Video
علم لغات يا شبد وديا: آسانند مامتورا، بي-اي
عام طور وديارٿين جي دلين ۾ اهو خيال ويٺل آهي ته هر ڪا ٻولي مقرر ڪيل، اڻ ڦرندڙ حالت ۾ آهي. انهي جو سبب اهو آهي جو وديار ٿين جو ڌيان فقط ٻولي جي اُنهي صورت ڏي ڇڪايو ٿو وڃي، جهن ۾ ساهت درجه ٿيل آهي، جا ٻولي جي ساهتڪ يا ادبي صورت آهي. قدرتن، انهي ڪري، وديارٿي ٻولي کي اڻ ڦرندڙ ۽ محڪم صورت ۾ ٿو سمجهي. ٻولي جي سکڻ لاءِ قاعدا هن کي سکڻا پون ٿا تن جي سبب پڇڻ لاءِ هنکي همٿايو نٿو وڃي. خصوصن جنکي ”نراليون حالتون“ سڏيو ٿو وڃي، تن جي انهي حالت وٺڻ جو سبب پڇڻ کان هن کي هميشه روڪيو ٿو وڃي. ائين برابر آهي ته عملي نقطه نگاه ان ٻولي جي اڀياس، تواريخي اڀياس کان نرالو آهي، انهي ڪري ٻولي سيکارڻ جا رواجي رستا آهن، تن تي سراسر نڪته چيني ڪرڻ عبث ٿيندي. پر ايترو تي جائي شد مد سان چوڻو ٿو پوي ته ٻولي جي اڀياس کي ڪنهن معقل بنياد تي ٻڌڻ ۽ وديار ٿي ۾ تواريخي شناس پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
ويا ڪرڻ نويس اسان کي چون ٿا ته فلاڻي لفظ جي فلاڻي حالت صورت ۾ صحيح آهي ۽ فلاڻي صورت ۾ غلط. هاڻي ويا ڪرڻ نويس کي اهڙي دعويٰ ڪرڻ جو ڪوبه حق ڪونهي. هن کي ڇڙو لفظ جي مروجي صورت يا حالت بيان ڪرڻي آهي. ”صحيح“ يا ”غلط“ سان هن جو ڪوبه تعلق ڪونهي. درحقيقت، تواريخي نقطه نگاه کان نرالي يا بي قاعدي حالت آهي ئي ڪانه. اهي ڇڙو ڏسڻ ۾ ائين ٿيون اچن. ٻولي ۾ ڪجهه به ڪنهن سبب کانسواءِ ڪونه ٿو ٿئي.
ٻولي جي تواريخ ۾ مطلب آهي ٻولي جي ترقي، انهي ۾ جي شروعات ڦإڷ وٺي اڄ ڏينهن تائين وقت بوقت تبديليون ٿيون آهن. انهي تفحص ۽ تحقيقات لاءِ ضروري آهي ته جن قدرتي قاعدن موجب اُهي تبديليون ٿين ٿيون، اُهي ڳولي لهجن، ۽ اُهي قاعدا ڪسوٽي تي لڳائي محڪم پائي تي بيهارجن، ۽ انهي طرح معلوم ڪجي ته ٻولي ۾ ڪهڙين رغبتن ۽ حالتن ڪري اهي ڦيرون گهيرون ٿين ٿيون.
ٻولي خيالن ۽ ڀاون جي هڪ ٻاهرين نشاني يا صورت آهي. اها خيالن ۽ ڀاون کي پڌري ڪرڻ لاءِ اشاري، تصوير ۽ پتلي جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ سڌيء طرح ڪارگر آهي، جو اشارن، نقش ۽ سنگتراشي جي وسيلي ڪوبه دل جو ڀاءُ يا جذبو، خواهش يا تمنا، يا ڪنهن به حادثي جي يادگيري اهڙي طرح پڌري ڪري سگهجي ٿي جو اُها سڀني ملڪن جي ماڻهن کي سمجهڻ ۾ اچي ٿي. انهن جي پڌرائي معنيٰ ۾ عالمگير آهي. پر ٻوليءَ جون نشانيون ۽ ضرورتون ڇڙو اُهي سمجهي سگهن ٿا، جي انهن مان واقف آهن، جي ڪن خاص آواز جي روپن ۾ خاص معنيٰ سمجهن ٿا. قصو ڪوتاه تي ٻولي هڪ من مان ٻئي من ڏي ويچارن ۽ ڀاون نيڻ لاءِ هڪ اڻ سڌي نشاني آهي، ڵڦۑڵ تۆڵۑ جێ جێإیۑڷ ۆډۑڥ إڼ ښډۑ ڷڛإڷۑ آێۑ، جو اُها نشاني جي به نشاني آهي. لکيل نشاني ڦري جڏهن آواز جي صورت وٺي ٿي جنهن جي پاڻ نشاني آهي، تڏهن ئي منجهانئس معنيٰ ۽ مطلب نڪري سگهي ٿو.
