Video

سنڌي ۽ سنڌي لغت: ڀيرومل مهر چند آڏواڻي

منهنجو ڌيان ڪنهن صاحب گذريل اپريل (1935ڠ) مهيني واري ”سنڌوءَ“ ڏي ڇڪايو آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي سنڌي لغت جي باري ۾ مسٽر منوهر داس ڪوڙيمل جۑ فۆێێ فڷڋۑڷڈۑ ێۑ ڵڢڟ ڵڦۑإ آێڷ:- ”سنڌيءَ جي ڄمار سٺ اسي ورهيه نه آهي، جئن مسٽر ڀيرومل يا مسٽر ڏيارام ۑإ ڶښخڎ ڣۑڎۆإڼۑ ڵیۑ٪ ڶإڷ ڵس ثعۑ فرمائين ٿا، پر چار سو ورهيه آهي!!“ حقيقتون مون اهڙي بيهودي ڳالهه ڪڏهن ڀلئي ڀلائي به ڪانه ڪئي آهي. ڀائنجي ٿو ته ڪنهن ٻئي صاحب سنڌيءَ جي ڄمار اسي ورهيه ڄاڻائي آهي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي هنجي نالي بدران منهنجو نالو ڀل ۾ ڄاڻايو آهي، جيڪڏهن سچ پچ اها ڀل ڪئي اٿس ته اوهانجي مخزن جي وسيلي اها هينئر قبول ڪرڻ مٿس ڏنڊ آهي. سنڌيءَ جي ڄمار: سنڌيءَ جي ڄمار سٺ اسي ورهيه نه آهي. پر چار سو ورهيه آهي. ڋإڥخڎ ڈإیۆڈ صۆخۑ ضۑ ێڷڷ ڵڢڟڷ ڶإڷ “ هر ڪو اها معنيٰ ڪڍندو ته هو چوي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ کي ڄائي چار سو ورهيه ٿيا آهن ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ جي ڄمار معنيٰ “سنڌي ٻولي جي ڄمار“. جيڪڏهن سندس چوڻ جو مطلب آهي ”سنڌي ساهت جي ڄمار“ ته پوءِ چئبو ته هو ٻولي“ Language ۽ ”ساهت“ Literature جي وچ ۾ فرق رکي ئي ڪونه ٿو، جنهن ڥڎۑ به پڙهندڙن کي منجهائي ٿو. آءٌ سنڌ جي تاريخ جو به اڀياسي آهيان ۽ ڳچ ورهيه محنت ڪري ٿورن سالن کان ”قديم سنڌ جي تاريخ“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ اهي ٻه ڪتاب تيار ڪيا اٿم، جن مان پويون اميد ته جلد ڇپائي پڌرو ڪندس. پنهنجي انهي٪ ڪتاب ۾ مون سنڌي ٻولي جي جنم ۽ سنڌي ساهت پيدا ٿيڻ جون تاريخون تخميني روءِ اڳيئي ڄاڻايون آهن. کوجنائن ڪرڻ سان مونکي ائين معلوم ٿيو ته سنڌي ٻولي سنه 1100ع ڌاري (پراڪرت مان ڦري) ڌار ٻولي ٿي ڪم اچڻ لڳي هئي جڏهن قاضي قاضن ۽ ٻيا مسلمان شاعر جن جا نالا ڋإڥخڎ دائود پوٽي پنهنجي هن ليک ۾ ڄاڻايا آهن سي اڃا ڄاوا به ڪونه هئا. مطلب ته سنڌي ٻوليءَ جي ڄمار نو سو کن ورهيه آهي، ۽ نه فقط چار سو ورهيه، جئن ڊاڪٽر دائود پوٽي ڄاڻايو آهي، جيڪڏهن ”سنڌي ٻوليءَ جي ڄمار“ مان سندس مطلب آهي ”سنڌي ساهت جي ڄمار“ ته پوءِ سندس ڳالهه برابر غیبۑ ڇاڪاڻ ته سنڌي شعر جي تاريخ عيسوي سورهين صديءَ کان وٺي شروع ٿئي ٿي. حقيقتون سنڌي شعر عيسوي چوڏهين ۽ پندرهين صدي ۾ به چوڻ ۾ ايندو هو، پر اهو موجود ڪونهي، تنهنڪري جيڪو شعر موجود آهي سو خيال ۾ رکي چئجي ٿو ته سنڌي ساهت عيسوي سورهين صدي کان وٺي شروع ٿئي ٿو. سنڌي شعر نه رڳو آڳاٽن مسلمان شاعرن ٿي چيو جئن دائود پوٽي جي ليک مان سمجهڻ ۾ اچي ٿو، پر آڳاٽن هندن به سنڌي شعر چيو ٿي. انهي جهوني شعر جو نمونو سکن جي گرنٿ صاحب مان ملي ٿو. ”لوئڻ لوئي ڏٺ، پياس نه ٻجهي مون گهڻي نانڪ سي اکڙيان ٻين، جن ڏسندو مان پري.