Video
سنڌي ٻولي: مسٽر کيمچند هيراڻي، بي- اي
انساني آزمودن ۽ خيالن کي لفظي جامون پهرائڻ واسطي ٻولي هڪ مکيه واهڻ يا وسيلو آهي. هر ملڪ کي پنهنجي قومي ٻولي ٿئي ٿي. ساهت کي اثر پذير ۽ عام فهم بنائڻ واسطي ضروري آهي ته سليس، سپڪ ۽ سوادي ٻولي استعمال ڪجي، جئن عام ماڻهو ان کي چٽيءَ طرح سمجهي سگهن، ان مان کين رس، ۽ لاڀ پڻ پراپت ٿئي. ڪنهن به ملڪ جي علم ادب ڄاڻڻ لاءِ پهريون قدم ٿيندو ان ملڪ جي ٻوليءَ جو اڀياس ڪرڻ. انهيءَ نقطه نگاه کان ٻوليءَ کي نهايت عظيم اهميت حاصل آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو بنياد سنسڪرت مان آهي، جا هندو ستان جي قديم ۽ مول ڀاشا ليکجي ٿي. اسانجا رشي ۽ مني سنسڪرت کي ”ديوواڻي“ يا ”سر ڀارتي“ به سڏيندا هئا، جنهن جي معنيٰ آهي ”ديوتائن جي ٻولي“. سنسڪرت جنهن لپيءَ ۾ لکجي ٿي تنهنکي ”ديوناگري“ سڏجي ٿو. سنسڪرت ڵڢڟ جي اکري معنيٰ آهي ”صاف پاشڌ ٻولي“ سنسڪرت مان اول پراڪرت ٻوليون نڪتيون، جيڪي هندوستان جي جدا جدا ڀاڱن ۾ مروج ٿيون. رفته برفته اهي سنسڪرت مان نڪتل پراڪرت ٻوليون ويئون بگڙنديون ۽ بدلبيون، تنهنڪري انهن کي ڪوٺيائون ”اپڀرنش“ يعني بگڙيل ٻوليون. انهن ”اپڀرنش“ ٻولين ئي هندستان جي جدا جدا پرڳڻن ۾ علحدا علحدا نالا، جهڙوڪ: هندي، گجراتي، مرهٽي، وغيره ٻيا. سنڌي ٻولي سنسڪرت جي جنهن شاخ مان نڪتل آهي تنهنکي سڏجي ٿو ”وراچڊ اپڀرنش“، يعني وڌيڪ بگڙيل ٻولي. مطلب ته سنسڪرت ٻولي گويا هڪ وڻ آهي جنهن مان هندوستان جون پراڪرت ٻوليون ٽارين وانگر ڇڄي نڪتيون آهن.
جيئن ته سنڌي جو بنياد سنسڪرت مان ٿيو تنهنڪري سڀاويڪ اسانجي ٻوليءَ جا تقريبا اڌ لفظ سنسڪرت سان لاڳاپو رکندڙ آهن. پر تنهنڪري ائين وسهڻ نه گهرجي ته صرف سنسڪرت ائين ئي اسان جي چالو سنڌي جو گهاٽ ويهي گهڙيو آهي. پارسي اديبن ۽ عربي عالمن پڻ ائين گهٽ پورهيا ڪين ڪيا آهن. چوندا آهن ته جهڙو راجا تهڙي پرجا.“ مسلمانن جي حڪمرانيءَ هيٺ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن تي سندن ڪافي اثر پيو. سنڌي ٻولي پڻ انهي اثر کان وانجهي ڪانه رهي. ڪيترا پارسي توڙي عربي الفاظ سنڌي لغت ۾ داخل ٿيا. ساڳيءَ ريت انگريزن جي حڪومت هيٺ پڻ ڪيترا انگريزي لفظ، مثلا: ”فئشن، اسڪول، ڪنٽرول، راشن“ وغيره سنڌيءَ ۾ چالو ٿي ويا آهن. سنڌي ٻولي گويا هڪ درياءَ مثل آهي جنهن ۾ سنسڪرت، پارسي، عربي ۽ انگريزيءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون اچي ٿيون ملن.