اسان کي اهو ڪڏهين به وسارڻ نه گهرجي ته ٻولي جو سچو مطلب آهي ”ٻوليل آواز“ جو ٻولي جو ٻاهريون ۽ تډڼ ۾ ايندڙ ڀاڱو آهي. در حقيقت ڪنهن به ٻولي جو تواريخي نقط نگاه کان اڀياس مدار رکي ٿو اسان جي آواز جي ڄاڻ پڇاڻ ۽ لکيل نشانين جي صورت مان انهي ۽ انجي ڦير گهير کي سڃاڻڻ تي. پر اسين ڪنهن به ٻولي جي تواريخ جي ڪيتري به کڻي کوجنا ڪريون، تڏهين به نيٺ ڪنهن اهڙي نقطي تي پهچون ٿا، جتي انهي ٻولي جون حدون ٻئي ڪنهن ٻولي سان رلڻ ملڻ لڳن ٿيون. اسان جي سنڌي ٻولي جو جڏهين تواريخي اڀياس ٿو ڪجي ته معلوم ٿو ٿئي ته انهي جو لاڳاپو هندستان جي ڪيترن اپپرنش ٻولين سان آهي، جي وري سنسڪرت سان تعلق رکن ٿيون. انهي ڪري ائين کڻي چئجي ته سنسڪرت مول ڀاشا آهي، جنهن مان هندستان جون ٻيون سڀ ٻوليون نڪتيون آهن. علم لغات جي عالمن ته ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ڪنهن پراچين سمي ۾ ڪا آريه ٻولي هئي، جنهن مان دنيا جون ڪيتريون ساريون ٻوليون نڪتيون آهن، ۽ انهي جي قديم ۾ قديم صورت جا اڃا زنده آهي سا آهي سنسڪرت. اهي ٻوليون صدين بلڪ هزارن سالن کان جدا رهيون آهن ۽ پنهنجي پنهنجي نموني پئي ڦريون گهريون آهن؛ انهي ڪري منجهائن مائٽي ڳولي لهڻ مشڪل آهي. هرهڪ ٻولي کي پنهنجون عادتون ۽ ترقي جون رغبتون آهن. ڪا ٻولي هڪڙي اوائلي صورت جلدي مٽايو ڇڏي ته ٻي وري اها خصوصيت قائم رکندي اچي. ڪڏهن قضاني ٻولي مان جيتوڻيڪ ڪا خصوصيت غائب ٿيو وڃي، ته به پٺيان پنهنجي هستي جي ڪانه ڪا نشاني پڙيوئي ڇڏيو وڃي. انهي حالت ۾ اسين نتيجو ڏسي سگهون ٿا، پر ڪارڻ نه، نڪي وري اهو نتيجو سمجهائي سگهون ٿا، جيستائين ڪنهن ٻي ٻولي جو سهارو نٿا وٺون جنهن ۾ اها خصوصيت قائم رهندي آئي آهي.
ٻولي جي اڀياس لاءِ ضروري آهي ته زنده ٻولين جي واقفيت مان اهو محسوس ڪجي ته ٻولي جي ”جيوت“ يا ”زندگي“ ڇا آهي؛ ڪهڙيون رغبتون ٻولي ۾ ڦير گهير آڻين ٿيون. القصئه ته ٻولي ۾ جا سانده ڦير گهير ۽ ترقي پيئي ٿئي تنهن جا ڪهڙا سبب آهن ۽ اهي هر ڪنهن ٻولي سان لاڳو آهن يا نه.
ٻولي جي ”جيوت“ جا ٻه روپ آهن. هڪڙو جنهن جو تعلق انساني من سان آهي ۽ جو من وديا جي ڄاڻن جي تفحص ۽ کوجنا جو ميدان آهي؛ ۽ ٻيو جنهن جو تعلق پڌرائي جي نمونن سان آهي ۽ جو آهي آواز.
ٻولي ماڻهن جي شخصيت جو قدرتي اظهار آهي؛ انهي ڪري، قدرتن، اها ماڻهن جي من ۽ تن جي ورتين ۽ عادتن ڦرڻ سان ڦرڻ ئي گهرجي. هر هڪ قوم، هر هڪ ڄاتي، هر هڪ شخص، نت، نوان نوان آزمودا، نوان نوان آدرش ۽ مقصود، ۽ نوان نوان احتياج محسوس ٿو ڪري. اهي سڀ حالتون نون نمونن ۾ پنهنجو اظهار ڪن ٿيون. ڪهنا لفظ نئين معنيٰ وٺن ٿا ۽ بنهه نوان لفظ پڻ جڙن ٿا. ڪنهن به ٻولي جي تواريخ ڏسبي ته لفظن جي معنيٰ بدلائڻ جا بيشمار مثال ملندا. ڪڏهين ته لفظ بي ڪارائتا ٿي، رفته رفته، غير مروج ٿيو پون. ستڌارين قومن سان تعلق ڪري انهن جي ٻولين جا لفظ اصلي ٻولي ۾ مروج ٿيو وڃن. اهڙيءَ طرح هر ڪنهن ٻولي ۾ لفظ پيا اچن، وڃن ۽ حالتن موجب مٽجن.
