Video
سنڌي ٻولي (ماضي _ حال_ مستقبل) :گلراج-ايم- خوشحالاڻي (سيناپتي) ب_اي
ان ڏينهن دوست وٽ ڥإیۑ اخبار ڏٺم. پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم پر سمجهي ڪونه سگهيس. سوچيم ته ڇا سچ پچ هيءَ سنڌي آهي؟ سنڌي ٻوليءَ جي هيءَ بري حالت ڏسي بلڪل ڏک رسيم. ضإ اسين پڙهيل به نٿا سمجهي سگهون سا ڳوٺن ۾ اڻ پڙهيل ڪيئن سمجهي سگهندا هوندا! پوءِ به اسين چئون ته اها اسان جي مادري ٻولي آهي!! سنڌيءَ کي هن وقت ٻولين (Scheduled languages) جي قطار ۾ نه ٿو ليکيو وڃي. ان کي بگڙيل ٻولي (Dialeet) چيو وڃي ٿو.
ڇا اهو سنڌيءَ جو اصل يا سچو روپ آهي؟
سنڌيءَ جا ڪيترا اکر اسان کي رگ ويد ۾ ملن ٿا. ان مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي تمام جهوني ٻولي آهي ۽ ان وقت به موجود هئي جنهن وقت ويدڪ ڀاشابول چال جي ٻولي هئي. سنسڪرت اها ٻولي آهي جا پاڻني رشيءَ جي سڌانت جي قاعدن اندر ڦري گهري. انهن قاعدن کان جيڪا ٻاهر وڃي ته اها سنسڪرت نه آهي. پاڻني رشيءَ هڪ اسٿائي (Permanent) ٻولي ٺاهڻ جي خيال کان سنسڪرت بڻائي ۽ ان کي قاعدن اندر قلم بند ڪيو، ان لاءِ ته ان ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪيل خيال ۽ ساهتيه پويان سمجهي سگهن.
ان مان ظاهر آهي ته سنسڪرت ويدڪ ڀاشا کان پوءِ پئدا ٿي آهي ۽ سنڌي ان وقت موجود هئي جنهن وقت سنسڪرت جو جنم ڪونه ٿيو هو. ان ڳالهه جي چڱي طرح ڇنڊ ڇاڻ لاءِ کوجنا جي ضرورت آهي. ويدڪ ڀاشا ۽ سنسڪرت جي ويا ڪرڻ ۾، الڳ الڳ هئڻ کان سواءِ، ٻيو خير ڪو تفاوت آهي. ان ڪري تصديق نٿي ڪري سگهجي ته سنڌي سنسڪرت کان اڳ جي ٻولي آهي يا سنسڪرت سنڌي کان اڳ جي. پر ان ڳالهه کي سڀڪو مڃيندو ته سنڌي سنسڪرت جي سم ڪالين (Contemporary) ڀاشا آهي ۽ ان ښإڷ گهرو لاڳاپو اٿس.
اڄ به اسان کي سنڌي ٻوليءءَ ۾ اڌ کان وڌيڪ اکر ملندا جن جي اصليت (Origin) سنسڪرت ۾ آهي. پٽ _ مٽ_ ڄاٽو وغيره اکر سنسڪرت جا پتر _ ڶجڎ وغيره آهن.
سنڌيءَ جي لپي (Character) پڻ ديوناگري هئي. 1857ع تائين سنڌي ٻولي ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي. سنسڪرت جي پڻ اها ئي لپي آهي. ان کان ٻي مٿي ڪهڙي ثابتي ٿيندي ته ان وقت جي حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪرنل سٽئڪ ٻه شبد ڪوش (Dictionaries) هڪ سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ٻي انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ۽ هڪ ويا ڪرڻ سنڌيءَ ۾ لکيا؛ جي بمبئي سرڪار ڇپائي پڌرا ڪيا هئا ۽ جي هن وقت به موجود آهن. اهي ٽيئي ڪتاب سنڌيءَ ۾ پر ديوناگري لپي ۾ لکيل آهن. هيءُ اهو وقت هو جڏهن هنديءَ کي ڪو پورڻ روپ ڪونه هو ۽ سنڌيءَ جي عزت هنديءَ ان گهڻو وڌيڪ ۽ سنسڪرت کان گهٽ ڪانه هئي. سنڌي ساهتيه جو بول بالا هو. جڏهن سنڌي ساهتيه جو جي ڀرپور خزانه مان ۽ سنڌي ڪوين جي ڪوتائن مان ٻيا پرانتڪ ماڻهو سکو پٽ جون سرڪيون ڀريندا هئا.
