢٩٧ تي فقري ١٣٧ ۾ سري واري ٻوليءَ ۾ سر سان اچارڻ واري ترتيب نسبت لکي ٿو:
`The effect of pitch accent is markedly different. It changes the nature of the vowel. Generally it tends to make a close vowel more open.`
مٿين سندن ڏيڻ کانپوءِ آءُ فقط هڪ ڳالهه جي اُپٽار ڪندس جنهنجو اسانجي ڳالهه سان واسطو آهي. ڪاڪي صاحب جي غلطي بيان ڪرڻ بعد ٻي ليکه ۾ سندس مونجهارو، اعتراص ۽ دليلبازي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون. ڪاڪو صاحب پنهنجي نمبر 2 ’اعرابن تي ويچار‘ جي صفحه 4 تي لکي ٿو ته ”ا، و ۽ ي ٽي حرف علت آهن، پر اهي ساڳيا حرف صحيح تي به ڪم اچن ٿا، جنهنڪري چئبو ته اهي رڳو نالي جا حرف علت آهن (ڏسو ڪانگا جو پارسي گرامر صفحه 5) ٻوليءَ ۾ سڀڪنهن حرف علت کي پنهنجو پنهنجو اُچار آهي، تئن هنن ٽن اکرن کي به آهي.“
آءٌ ٿو پڇان ته اهي حرف علت فقط نرم (Soft letters) لفظ آهن ڪين اسانجي سرن (Vowels) وانگي آهن، جنکي پنهنجو اُچار آهي ۽ پاڻ حرف صحيح جي اُچارڻ جو ڪارڻ آهن؟ جي سرن وانگي آهن ته پوءِ عربي ءَ ۾ انهن تي جزم ڇو ٿي ڏني وڃي؟
جزم اسين اُنهن اکرن کي ڏيون ٿا جنهنجو آواز ڌيميل ٿئي ٿو ۽ اڳئين اعراب مان ئي آواز کڻي ٿو. اسين انگريزيءَ ۾ انکي quintessence يا ماٺو لفظ چئون ٿا. سوال آهي ته ڪڏهن سُر يعني ) Vowels) به ماٺو ٿيو آهي ڇا؟ هو ڪنهن شعر ڄاڻندڙ يا ڇند شاستر (Prosody) جي ڄاڻوءَ کي پتو آهي ته جو اکر ماٺو آهي اهو اڌ ڪري ڳڻيو ويندو آهي ۽ ان جي اچارڻ ۾ وقت پڻ اڌ لڳي ٿو. سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ انجي اچارڻ ۾ اڌ ماترا لڳندي. اُن ڪري وڏا آواز اي ۽ اُو وارا جي عربيءَ ۾ اي. او ڱري لکجن ٿا انهنتي اُچارڻ ۾ ڏيڍ ماترا لڳندي ۽ نھ ٻھ، ماترائون جي اسان جي اي ۽ او اچارڻ ۾ لڳن ٿيون. سبب ان جو صاف آھي، عربي ونجنن واري ٻولي آھي؛سر (Vowels) جيئن سنسڪرت ۽ انڊو آرين ٻولين ۾ ٿين تيئن منجھس ڪونھن، ٻوليءَ ونجن (Consonant) اچارڻ ۾ ڏجي ٿو جنھن ڪري حرف علت کي ماٺو رکڻو ٿو پوي ڇو جو اھو آواز سسيو وڃي. اھوئي سبب آھي جو حرف علت تي جزم ڏني وڃي ٿي ۽ نھ جئن پروفيسر ڀيرو مل لکي ٿو تھ عربيءَ ۾ ھر ڪنھن حرف علت کي پنھنجو آواز آھي ان ڪري عربيءَ ۾ سر ڪونھن، حرف علت يا نرم لفظ آھن ۽ اھي پڻ ماٺا رکيا وڃن ٿا. سنڌي ۾ سر آھن ۽ سر ماٺو نٿو ٿي سگھي. در حقيقت تھ سر جي معنيٰ ئي آھي: اھو جنھن کي پنھنجو آواز ھجي، جو پاڻ ونجن (Consonant) کي آواز ڏئي. ھتي عربيءَ ۾ سنڌيءَ واريون ڳالھيون ڏسڻ ائين آھي جيئن اٺ جو آواز ۾ گانءِ جو آواز ٻڌڻ. انھنجي ڀيٽ تھ ٿي ڪانھ ٿي سگھي فقط تفاوت ئي جاچي سگھجن ٿا.
