Video

سنڌي ٻولي جون خصوصيتون: مسٽر ڏيارام وسڻ مل مير چنداڻي، بي.اي

سنڌي ٻوليءَ جو هاڻوڪو لباس غلط فهمي پيدا ڪندڙ آهي. هنوقت سنڌي ٻولي عربي _ پارسي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. جنهن ڪري ڪيترا ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته انهيءَ ٻوليءَ جو بنياد شايد عربي آهي. پر ائين نه آهي. سنڌي ٻولي هندوستان جي ٻين مکيه ٻولين وانگر سنسڪرت مان نڪتل آهي. سنسڪرت ٻوليءَ مان عام ماڻهن جي ڳالهائڻ لاءِ ‘پراڪرت“ٻولي نڪتي. انهي پراڪرت جا ڪيترا قسم هئا. هڪڙو قسم هو ‘اپڀرنش‘ يعني بگڙيل، تنهن مان ٿي ‘وراچڏ اپڀرانش‘ ۽ تنهن مان وري ڦٽي نڪتي اسانجي سنڌي ٻولي. هندوسلتان جون مکيه ٻوليون جي سنسڪرت مان نڪتيون آهن سي آهن: مرهٽي، گجراتي، پنجابي، مارواڙي، ێڷڈۑ، بينگالي ۽ سنڌي. پر جهڙي مشابهت سنڌيء جي پراڪرت ٻوليءَ سان آهي. اهڙي ٻيءَ ڪنهن به هندوستان جي ٻولي جي نه آهي. تنهن هوندي به جيتوڻيڪ ٻيون سڀ ٻوليون ديوناگري لپيءَ ۾ يا اُن جهڙي لپي ۾ لکيون وڃن ٿيون ته به سنڌي کي هڪڙو ڌاريو لباس ڏنو ويو آهي. ڪيترا ماڻهو شايد ائين سمجهندا هوندا ته سنڌي ٻولي آڈ کان ئي انهي آئيويٽا ۾ لکبي پي آئي آهي، پر ائين نه آهي. هن لپيءَ جي جاري ٿئي ٿورو عرصو ٿيو آهي. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت سنڌي ٻولي فقط ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي ۽ ان کي ڪا خاص لپي ڪانه هئي. پڙهيل مسلمان فارسي سکندا هئا ۽ هندو، لوڪ، سواءِ ڪن سرڪاري نوڪرن جي، هندو _ سنڌي اکر ٻُٽا (بنا ماترائن جي) ڪم آڻيندا هئا. انهن جا به ڪئي قسم هوندا هئا جيئن ته: خدا بادي، شڪارپوري، ساکرو، خواجا، ميمڻ هر ڪا قوم پنهنجا پنهنجا اکر ڪم آڻيندي هئي. ڪي ٿورا برهمڻ يا پنڊت لوڪ ديوناگري اکر ڪم آڻيندا هئا. سرڪار کي پنهنجي دفتر جي ڪم لاءِ سنڌي ٻولي لاءِ هڪ نئين آئيويٽا ٺهرائڻ جو ضرور سوال اٿيو ته ڪهڙي قسم جي لپي سنڌي لاءِ تيار ڪئي وڃي. ديوناگري يا پارسي جنهن صورت ۾ سنڌ جي آڈڶڛڶإڎۑ٪ گهڻو حصو مسلمان هو تنهن صورت مان آخري فيصلو ئي آيو ته سنڌي پارسي نموني تي آئيويٽا جۑإر ٿي وڃي. 1853ع ڌاري هڪ ڪاميٽي مقرر ٿي. ضڷێڷ هاڻوڪي ايڪونجاه يا ٻاونجاه اکري آئيويٽيا تيارڪئي. اِها، عربي فارسي اکرن ۾ ڦيريون گهيريون ڪري نقطا ۽ ٽٻڪا ڏيئي بڷإیۑ ويئي ۽ سڀ ديوناگري، اُچار، سنڌي جا خاص اُچار تیۑ إغإڎ إڷ ۾ ڥڶ آڷڈإ ۆۑإ ۆڎۑ 1853ع ۾ انهي لپيءَ ۾ سڌارو ڪري هاڻوڪي صورت ۾ آندو ويو. ڪيترن ماڻهن جو رايو آهي ته سنڌي آئيويٽا ۾ ايترن اکرن جو ضرور ڪونه آهي. ساڳي اُچار لاءِ هڪ کان وڌيڪ صورتون ڪم آنديون ٿيون وڃن جهڙوڪ (ت، ط)؛ (ث، س، ص)؛ (هه، ح) (ز، ظ، ض). هاڻي ساڳي اُچار لاءِ هڪ کان وڌيڪ نشانيون رکڻ اجايو آهي. سنڌ ۾ لکين ماڻهو خاص ڪري مسلمان پڙهيل آهن ۽ بلڪل ٿورو حصو لکي پڙهي ښڧێڷ، تنهنڪري ضروري آهي ته ٻولي کي جيتري قدر ٿي سگهي، اوتري قدر سولو ڪيو وڃي؛ جيئن ٿوري عرصي ۾ إڼ پڙهيلن جو انداز گهٽ ٿي وڃي. هاڻوڪي ڊگهي ۽ طول طويل ”الف بي“ ڪري ٻارن توڙي سکندڙن کي ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي. آزمودي مان ڏٺو ويو آهي ته ٻهراڙي ۾ ٻاراڻي، ڪلاس ۾ ڪي ڪي