نڪو وري لفظن جو اچار ڪنهن به زنده ٻوليءَ ۾ ساڳي صورت ۾ رهي ٿو. ٻولي جا آواز ڪن بدني چرپر جو نتيجو آهن. گويا هڪ قسم جون بدني عادتون آهن. واڻي يڪت عضون (Vocal Organs) جي عادتي چرپر پشت به پشت پيئي ڦري؛ ۽ انهي ڪري آواز، جي انهن جو نتيجو آهن. انهن تبديلين جي پوري ڄاڻ لاءِ وگياني من ۽ ترتيب واروڪن ضروري آهي. علم آواز هڪ سائنس آهي، جنهن جو ٻولي جي تواريخ سان نهايت گهاٽو ۽ گهرو لاڳاپو آهي. اسان کي هڪڙي ڳالهه ڌيلان ۾ رکڻ گهرجي ته علم آواز جو ڄاڻو ڪڏهين به هڪ اچار کي ٻئي کان بهتر نه سمجهندو، هڪ کي ٻئي کان وڌيڪ پسند نه ڪندو.
در حقيقت، جن، ٻولي ڪئن ٿي ڦري گهري تنهنجو اڀياس ڪيو آهي، سي ڪڏهين به دعويٰ سان نه چوندا ته ٻولي جي واڌاري ۽ ترقي جو فلاڻو نمونو صحيح ۽ چڱو ۽ فلاڻو نمونو خراب آهي. ٻولي ڪهڙي صورت ٿي وٺي انهي تي صإبڷڈ قاعدي سازي ڪرڻ عبث آهي.
ڪنهن به قوم جي ٻولي جي ڪنهن به خاص وقت جا صورت ۽ خاصيت آهي، سا انهي قوم جي انهي وقت جي ٻولي لاءِ برابر آهي. اها انهي قوم جي تواريخ جي حقيقت آهي. اسان کي اها وڻي ٿي يا نه، انهيءَ سان انهيءَ جو ڪوبه واسطو ڪونهي. ٻوليءَ جو ڪهڙو به نمونو اُچار، ويا ڪرڻ جو گردان، توڙي جملي جي جوڙجڪ. جو انهيءَ قوم جي انهيءَ وقت جي قدرتي ٻولي جي عادت جي ورڌ آهي، سو انهي قوم ۽ انهي وقت لاءِ سراسر غلط آهي.
مٿين خيالن موجب سڀ ٻوليون مول توڙي انهن جون شاخون يڪسر چڱيون آهن. پر، باوجود انهي جي، ٻولين جي مشابهتي فوقيت ٻن ڪسوٽين سان پرکي سگهجي ٿي. هڪ مطلق ۽ ٻي عارضي.
ٻولي ڪيتري قدر پڌرائي يا اظهار ڪرڻ ۾ سهوليت پري ۽ مائيم آهي، انهي تي ئي هن جي فوقيت دارو مدار رکي ٿي. جا ٻولي جي اُها ڳالهائين ٿا تن جا احتياج پورا ڪري ٿي ۽ خيالن ۽ جذبن جي باريڪ ۾ باريڪ رنگن ۽ روين کي ظاهر ڪري سگهي ٿي، سا اُنهي ٻولي کان وڌيڪ فوقيت واري ۽ ملائيم آهي جا اهي شرط پورا نٿي ڪري.
ٻولي جي فوقيت جي ٻي پرک جنهن کي اسان عارضي سڏيو آهي، سا آهي ته سڀيه سماج يا تهذيب پذير سوسائٽي جو صحيح محاورو. علم لغات جي مد نظر کان، جيئن اسين اڳيئي چئي آيا آهيون، جو محاورو اسين دهقالين جي واتان ٿا ٻڌون سو ڪنهن به سڀيه انسان جي محاوري کان گهڍٽ درجي جو ناهي. پر سڀيه سماج جو محاورو عام طور فوقيت واور، نزاڪت ڀريو ۽ دل گهريو سمجهيو ٿو وڃي. لکڻ جي هنر انهي محاوري کي ڪنهن قسم جو شرف کڻي بخشيو آهي. پر جي تواريخي نظر نگاه کان ڏسبو ته ٻوجهه پوندي ته اهو محاورو، سڀيه سماج جي ٻولي، نهايت گاڏوڙ ٿئي ٿي:
منجهس گهڻن ئي قسمن جا اثر اچيو ملن.
هاڻ سوال آهي ته علم لغات يا شبد وديا جو اڀياس ڪيئن ڪجي. سٺي ۾ سٺو طريقو آهي پنهنجي مادري ٻولي کڻي، اُنهي جون صورتون ۽ نحوي حالتون جاچجن، ۽ انهن جا سبب پڇندي، انهن جو بنياد اصلي آريه ڀاشا مان ڳولي لهجي، پوءِ ڏسجي ته انهي کانسواءِ ٻيا ڪهڙا اثر ٻولي تي ٿيا آهن ۽ انهن جا سبب ڪهڙا آهن.