“ (راڳه مارو محلا پنج). مطلب ته سنڌي ٻولي سنه 1100ع ڌاري ڄائي، ۽ سنڌي شعر عيسوي سورهين صدي کان وٺي موجود آهي باقي سنڌي نثر جا ڪتاب گهڻو پوءِ عيسوي اڻويهين صدي کان وٺي ڇپيا، تنهنڪري جنهن صاحب چيو آهي ته ”سنڌي جي ڄمار سٺ اسي ورهيه آهي“، تنهن چئبو ته ”سنڌي نثر جي ڄمار“ ڄاڻائي آهي. هاڻ ڊاڪٽر دائود پوٽو پاڻ ٻڌائي ته هتي ”لئيءَ مان لٺ ڀڃڻ“ جي ڪهڙي ڳالهه هئي جو پاڻ اهو اصطلاح ڪم آندو اٿس. سندس انهن لفظن ڶإڷ هر ڪو ڪهڙو مطلب ڪڍندو سو آ۝ اڳيئي کولي ٻڌايانس ٿو. ڊاڪٽر دائود پوٽي جو بانور ڊاڪٽر دائود پوٽي جا لفظ جي مون بجنسي مٿي ڄاڻايا آهن تن ۾ ”لئيءَ مان لٺ ڀڃڻ“ وارو اصطلاح جنهن نموني پاڻ ڪم آندو اٿس تنهن نموني مان ظاهر آهي ته منهنجي دوست کي پنهنجي علميت جو گهڻو بانور آهي ۽ اهڙي جهڙي ۾ اک به نٿي ٻڏيس، نه رڳو ايترو پر ائين سمجهي ٿو ته ڀيرومل ۽ مسٽر ڏيارام وسڻمل ڪراچي جي سرڪاري هاءِ اسڪول جو اڳوڻو ێۑڋ ماسٽر ۽ مسٽر ڦيرواڻي نئينءَ مان ساماڻا آهن جي سنڌي جا تێ اکر سکي هاڻي علمي ميدان ۾ ٽپي پيا آهن ۽ ڏيکاري ائين ٿا ڏين ڄڻ ته پاڻ ڏاڍا ڪي قابل اچي لٿا آهن، پر سنڌيءَ جي سڌ اجها اها اٿن جو سنڌي جي ڄمار چار سو ورهيه ته پيا تډإیۑڷ سٺ اسي ورهيه!!! حقيقتون ”سنڌي جي ڄمار“ سان سنڌي گهڻي ڄاڻڻ يا ٿوري ڄاڻڻ جي ڳالهه جو ڪوبه واسطو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اها تاريخ جي ڳالهه آهي، جئن مٿي اڳيئي ڄاڻايو اٿم. انهي هوندي به ڊاڪٽر دائود پوٽي جو مٿيون اصطلاح انهي ڳالهه سان ڳنڍيو آهي سو صفا ڏيکاري ٿو ته پنهنجي علميت جو بانور اٿس، سو به ايتري قدر جو اهو پتو به ڪونه پيو اٿس ته سنڌي جي ڄمار سٺ اسي ورهيه ڪنهن ڄاڻائي هئي ۽ آ۞ نالو ڪنهن ضۆ ٿو ڄاڻايان. جيڪڏهن دل تي سچ پچ اهو اثر ويٺل اٿس ته سنڌي جي ايتري ٿوري ڄمار مون ڄاڻائي هئي ۽ ارادتون منهنجي باري ۾ اهو اصطلاح ڪم آندو اٿس ته به منهنجي ڀاڱي سک آهي. ڀلي ته پنهنجي دل کي خوش ڪري. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي هڪ ٻي به ڳالهه آهي جنهن ڌياڻ لهڻو. لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ پڙهيلن جون ٽي پنڪيون مس آهن، جن جا نالا ڳاڻ ڳڻيا آهن. هن جي معنيٰ ته سنڌ ۾ رڳو مٺ ماڻهن جي پڙهيل آهي ۽ ٻيا سڀ اڻ پڙهيل ۽ جاهل مجهول آهن!!! ”پڙهيل“ ڵڢڟ جي بدران جيڪڏهن ”سنڌي ٻولي جو اونهو اڀياس ڪندڙ“ يا ٻيا اهڙا ڪي لفظ ڪم آڻي ها ته ٻي ڳالهه، باقي هن طرح لکڻ ڪري چئبو ته گهڻن سنڌين جي آبرو ورتي اٿس. پر اڃا ڪٿي ڳالهه پيئي آهي. سنڌ ۾ پڙهيلن جون ٽي پڻڪيون مس آهن، جن جا نالا ڳاڻ ڳڻيا آهن.