Video

سنڌي ٻولي ۽ ديوناگري لپي: مسٽر ڏيارام وسڻ مل ميرچنداڻي بي.اي

سنڌي ٻولي جو مول يا بنياد سنسڪرت آهي ۽ سڌيءَ طرح اپڀرنش پراڪرت مان نڪتل آهي. هندستان جون ڪيتريون ٻيون ٻوليون به جهڙوڪ پالي، مرالي، گجراتي، پنجابي، مارواڙي، هندي ۽ بڷڧإڵۑ پڻ سنسڪرت مان يا سڌي طرح ڪنهن نه ڪنهن قسم جي پراڪرت مان نڪتيون آهن. ڊاڪٽر ٽرمپ، جنهن جهڙو قابل ٻيو ڪو سنڌي ويا ڪلرڻ لکندڙ اڃا ڪونه پيدا ٿيو آهي، سو پنهنجي سنڌي گرامر ۾ هن ريت ٿو لکي:- ”(1). سنڌي نج سنسڪرت ٻولي آهي. اتر هندستان جون جيڪي به ٻيون بوليون آهن، تن مان ڪنهن ۾ به جيترا غير لفظ آهن، تن کان گهڻو گهٽ غير لفظ سنڌي ۾ آهن. (2). ويا ڪرڻي روپن ۽ سإێێ ۾ سنڌي ٻولي ٻين سڀني پراڪرت زبانن کان گوءِ کڻي ويئي آهي، يعني جي روپ ٻين ٻولين ۾ گم ٿي ويا آهن سي اڃا تائين سنڌي ۾ قائم آهن. (3). سنڌي ٻولي جا لفظ اصل پراڪرت کي گهڻو ويجها آهن يعني ٻين ٻولين جهڙوڪ مراٺي، هندي، پنجابي يا بنگالي ۾ جي لفظ هاڻي ڪم اچن ٿا، سي اصل پراڪرت لفظن کان گهڻو مٽيل ۽ بدليل آهن، ايتري قدر جو انهنجو اصل سڃاڻڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. پر سنڌي ۾ ائين نه آهي.“ (ڏسو سنڌي ”نئون ويا ڪرڻ) لکليل مسٽر جهمٽمل نارو مل جو سنه 1892ع . مطلب ته جيتري مشابهت سنڌي ٻوليءَ جي سنسڪرت يا پراڪرت سان آهي اوتري ڪنهن به هندستان جي ٻيءَ ٻوليءَ جي نه آهي. انهيءَ هوندي به جن پرڳڻن ۾ ٻيون تۆڵۑۆڷ جهڙوڪ بنگالي، مرهٽي گجراتي چالو آهن اتي لوڪ ڥڎۑ هندو، هندي ۽ سنسڪرت سکن ٿا ۽ انهن جو اڀياس ڪن ٿا سنڌ جا هندو گهڻو ڪري، هنديءَ سان واهپو رکن ٿا. سنسڪرت سان، انهيءَ ڪري پنهنجي ڌرم ڪرم ۽ سڀيتا کان گهڻي قدر غير واقف آهن. ڇو ائين آهي تنهنجو مکيه ڪارڻ اهو آێۑ جو اسانجي سنڌي ٻولي جي عربي فارسي آهي ۽ نه ديوناگري ٻيون ٻوليون جيڪي پراڪرت ضۆڷ ڌيئر آهن تن جي لپي يا ته ديوناگري آهي ۑإ ڵک ثک ڈۑۆڷإڧڎۑ٪ ضێڏۑ آێۑ. ضێڏۆڥ هندي، گجراتي، بنگالي ۽ مرهٽي. جن ملڪن ۾ ٻوليون چالو آهن جئن ته بنگال جا گڏيل علائقا، وچان علائقا، پنجاب، راجپوتانا، مهاراسٽر ۽ گجرات انهن جا ماڻهو سڀاويڪ طرح هندي ۽ سنسڪرت سکن ٿا؛ پر سنڌي جي لپي جو عربي فارسي نموني جاري ڪئي ويئي آهي، تنهنڪري اسان سنڌين کي نئين لپي، ديوناگري سکڻ ۾ عار ٿو ٿئي. اهو سبب آهي جو اسين سنڌي پنهنجي قديم ٻولي، سڀيتا ۽ ڌرم ڪرم کان محروم ٿي ويا آهيون. نه رڳو ايترو پر پنهنجي ٻوليءَ جي بنياد، تاريخ، بناوت، يا ڪهڙا لفظ سنسڪرت مان آيا آهن ۽ ڪهڙا غير ٻولين مان وغيره؛ انهن ڳالهين جي پڻ اسانکي پوري تۆضێێ نه آهي. انهن سڀني ڳالهين سمجهڻ لاءِ نهايت ضروري آهي ته اسين سنڌي لوڪ ديوناگري اکر سکون ۽تن جو استعمال ڪريون. ڪيترن ماڻهن منجهه اهو وهم ويٺل آهي ته سنڌي ٻولي اوائل کان عربي فارسي لپيءَ ۾ لکبي پي آئي آهي، پر حقيقت هن ريت آهي ته چالو لپي انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ 1853ع ۾ سرڪاري طرح جاري ڪئي ويئي. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت سنڌي ٻولي کي ڪا اصل لپي ڪانه هئي؛ ماڻهو هندو سنڌي ٻٽا اکر يعني ماترائن کانسواءِ ڪم آڻيندا هئا، جي پڻ ديوناگري جي نموني هئا، ۽ مسلمان ماڻهو عربي فارسي لپي ڪم آڻيندا هئا. ان وقت سنڌي ٻولي گهڻو ڪري فقط ڳالهائڻ ۾ ڪم ايندي هئي ۽ لکيل ڪتاب ڪو ڇڊو پاڊو هئو. پهريائين پهريائين هڪ هڏ ڏوکي ۽ خدا ترس انگريز ڥیصخڷ سٽئڪ هڪ سنڌي گرامر ۽ ٻه سنڌي ڊڪشنريون تيار ڪيون، پر تنجي تيار ڪرڻ کان اڳي هن ڦۑ اها تڪليف درپيش آئي ته انهن ڪتابن لکڻ ۾ سنڌي لفظ ڪهڙيءَ لپيءَ ۾ لکجن ڇو ته سنڌيءَ کي ته پنهنجي لپي ان وقت ڪانه هئي. ويچاري کي ويچار ٿيو ته اڙدو الف بي ڪم آڻيان يا ديوناگري. نيٺ گهڻي ويچار کان پوءِ هن ديوناگري لپيءَ ۾ لکڻ مناسب ۽ صحيح سمجهيو. ٿيڻ به ائين کپندو هو ڇو ته سنڌي اصل سنسڪرت نسل جي ٻولي آهي ۽ سنسڪرت شبدن جو انداز ان ۾ غير لفظن بنسبت تمام گهڻو آهي. هن صاحب اهي مٿيان ڪتاب لکي سچ پچ ته سنڌ سان وڏا ڀال ڀلايا آهن. هن جو سنڌي ويا ڪرڻ ۽ انگريزي سنڌي ڊڪشنري 1849ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا پر سندس سنڌي انگريزي ڊڪشنري 1855ع ۾ سندس مرڻ کانپوءِ ڇپائي پڌري ڪئي ويئي. اها محنت ۽ اورچائي جا هن سنڌي ٻوليءَ جي کوجنا ۽ بنيادي ڪتابن لکڻ ۾ ڏيکاري تنهن سندس جيءُ جهوري وڌو جنهنڪري هو صاحب سگهوئي گذاري ويو. تنهن کانپوءِ ڊاڪٽر ٽرمپ هڪ جرمن صاحب هڪ وڏو عمدو، ڪارائتو ۽ قابليت ڀريو ويا ڪرڻ تيار ڪري سنه 1872ع ۾ جرمنيءَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ هن صاحب سنڌي لفظن يا شبدن جي بنياد ۽ اصلوڪن سنسڪرتي مورتن جي ڦير گهير ۽ ويا ڪرڻ جي قاعدن ۽ سندس لفظن جي ٻين پراڪرتي ٻولين جي شبدن سان ڀيٽ ۽ ٻين ضروري ڳالهين جو وڏو وستار ڪيو آهي. نه فقط ايترو پر پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌي لفظن لکڻ ۾ ٻن قسمن جون لپيون ڪتب آنديون اٿس. هڪ ديوناگري، ۽ ٻي اڙدو. ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي گرامر ۾ لکي ٿو ته ”ڪابه لپي سنڌي ٻولي لاءِ اهڙي ڪارگر نه ٿيندي جهڙي ديوناگري، ڇاکون ته سنڌي سنسڪرت جي سچي پچي ڌي آهي.“ سنڌي ٻولي جي هاڻوڪي عربي فارسي لپي پهريائين 1853ع ڌاري جاري ڪئي ويئي. پهريائين تڪرار اُٿيو ته لپي ڪهڙي جاري ڪجي. عربي ، فارسي ڏانو جي يا ديوناگري. سنڌ ۾ ڪي صاحب هڪ جي فائدي ۾ هئا ته ڪي ٻيءَ جي. نيٺ ان ڳالهه جو فيصلو انگلينڊ ۾ ايسٽ انڊيا ڪميٽي جي بورڊ آف ڪمپني جي بورڊ آف ڪنٽرول ڪيو ته جنهن صورت ۾ سنڌ ۾ آدم مسلمانن جو گهڻو آهي تنهن صورت ۾ عربي لپي ڪم آڻجي. اهو فيصلو واجبي نه هو ڇو ته سنڌي ٻولي