باقي نج ۽ ٺيٺ سنڌي لفظ، محاورا، اصطلاح ۽ عبارتون سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪڙمين ڪاسبين، هارين نارين ۽ وڏڙن وڏڙين وٽ محفوظ آهن. ڳوٺاڻن جي ٻولي نهايت سليس ۽ سوادي ٿئي ٿي. شهرن ۾ نج سنڌي لفطن ۽ محاورن جو استعمال جيڪس ڇڊو باڊو نظر ايندو. شهرين جي عبارت البت عالماڻي آهي ۽ منجهس سنسڪرت، پارسي ۽ عربي لفطن جو آميز زياده آهي.
سنڌ ۾ برهمڻ گهراڻي جو راجھ سنه 712ع ۾ ختم ٿيو ۽ عربن جي حڪومت برپا ٿي. عربن کان پوءِ سومرا، سما، ڪلهوڙا ۽ مير آيا. اهڙي طرح إخڥڵ هڪ هزار ورهيه سنڌ مسلمان حاڪمن جي هٿ هيٺ رهي. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ لاءِ ڪا خاص لپي يا آئيويٽا مقرر ڪانه هئي. سرڪاري دفترن جي لکپڙه پارسي زبان ۾ هلندي هئي. ڪامورا ڪڙا به پنهنجا خانگي خط پٽ پارسي ۾ لکندا هئا. واپاري لوڪ پنهجي لکپڙه هندو سنڌي آئيويٽا ۾ ڪندا هئا. برهمڻ ۽ پنڊت وري ديوناگري استعمال ڪندا هئا.
سنه 1843ڠ ۾ سر چارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪئي ۽ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي. سندن صاحبيءَ ۾ پڻ پھريائين ڪجھھ سال سرڪاري خط و ڪتابت پارسي زبان ۾ جاري ٿي. سنھ 1850ع ۾ سربارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. ھن صاحب اھو محسوس ڪيو تھ سرڪاري ڪاروبار ڪاميابيءَ سان ھلائڻ واسطي لازمي ٿيندو تھ حڪومت جا سڀ مکيھ ڪارپرداز ۽ عملدار سنڌي ٻوليءَ جا ڄاڻو ھجن ۽ سرڪاري لکپڙھھ پڻ پارسي بدران سنڌي ٻوليءَ ۾ ھلي. آخر سندس سر جوشيءَ سان، سخت ڪشمڪش بعد، سن 1853ع ۾ سر رچرڊ برٽن جي رٿ موجب، عربي آئيويٽا جي اکرن ۾ ضروري ڦير ڦارون ڪري سنڌي آئيويٽا تيار ڪئي ويئي. جا اڃا سوڌو سنڌ ۾ چالو آھي. ھتي ھڪ ڳالھھ ڪرڻ نهايت ضروري آهي ته جيتوڻيڪ سنڌ ۾ عربي_ سنڌي آئيويٽا قائم آهي، تڏهن به سنڌي ٻوليءَ جو بنياد عربيءَ مان نه بلڪ سنسڪرت مان آهي، جئن اڳيئي مٿي بيان ڪيو ويو آهي.
عام چوڻي آهي ته ٻارهين ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي. پر سنڌ ۾ ته چپي چپي تي ڦريل ٻولي ٻڌڻ ۾ ايندي سنڌي ٻولي ڪيترين ننڍين ٻولين (Dialects) ۾ وراهيل آهي، جن مان مکيه هيٺيون چار آهن:
1. سريلي: جيڪا سنڌ جي اترين ڀاڱي ۾ ڳالهائبي آهي. جيڪب آباد کان وٺي سيوهڻ تعلقي جي اڌ تائين هڪ طرف ۽ اٻاوڙي کان وٺي خيرپور ميرس تائين ٻئي طرف هن ڀاڱي جي حد آهي. سنڌ جو غالبا چوٿون حصو آدم هيءَ ٻولي ڳالهائي ٿو. سنڌ جا ڪيترا اوائلي قصا ۽ ڪهاڻيون هن ٻوليءَ ۾ تصنيف ٿيل آهن. روحل ۽ مراد فقير جا پڻ ڪجهه ڛڠڎ هن ٻوليءَ ۾ چيل آهن.