مون ان ڪري ھن ليکھ ۾ عربي ۽ سنڌي ھيٺيون ڳالھين ڏانھن ڌيان ڇڪايو آھي.
1. عربي شامي مول ڀاشا جي شاخ آھي جنھن جي اچارڻ ۾ زور حرف صحيح تي ڏجي ٿو ۽ حرف علت ماٺو ٿيو وڃي. سنڌي سنسڪرت مان نڪتي آھي جا وري انڊ آريھ مول ڀاشا جي شاخ آھي ۽ ٻين انڊور آرين ٻولين سان گڏ سندس اچارڻ ۾ سمورو زور سرن تي ايندو آھي، ان ڪري سر ڪڏھن ماٺا نٿا ٿين.
2. عربيءُ جي حرف علت ۽ اسان جي سرن ي اچار ۾ تفاوت آھي. عرب جي اي ۽ او جي اچار ۾ ڏيڍ ماترا تھ اسان جي اچار ۾ ٻھ ماترائون ٿيون لڳن، ڇو جو ساھھ سڄو حرف صحيح جي اچار ۾ ٻئي جو سر اچارن ۾.
3. عربيءَ ۾ اي ۽ او ۽ ان مان ٺھندڙ آواز اي ۽ او ڪين آھن پر اسان وٽ ٻوليءَ جو بنياد 10 سنسڪرت سرن تي آھي؛ انڪري لکڻ ۾ جا مشڪل ظاھر ٿئي ٿي ۽ ان لاءِ اسان کي ڪي ڦير ڦار ڪرڻيون پونديون.
4. جي اسين عربن وارو لکڻ جو نمونو اختيار ڪنداسون تھ لفظن جي پدن جي نسبت پڻ ساڳي ٿيندي جي ٻولي صحيح اچارينداسين تھ اسانجا سر پڻ ائين ٿيندا جئن عربيءَ جا آھن ۽ زور سرن بدران حرف صحيح تي ٿيندو. اسين انڪري ٻولي سرن واري بڻائڻ بدران شد واري (strees accents) بنائينداسين بلڪل غلط ٿيندو.
5. عربن جي لاءِ بيشڪ اھو لکڻ جو وگيانڪ (scientific) ۽ صحيح رستو آھي جو وٽن حرف علت ماٺا آھن ۽ حرف صحيح ڏاڍا؛ حرف صحيح جو اچار زور حرف علت جو ماٺو، ڍلو ۽ نرم آھي؛ ان ڪري پنھنجي حرف علت کي جزم ڏني آھي. اسان لاءِ اھو نمونو ڍنگ اڻپورو، جھاليت وارو ٿيندو.
6. اسانکي ٻولي پنھنجي اچارن مطابق لکن گھرجي ۽ نھ ٻئي ٻوليءَ جي اچار مطابق ان سبب عربن جي نموني جي پوئواري ڪرڻ غلط ٿيندو. اسانجي ٻوليءَ ۾ سرن ترتيب (vowel system) سنسڪرت واري آھي ۽ عربيءَ ۾ ڪاڪي ڀيرو صاحب جي ڏنل سند (ڪانگا گرامر واري) ڄڻ تھ حرف علت نالي ماتر آھن.
آءُ ٻي لکھ ۾ ڏيکاريندس تھ اسان پنھنجي گھرجن آھر حرف صحيح ڪانگا وارو ظاھر ڪرڻ ۾ وڌيڪ اکر گھڙيا آھن اھڙي طرح سرن ظاھر ڪرڻ ۾ پڻ ڪيئن ڦير ڪريون.