ان کانپوءِ ڪيئن لپين جو جهڳڙو لڳو ۽ ڪيئن لپيءَ موجوده روپ اختيار ڪيو ۽ انهن لاءِ جوابدار ڪير آهن، تنهن ۾ وڃڻ جي هينئر ضرورت نه ٿو سمجهان؛ فقط ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته پهريائين سنڌي ديوناگري مان ڦيري عربي لپيءَ ۾ لکي ويئي پر پوءِ يڪدم ٿوري ڦير ڦار ڪئي ويئي. اها پڻ عربيءَ وانگر اڙدو ڍنگ تي هئي، جنهن ۾ شاه صاحب جو پراڻو رساله ڇپيل آهي. ان روپ آخرين شڪل اختيار ڪانه ڪئي. ان کي به ڦيري هيءُ موجوده روپ ڏنو ويو جنهن کي رنڊا لپي چيو وڃي ٿو. هن لپيءَ ۾ 52 اکر آهن ۽ جدا جدا لپين جي اچارن مان آواز جهٽي نوان لفظ گهڙيا ويا آهن. نتيجو اهو نڪتو آهي جو
”ڌوٻيءَ جو ڪتو گهر جو نه گهاٽ جو“ اڙدو لپيءَ ۾_ عربي پارسي، اڙدو، پشتو، پنجابي ۽ ڪي ٻيون ٻوليون لکيون وڃن ٿيون. ديوناگري لپيءَ ۾ سنسڪرت پالي، ماگڌي، اوڌ ما گڌي، شير سئيني، هندي، برج ڀاشا، اوڌي، بنديلکنڊي، ڇتيس ڳڙهي، مرهٽي، ڀوڄپري، مارواڙي، جوڌپوري، جيپوري ۽ جيسلميري لکيون وڃن ٿيون ۽ ڪڇ گجراتيءَ سان پڻ لاڳاپو اٿس. ان ڪري هڪ ٻولي ڄاڻندڙ _ لپي ساڳي هئڻ سبب، ٻي ٻولي پڙهي سگهي ٿو ۽ سکڻ ۾ آساني حاصل ڪري ٿو. سنڌيءَ کي اها سهوليت ڪانه آهي. سنڌيءَ پنهنجي کچڻي جدا رڌي آهي.
چوندا آهن ته ٻارهن ڪوهن تي ٻولي ٻي ٿيندي آهي. سنڌيءَ سان پڻ ساڳي ڪار آهي. جدا جدا خڥڎ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي ٻوليءَ ۾ فرق آهي. سرائڪي ٻولي جا اتر ۾ ڳالهائي وڃي ٿي:_ چا وڃ (وٺي وڃ)، ڄل (هل) ۽ گهن (وٺ) وغيره. اهو سنڌيءَ جو روپ آهي. اُپي جي ٻولي جا اٻاوڙي، ميرپور ماٿيلي ۽ گهوٽڪيءَ وغيره طرف ڳالهائن ٿا:_ ادي سمهندي آ اُٽي _ پوندي آٽيڙ، پو ايڪ پيا لهندا هي ڏوجهان پيا چڙهندا هي. (ادي سمهندي آهي مٿي _ پوندي آهي ماڪ پوءِ هڪڙي نه ٻي (بيماري ) لهيس ئي نه ٿي). اها پڻ سنڌي آهي.
ٿري جا ٿرپارڪر ڏانهن ڳالهائڻ ۾ ايندي آهي:_ لئي لٽي گهر جي ڊُکان ڪج ته مان لونگڙ وهڻائي اچان ته ڦوسڙي نه ڇڻي پوي. (اڙدي ادي گهر جي سنڀال ڪج ته مان جونءَ ڪڍائي اچان ته ٻلي نه خصۑ پوي) سنڌي هوندي؛ تۑۆ ڪير چوندو ته سنڌيءَ جي شڪل اٿس.
انهن سڀني ڳالهين هوندي ساهتڪ ٻولي هڪ آهي. افسوس جو هن وقت ان هڪ ساهته يا لکڻ واري ٻوليءَ ۾ پڻ ڦوٽ جو ٻج وڌو ويو آهي. گهڻو ڪري مسلمان سنڌي ٻوليءَ کي عربي ۽ پارسي اکرن سان ٽم ٽار ڪري ٿا ڇڏين، ان جو ثبوت اخبار ئي بس آهي.
ڏٺو ويو آهي ته هندو، سنڌي ٻوليءَ ۾ سنسڪرت جا اکر عام طرح ڪونه ٿا گڏين. هو گهڻو ڪري عام فهم لفظ ئي ڪم آڻين ٿا، پر ڪي ٿورا مٿي ذڪرڪيل اڻ وڻندڙ منورتيءَ جو جواب سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت اکرن سان ڀرپور ڪرڻ سان ڏين ٿا. عجب جي ڳالهه آهي ته عام فهم لفظ هوندي به اسين ٻين ٻولين ڏانهن نهاريون ۽ مدد لاءِ پنون!
پنجاب ۾ پنجابي ٻولي هوندي به پڙهائڻ جو ذريع (Medium of instructions) ۽ دفتر جي ٻولي (Count language) إڏڈۆ آێۑ. سبب صاف آێۑ. پنجابي ۾ ڦوٽ پئجي ويئي آهي:
بهاولپوري- ملتاني- لاهوري- جلندري- راولپنڊي٪ واري وغيره پنجابي ٻوليءَ جا جدا جدا روپ آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي هن وقت حالت علاج جهڙي آهي. پر ان کان مرض ڪجهه وڌيڪ ته سنڌي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويندي جنهنکي هندڪي سنڌي ۽ مسلمانڪي سنڏي ڪوٺيو ويندو؛ جنهن جو روپ ڪن ڪن نقلي ۽ هٿراڌو پنڊتن ۽ مولوين مان ملي ٿو. پر ٽيون طبقو ماڻهن جو پڻ آهي جن کي انگريزيءَ کان سواءِ ڳالهائڻ نه ٿو اچي ۽ ان کانسواءِ جي نه ٿا سگهن.
اهي سنڌيءَ کي انگريزيءَءِ سان ڪنان ڪر ڪري ڇڏ ين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته اها به خبر نه پوندي اٿن ته انگريزي ٿا ڳالهائين يا سنڌي. جي ان طبقه به ڪر کنيا ته ٽي ٻوليون ٿي پونديون. هندڪي سنڌي، مسلمانڪي سنڌي ۽ فرنگي سنڌي. پوءِ پڪ آهي ته سنڌ سان به ساڳي پنجاب واري حالت ٿيندي.