2. وچولي: جيڪا سنڌ جي وچين ڀاڱي ۾ ڳالهائبي آهي، ۽ ان ۾ ساهتي جو پرڳڻو به اچي وڃي ٿو. اسان جا دڎسي ڪتاب هن ٻوليءَ ۾ لکيل آهن ۽ اها سڀني کان سڌريل ٻولي ليکبي آهي.
3. ٿريلي: جيڪا ٿر ۾ ڳالهائبي آهي، هن ٻوليءَ ۾ ڪيترا ڪڇي ۽ مارواڙي لفظ پڻ داخل ٿي ويا آهن. هن ڀاڱي جا مکيه شهر آهن، ڏيپلو، ڇاڇرو، مٺي نگر پارڪر ۽ عمرڪوٽ.
4. لاڙي: جيڪا لاڙ ۾ ڳالهائبي آهي، يعني حيدرآباد کان هيٺ ڪيٽي بندر تائين. منجهس ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعن جون ٻوليون اچي وڃن ٿيون. شاهه عبداللطيف جو رسالو هن ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ۽ انهيءَ ۾ اٽڪل ويهه هزار لفظ ڪم آندل آهن. انهيءَ اعليٰ شرف ڪري هن ٻوليءَ جو مان مرتبو ساهت جي نقطه نگاه کان مڙيائي موچارو آهي.
مٿي ذڪر ڪيل چارئي ٻوليون ويا ڪرڻ جي قاعدن ۾ هڪجهڙيون آهن؛ مگر انهن مان هرهڪ ٻوليءَ کي نرالا لفظ، اچار ۽ محاورا آهن جيڪي سنڌي ساهت جي شبد ڀنڊار (Vocabulary) کي مالا مال بنائن ٿا. اهڙي ڪا شي ئي ڪانه جنهن لاءِ ٻيا نالا نه هجن، مثلاً زال لاءِ ڏس ڪيترا لفظ سنڌي لغت ۾ موجود آهن؛ ٻائي، جوءِ، جائري، وني، وهو، وغيره. سنڌي ٻولي ڵڢڟڷ جي گونا گونيءَ ڪري نهايت وسيع آهي. هيءُ جو ڪيترا سنڌي خواندا ائين ڄاڻائيندا آهن ته سنڌي هڪ سچي ۽ محدود ٻولي آهي، سا ڳالهه سراسر غلط آهي. حقيقتاً سنڌي نهايت برجستي ۽ ڪشادي ٻولي آهي. سنڌ جي هرهڪ ڀاڱي ۾ نرالا لفظ علحدا عحدا محاورا ستعمال ٿين ٿا. سري جا لفظ هڪڙا، وچولي جا ٻيا، ٿر جا ٽيان، ته لاڙ جا وري چوٿان! ڪڙمين ڪاسبين ۽ ديهاتين جا ته لفظ ئي عجيب!! ڪنهن مير بحر وٽ ويندو ته توهانکي مڇين جا سوين ڷإڵإ ٻڌائيندو. پسارين وٽ ڪيتريون عجيب و غريب شيون هونديون جن جا نالا شايد ڪنهن به سنڌي ڪوش (Dictionary) ۾ نه ملن. اهي سڀ ڳالهيون سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاري جي ساک ڀرين ٿيون.
سنڌي ٻوليءَ کي اڃا سڻڀو ستابو ۽ سرسبز بنائڻ واسطي گهڻو ڪي ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جا نونهال جيڪي مغربي سڀيتاجي چڪر ۾ اچي، پنهنجو اباڻو ورثو وساري، شيڪسپيئر ۽ ڪيٽس پٺيان ڪمر ڪشي ڪاهي پيا آهن، سي جيڪڏهن پنهنجي مادري ٻوليءَ جي واڌاري ڏانهن توجه ڏين ته هوند سنڌي علم ادب جي چڱي ترقي ٿي پوي. سنڌي ساهت جو اڄ ڏينهن سوڌو ڪا خاطر خواه ترقي ڪانه ڪئي آهي سا سڀ اسانجي الغرضائي جي شامت آهي. سنڌي ٻوليءَ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪيترائي عملي اپاءَ اختيار ڪري سگهجن ٿا، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا.
