Video
نئين سنڌي ڊڪشنري ۽ اعرابون: مسٽر ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي
پروفيسر ڀوڄراج هوتچند ناگراڻيءَ جو ليک سيپٽمبر 1945ع واري ”سنڌوءَ“ ۾ صڏێۑڶ. اعرابن جي جيڪا مکيه ڳالهه آهي، تنهن تي آيو ئي ڪينهين، وچائين وڃي ٻين ڳالهين ۾ پيو آهي، ۽ ستن سوالن جي ياداشت به پنهنجي ليک ۾ گڏي اٿس!!! مثلا مونکان پڇو اٿس ته عربي ٻولي سيميٽڪ مول ڀاشا جي شاخ آهي يا نه؟ سنڌي جو واسطو سنسڪرت سان آهي يا نه؟ مون پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ۾ اِهي ۽ ٻيون اهڙيون ڪئين ڳالهيون چٽيءَ ريت کولي ٻڌايون آهن، پوءِ ڇو ”سنڌو“ جا صفحا ويهي ڪارا ڪجن ۽ پنهنجو به وقت وڃائجي؟
ڶحۑڷ سري سان منهنجو ليک ”سنڌوءِ“ ۾ ٽن قسطن ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو، جو پنهنجي نئين ڋڥڛڷڎۑ جو، پروفيسر ڄيٺمل پروفيسر ناگرانيءَ جي اعرابن بنسبت هلچل جو، ۽ عام رواج جو، ڍڥڎ ڪيو هوم، نه ته اعرابن جي ڳالهه جيڪر ٻن اکرن ۾ ٻڌائي سگهان ها. علمي ڳالهين بابت بحث مباحثي لاءِ سنڌ ۾ هڪڙيئي .سنڌو“ مخزن آهي، تنهنڪري ضرور ڄاتم، ته سڀ حقيقتون ڄاڻائي، ”سنڌوءَ“ جي وسيلي اعرابن جي ڳالهه جي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي، ته هرڪو سولائيءَ مان سمجهي سگهي، ته اعرابن ڏيڻ جو صحيح نمونو ڪهڙو آهي. انهيءَ سبب پنهنجي ليک ۾ هيٺيون مکيه ڳالهيون لکيون هيم، جن ڏي سندس ڌيان وري خاص طرح ڇڪايان ٿو:_
1. ”سنڌو“ مارچ _اپريل 1935ع صفحه 20 ”اعرابن بنسبت مکيه ڳالهه هيءَ هئي، ته ”اِي“ ۽ ”اُو“ جا اُچار سنڌيءَ ۾ ڪئن ظاهر ڥضڷ“؟ مثلاً ”ٻڪري“ لفظ ۾ ”ي“ جي هيٺان ڐۑڎ ( ٔ ) ساڳيءَ ريت ”چتون“ لفظ ۾ ”و“ اکر جي مٿان (_ُ) پيش ڏبو، يا ”ت“ اکر جي مٿان ؟ پروفيسر ناگرانيءَ کي کپي، ته جيڪو جواب ڏئي تنهن لاءِ سبب ڄاڻائي.
2. ”سنڌو“ مئي 1945ع جي صفحي 15 جي منڍ ۾ ”اي“ ۽ ”اُو“ جو بنياد ٻڌائي، ڄاڻايم ته اهي اچار ڪئن ظاهر ڪجَن. مثال به ڏنم ته ”ٻڪري“ لفظ ۾ جيڪڏهن ”ي“ جي هيٺان زير (_ِ) ڏبي، ته اُچار ٿيندو ”ۑێٔ“. جيڪڏهن ائين ڪرڻ ڪري ڊگهو اُچار ”اِي“ پيدا ٿيندو، ته اِيسرداس“ نالي ۾ الف اکر اڳيان ڇو وجهجي؟ ڇو نه ”ي“ جي هيٺان زير (_ِ) ڏيئي لکجي ” ۑٔښڎڈإښ“؟ ساڳي طرح ”چتون“ لفظ ۾ جيڪڏهن ”و“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏبو، ته اُچار ٿيندو ”وُ“. جيڪڏهن ائين ڪرڻ سان ڊگهو اُچار ”اُو“ پيدا ٿيندو، ته ”اُوڌوداس“ نالي ۾ الف اکر اڳيان ڇو وجهجي؟ ڇو نه ”و“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏيئي لکجي ”ۆّډۆڈإښ “؟ ڪٿي آهن اِنهن سوالن جا جواب؟
3. جون 1945ع واري ”سنڌوءَ“ جي صفحي 21 جي پڇاڙي ۾ ايترو به کولي لکيم، ته جيڪڏهن ڪو صاحب سمجهي، ته اعرابن بنسبت مون ڪا غلط ڳالهه ڪئي آهي، ته ڀلي ته منهنجي اها غلطي سڌاري. مان سکڻ لاءِ تيار آهيان.“
هنئر سمورو بار پروفيسر ناگراڻيءَ ئي آهي، ته پنهنجو طرف کولي ٻڌائي، ۽ مون وانگر چٽيءَ ريت سمجهائي، ته ”اِي“ ۽ ”اُو“ جا اُچار ڪئن ظاهر ڪجن. منهنجي ليکڪ بنسبت جيڪي ڏوٺ ڏوراپا کيس ڏيڻا هجن، سي ڀلي ته پوءِ ڏئي، جو اِهي شخصي ڳالهيون آهن. هنئر درسي ڪتاب پيا جڙن، تن جو اول اونو ڪري، جن لاءِ هلچل هلائڻ مهل لاءِ اُڀريو هوس.