سنسڪرتي آهي تنهنڪري انجي لپي به سنسڪرتي هئڻ کپندي هئي. بنگال ۾ مسلمانن جو انداز هندن جيتروئي رهندو پي آيو آهي تڌهين به اتي سڀ مسلمان بنگالي ٻولي ڪم آڻين ٿا جا ديوناگري جهڙي لپي ۾ آهي. ساڳيءَ طرح دکني مسلمان ۽ يهودي مرهٽي ٻولي ۽ ووئنرا، ميمڻ، ڪڇي ۽ پارسي گجراتي ٻولي ڳالهائين ۽ پڙهن لکن ٿا، جن جون لپيون پڻ ديوناگري جهڙيون آهن. سنڌي ٻولي لاءِ بروقت ديوناگري لپي جاري ڪجي ها ته جيڪر ٻين پرڳڻن وانگر سنڌي، مسلمان توڙي هندو لپي ڪم آڻين ها ۽ اها عام مروج ٿي وڃي ها. هاڻي جنهن صورت ۾ عربي سنڌي آئيويٽا سرڪاري طرح چالو ٿي ويئي آهي ته اِها ڀل ته قائم هجي ان سان گڏ سنڌي ٻولي ديوناگري لپيءَ ۾ پڻ لکي وڃي ٿي ۽ ائين هيٺيان فائدا ٿيندا:- 1). اسان کي لفظن جي بنياد تن جي اصلوڪي روپ ۾ جا ڦير پئي ٿي آهي تنهن جي پروڙ ٿي سگهندي. 2). سنڌي ماڻهو سنڌي ۾ جي اِها لپي إښجڠڶإڵ ڪندا پوءِ هنن کي هندي يا سنسڪرت ۾ ڪابه ارچڻ ڪانه ٿيندي، ۽ پنهنجي هندو ڌرم، سڀيتا جي پوري ٻوجهه پوندي. 3). ٻين پرڳڻن جا هندو جهڙوڪ مرهٽا، گجراتي، بنگالي، يورپ وارا جي سنڌ ۾ بيٺڪ ۆضێۑ ويٺا آهن سي پڻ آسانيءَ سان ديوناگري لپيءَ ۾ سنڌي سکي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته هو اڳيئي ان لپي کان واقف آهن. 4). سنڌي ماڻهو مسلمان توڙي هندو عربي فارسي لپيءَ مان واقف آهن پر جي هي لپي ښڦڷ به ته هندو توڙي مسلمان هڪ ٻئي ضۑ خيالن ۽ ڌرم ڪرم مان سولو طإڼّۆ ٿيندا ۽ ٻنهي جي هڪ ٻئي ڏانهن همدردي ٿيندي ۽ ڀراٽري ڀاءُ ڪيترن سالن کان سنڌي درسي اهم ڪتاب ديوناگري بلڪ اڳوڻن هندو سنڌي اکرن ۾ ڇپيا پي آيا آهن. هينئر به ڪي سنڌي درسي ڪتاب ديوناگري اکرن ۾ شڪارپور واري پوڪرداس جا ڇپايل موجود آهن. ڪيترا هندو ڌرمي ڪتاب اڳيئي سنڌي ٻولي ۽ ديوناگري اکرن ۾ ڇپيل موجود آهن؛ پر هن کان پوءِ جيڪي به هندو ڌرم يا نيتيءَ جا ڪتاب سنڌي ۾ لکيا وڃن، سي ديوناگري لپيءَ ۾ هئڻ گهرجن. سنڌي هندو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جيڪي نيتيءَ جا ڪتاب يعني اخلاقي ڪتاب لکيا وڃن سي پڻ ديوناگري اکرن ۾ هجن. انهيءَ ديوناگري دوران سنڌ جا هندو پنهنجي ڌرمي گيان ۽ فيلسوفي جي ڀنڊار مان بخوبيءَ واقف ٿي پوندا. جيڪڏهن ٻئي قومون هندو توڙي مسلمان پنهنجو ڌرم سچيءَ ۽ پوريءَ طرح سمجهن، ته هوند هڪ ٻئي جي مذهب لاءِ عزت ڪن ۽ پڻ ٻنهي جي هڪ ٻئي سان ساز سلوڪت ۽ محبت وڌي. جي مسلمان لوڪ عربي ۽ قرآن سکڻ لاءِ ڪوشش ٿا ڪن ته هندن کي رنج نه ٿيڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح جي هندو هندي ۽ سنسڪرت دوران پنهنجي هندن کي ڌرمي سکيا ڏيڻ لاءِ ڪي اُپاءُ وٺن ته مسلمانن کي ان باري ۾ ارهو ٿيڻ واجب نه آهي. انهيءَ قسم جي آزاد خيالي سان ڏي وٺ، پرڳڻي جي ٻنهي فرقن جي وچ ۾ ميلاپ آڻيندي ۽ سنڌ جوآئينده به روشن ٿيندو.