1. سنڌ جي ڳوٺڙن ۽ ٻهراڙين ۾ ڪئين لفظ، ورجيسون، محاورا ۽ اصطلاح استعمال ٿين ٿا جن جي شهري ماڻهن کي ڄاڻ به ڪانه آهي. سنڌي علم ادب سان دلچسپي رکندڙن مان ڪي هوشيار ۽ برجستا آڈڶۑ مقرر ڪرڻ گهرجن جي اهڙن لفظن، ورجيسين ۽ عبارتن جو ذخيرو گڏ ڪري عام ماڻهن اڳيان رکن.
2. درسي ڪتابن ۾ ٻوليءَ، گرامر، صورتخطيءَ ۽ عام واقفيت جون جيڪي اوڻايون آهن سي سڌارڻ گهرجن. سنڌ ۾ جهونا درسي ڪتاب شروعات کان وٺي ساڳئي جا ساڳيا هلندا ٿا اچن. سنڌ جي تعليم کاتي وارن کي گهرجي ته اهي بيڪار ڪتاب بدلائي، چالو زماني جي رفتار ۽ وقت جي تقاضا موجب نوان ڪتاب مقرر ڪن؛ جن مان علم جي طالبن کي تهذيب، اتهاس، ساهت، ۽ و گيان بابت هر قسم جي نئين ۽ صحيح واقفيت حاصل ٿئي. ائين ڪرڻ سان ترقي پسند ليکڪن جي همت افزائي هڪ طرف ٿيندي ته ساهت جو واڌارو ٻئي طرف ٿيندو.
3. سنڌي ماڻهو پنهنجا خانگي خط پٽ سنڌي ۾ لکن. سندن درميان گفتگو ۽ بحث مباحثه پڻ سنڌي زبان ۾ ٿيڻ گهرجي.
4. اسڪولن خواه ڪاليجن ۾ تعليم مادري زبان ذريعي ڏيڻ گهرجي. علم طبعي (Physics)، علم ڪيميا (Chemistry) ۽ علم منطق (Logic) وغيره جا ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪري پاڙهيا وڃن. انهن ڪمن جا امتحاني پيپر پڻ بجاءِ انگريزيءَ جي مادري زبان ۾ ٿيڻ گهرجن.
شاهه سائينءَ ۽ سنتن جي ڪلامن ۾ ڪيترا لفظ ڪم آندل آهن جن جي معنائن ۾ اڄ ڏينهن سوڌو وڏا متڀيد آهن. سنڌي علم ادب جي ماهرن جي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪرڻ گهرجي، جي صحيح معنائون هٿ ڪري عام ماڻهن جي رهبري واسطي ظاهر ڪن.
هن وقت سنڌ ۾ اعرابن جي تڪرار سخت چوبول مچايو آهي. نهايت اگرو روپ اختيار ڪيو آهي. هن پيچيدي علمي مسئلي بابت سنڌي جي برک ڄاڻن ۽ ڪامل استادن جا جيڪي قيمتي رايا ۽ عالمانه ويچار وقت به وقت ”سنڌوءَ“ ۾ پئي ظاهر ٿيا آهن سي غور ڪرڻ جي قابل آهن. هتي عدم گنجائش سبب صرف ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته علم ادب جي پوتر ۽ پاڪيزه ڪاريه کي ديني بغض ۽ اجائي وڻاءِ کان بلڪل صاف ۽ آجو رکڻ گهرجي. ادبي ميدان ۾ ايڪتا ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ ۽ ميل جول وڌائڻ واسطي هڪ نهايت وسيع ۽ ڪشادو دائرو آهي. سنڌ سونهاري ۾ جيڪي به ڪامل درويش ٿي گذريا آهن سي سڀ پنهنجن ڪلامن ۾ اتحاد ۽ الفت جو سر آلاپي ويا آهن. اسان انهن جا پويان جيڪي پاڻ کي عالم ۽ فاضل ٿا سمجهون سي جيڪڏهن علم ادب جي ڥإڎۑێ ۾ به ضإجۑۆإڎ ڇڪتاڻ ۽ ڇيڙ ڇاڙ کي پري نه رکنداسين ته چئبو ته پڙهيا آهيون پر ڪڙهيا ڪين آهيون. اهڙن عالمن لاءِ سڳوري شاه ڪريم ڪهڙو نه ٺيڪ فرمايو آهي!
”پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوه چڙهن، جئن وراق روائن وترا.“
(شاهه)