جون 1945ع واري ”سنڌوءَ“ جي صفحه 19 ۾ اڳيئي طإڼإۑۆ اٿم، ته ”سنڌي درسي ڪتابن سڌارڻ لاءِ هڪ نئين ڪاميٽي مقرر ٿي آهي، جا اڄ تائين اهو ڪم پيئي ڪري.“ اهو به ٻڌايو هوم، ته ”اِنهيءَ ٽيڪسٽ بوڪس رويزن ڪاميٽيءَ منڍ ۾ ئي اهو ٺهراءُ ڪيو، ته نون درسي ڪتابن ۾ اعرابون ائين ڏجن، جئن شرٽ صاحب واري ڊڪشنري ۾ ڏنل آهن.“
هاڻ سوال رڳو هيءُ آهي ته شرٽ صاحب واري ڊڪشنري موجب هلجي يا نه؟ انهيءَ ڊڪشنري ۾ ”ٻڪري“ لفظ ۾ ر“ جي هيٺان زير ڏنل آهي، ۽ نه ”ي“ جي هيٺان. ساڳيءَ ريت ”چتون“ لفظ ۾ ”ت“ اکر جي مٿان پيش (_ُ) ڏنل آهي. ۽ نه ”و“ اکر جي مٿان جيڪڏهن پروفيسر ناگراڻي سمجهي ٿو، ته اعرابن ڏيڻ جو اهو نمونو غلط آهي، ته کولي ٻڌائي ته ڪهڙي حساب غلط آهي؟
شرٽ صاحب واري ڊڪشنري 1879ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي هئي، جڏهن ڊاڪٽر دائود پوٽه اڃا طإیۆ به ڪونه هو! انهيءَ سبب ڊاڪٽر دائود پوٽه جي طرفداري ڪرڻ جي هتي ڳالهه آهيئي ڪانه، جئن پروفيسر ناگراڻيءَ بنهه غلط طرح ڄاڻايو آهي هيءُ اجائي غلط فهمي ياد ڪرڻ جون واٽون آهن، جي اعتراض جوڳيون ڳالهيون آهن. ديوان ڪوڙيمل به پنهنجي ڇپايل سامي جي سلوڪن ۾، ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي ڇپايل ڛإێێ جي رسالي ۾ ۽ سنڌي گرامر ۾، اعرابون ائين ڏنيون آهن، جئن شرٽ صاحب ۆإڎۑ٪ ڊڪشنريءَ ۾ ڏنل آهن. انهن سبب پروفيسر ناگراڻيءَ کي کليو کلايو للڪاريان (Challenge) ٿو، ته ثابت ڪري ته ڊاڪٽر ٽرمپ، شرٽ صاحب، ديوان ڪوڙيمل ۽ ٻيان اڳيان عالم سڀ غلط صحيح رڳو پاڻ ۽ پروفيسر ڄيٽمل آهن.
پڇاڙيءَ ۾ کيس هيءُ عرض ٿو ڪريان ته وري آوارو نه وڃي ۽ هڪ ڳالهه ٽپي، ٻيءَ ڳالهه تي وڃڻ بدران ، سنئون سڌو اعرابن جي ڳالهه تي اچي، ته ڳالهه جي صفائي ٿئي. جيڪڏهن پاڻ صحيح هوندو ته پوءِ مان به ٽيڪسٽ بوڪس رويزن ڪاميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائڻ جهڙو ٿيندس، نه ته منهنجي نظر ۾ اعرابون بلڪل صحيح طرح ويٺا ڏين، ۽ مونکي ڪجهه به ڪڇڻ لاءِ سبب ڪونه ٿو ٿئي.