“ اهي لفظ لکي پوءِ تيرهن ڄڻن جا نالا ڏنا اٿس. جهڙوڪ ديوان نرملداس، ڊاڪٽر گربخشاڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي دين محمد وفائي، مسٽر محمد صديق ميمڻ، ۽ ٻيا ٿورا مسلمان 7 هندو جن ۾ منهنجو نالو به آندو اٿس!!! هندو ڪرستانن مان مسٽر پرمانند ميوارام جو نالو ڄاڻايو اٿس. پنهنجي هيءَ رٿ ظاهر ڪئي اٿس ته نئين سنڌي لغت جوڙڻ لاءِ انهن تيرهن ڄڻن جي منڊلي ٺاهي ۽ پنهنجي نالي لکيو اٿس ته ”هن مسڪين کي به جيڪڏهن انهن قابلن جي قطار ۾ ليکيو ويندو ته تن، من، ڌن سان تيار آهي.“ سندس انهن لفظن مان هر ڪو جيڪو اهو مطلب ڪڍي ته ڏاڍي نئڙت ۽ نهٺائي ڏيکاري اٿس ۽ پنهنجيءَ علميت جو بانور منجهه ڪونه اٿس، پر ڏسو ته اتيئي انهيءَ ساڳي ليک ۾ لکي ڇاٿو. اجهي هي آهن سندس لفظ: ”اڳوڻيءَ نج سنڌيءَ ۾ اهڙا لفظ آهن، جي ڪنهن به سنڌي ڪوش ۾ نه لڀندا، مثلا شاهه ڪريم جو هيءُ بيت جو اڄ تائين ڪنهن نه سمجهو آهي: جهوپڙا جهڻڪن، مٿي مين مڱڻا، ښصڏ رات سمگئا، ڏکيا ڏينهن ڏسن، گهرڻا گهوٽ وڃن، چندا لٿي چارڻين.“ ڊاڪٽر دائود پوٽو جو غۆۑ حۆ ته هي بيت اڄ تائين ڪنهن ڷێ سمجهو آهي تنهنجي معني ٰ ته سمجهو رڳو پاڻ اٿس. مطلب ته پڙهيلن ٽن پڻڪين مان جيڪي پاڻ چونڊي ڪڍيائين تن جي نالي به سمجهي ٿو ته جهڙا بيت هنجي سمجهڻ کان ٻاهر آهن. جيڪڏهن تحقيق پنهنجي دل ڪري ائين ڄاڻي ٿو ته انهن تيرهن ڄڻن ۾ به ٽپڙ ڪونهي ته پوءِ سنڌي لغت جوڙڻ لاءِ انهنجي ميڙ ميڙڻ جو ڪم ڪهڙو؟ سڄيءَ سنڌ ۾ جڏهن سنڌيءَ جو طإڼۆ ئي رڳو پاڻ آهي ۽ ٻئي ڪنهن ۾ به اکه نٿي ٻڏيس تڏهن بهتر جێ سنڌي لغت به رڳو پڻ جوڙي سنڌ سان پنهنجا ڀال ڀلائي، باقي مون پارا جي رڳو لئيءَ مان لٺ ڀڃي ڄاڻن سي ٻي مدد ڪرڻ بدران مرڳو لئيءَ جي لٺ سان ڪنهنجو مغز نه ڀڃي وجهن. اڻپڙهيل ٻيو ڇا ڪري سگهندا. ادا دائود پوٽا، ڌڻي ڪري ته اڃا ڪنهن وڏي اقبال کي پهچو ۽ اڳي کان وڌيڪ اڳرا ۽ اڪابر ٿيو، پر ايترو بانور چڱو نه آهي، ٻولي اٿاهه لڳي پيئي آهي ۽ ان جو بانور ڪرڻ ڠبش آهي. ٻوليءَ جا سڀ لفظ جي هر ڪو پاڻمرادو سمجهندو هجي ته پوءِ ڋڥڛڷڎۑڷ ڪڍڻ جو ضرور ڪهڙو؟ ائين هوندو ته ڪي سنڌي لفظ اهڙا هوندا جي توهين سمجهي سگهندا هوندا ۽ ٻين گهڻن کي انهن جي معني نه به ايندي هوندي، پر يقين ڄاڻجو ته اهڙا به سوين لفظ لڀندا جي اوهان ڪڏهن پنهنجيءَ عمر ۾ به ڪونه ٻڌا هوندا پر ٻيا اهي روزمره پيا ڪم آڻيندا هوندا. اوهين پاڻ بابت ڀلي ته ڇا به سمجهو، پر آءٌ ”ٿڌي ٿا نهريءَ دل“ سان اوهانکي ٻڌايان ٿو ته سنڌي جو ويهه ورهيه وڌيڪ اڀياس ڪريو ته به آءٌ جيڪر چوان ته توهين اڃا اڀياسي آهيون. اسين سڀ اڀياسي آهيون پوءِ فڪر نه آهي، جي اسان مان ڪو پروفيسر يا پرنسپال هجي يا ”ڊين“ هجي. اسين ڪڏهن به پورن ٿي ڪين سگهنداسين جو پورن رڳو هڪ پرميسر آهي.