ڇوڪر ۽ ڇوڪريون ته هڪ کان به وڌيڪ سال رهن ٿا تنهن ڪري آئيويٽا کي اهڙي طرق ٺاهجي جو هڪ حرف، فقط هڪ اُچار ئي ڪم اچي. ائين ڪرڻ سان ست اکر نڪري ويندا ۽ ٻوليءَ ۾ باقي 44 اکر بچندا ان ڳالهه ويچار لهڻو. ڪن جو شايد اعتراض ێضۑ جيڪڏهن ائين ڪبو ۽ لفظن جي صورت بدلائبي ته پوءِ خبر پئجي ڪانه سگهندي ته فلاڻو لفظ ڪهڙيءَ ٻوليءَ مان نڪتل آهي. اِنهي مشڪلات کي حل ڪرڻ جو اهو رستو آهي ته لفظ جو بنياد يا لفظ جي اصلوڪي صورت ڊڪشنري يا ڪوش ۾ ڊڷڧۑڷ ليڪن ۾ ڏيکارجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اکر ٻن قسمن جا آهن: 1. وينجين يا قڎڢ صحيح 2. سر يا حرف علت. هيٺيان ڏهه سُر آهن جي اکرن مان لفطن ٺهڻ ۾ مدد ڪن ٿا؛ اَ، آ، اِ، اي، اُ، او، اي، اَي، او، اَو، سنڌيءَ ٻوليءَ جي هر ڪنهن لفظ جي پڇاڙي هڪڙي نه ٻي سر سان ٿئي ٿي، پوءِ اِهو لفظ نج يا اصل سنڌي هجي يا ٻيءَ ڪنهن ڌاري ٻوليءَ مان آيو هجي. مثال طور ڪي اسمۆسۆ : کٽ بلا، دري، پُٽ“ زردالُو، شي، ڀو وغيره. ٻوليءَ جي سڄي ويا ڪرڻي بناوت اِنهن پڇاڙي جي سرن تي منحصر آهي. جيڪڏهن ڪنهن اسم جي پڇاڙي ڪري مونث آهي. جي اسم جي پڇاڙي اُ، او، او آهي ته اهو اسم گهڻو ڪري مذڪر آهي. ساڳيءَ طرح واحد مان جمع ٺاهڻ لاءِ به اِهي نشانيون ويچار ۾ آڻڻيون ٿيون پون. وري وٺو فعل يا ڌاتو، ڏسبو ته سڀڪو فعل، جو امر واحد ۾ آهي، تنهن جي پڇاڙي يا ‘اِ‘ يا ”اُ‘ آهي. جيئن جێ ڪر، مار، وغيره. انهن جو مضارع ٿيندو: ڪريان، ماريان، ڇڏيان. وري ”اُ“ وارامثال وٺو: اُٿ، لک، رک انهن جو مضارع ٿيندو: اُٿان، لکان، رکان. ساڳيءَ طرح اسم حاليه، ماضي معطوفي ٻين ويا ڪرڻي صورتن ٺاهڻ ۾ ڌاتوجنهن جي پڇاريءَ ۾ ‘اِ‘ آهي تن کي پنهنجو نمونو آهي ۽ جن جي پڇاڙيءَ ۾ ‘اُ‘ آهي تن کي پنهنجو نموو آهي. جئين ته وٺو ‘اِ‘ وارا مثال: امر واحد _ مار، ڇڏ، ٻار اسم حاليه _ ماريندو، ڇڏيندو، ٻاريندو ماضي معطوفيڏ ماري، ڇڏي، ٻاري ۆسۆ ‘اُ‘ وارا مثال: امر واحد _ اُٿ، لک، رک اسم حاليه _ اُٿندو، لکندو، رکندو ماضي معطوفي _ اُٿي، لکي، رکي مطلب ته ڪوبه لفظ سنڌيءَ ۾، اهڙو نه لڀندو جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ سُر نه هجي يا جو ‘ساڪن‘ هجي. ڪيترا لفط عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ آيا آهن. جهڙوڪ: نصيحت، طاقت، فرياد، انصاف، جائداد، روش. هنن لفظن جي پڇاڙي اصل ٻوليءَ ۾ ساڪن آهي، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن جي پڇاڙي سر سان ٿئي ٿي جيئن ته: نصيحت، طاقت، فريادُ، انصافُ، جائداد، روش. ساڳي طرح وٺو ٻه چار انگريزي لفظ: بال، بورڊ، ٽڪيٽ، ٽرنڪ، اِهي لفظ سنڌي ۾ ڦري ٿيا آهن: بالُ، بورڊُ، ٽڪيٽ، ٽرنڪ- جيڪي لفظ ٻين ٻولين مان سنڌي ٻولي ۾ اچن ٿا سي گهڻو ڪري پنهنجو روپ ۽ پنهنجو اچار قدري بدلائين ٿا. سنڌي ٻولي ۾ اُهائي بدليل صورت قائم هئڻ گهرجي. سنڌي ۾ اهڙن لفظن جواصلوڪو اُچار ڪرڻ کل جهڙو ۽ بيهودو پيو لڳي، جيئن ته هيٺيان انگريزي لفظ سنڌي ۾ ٻي طرح سان اُچارڻ ۾ اچن ٿا: فوٽ بال، ٽرنڪ، ڪيلڪٽر، ريل، انجن، گوڊس، ٽڪيٽ وغيره. وري عربي _ پارسيءَ جا ڪي مثال وٺو جي سنڌي ۾ ڦري ويا آهن ۽ چشم (سنڌيءَ ۾ چشم). فضل (فضُلُ). مهر (مهر)، شمع (شمع). سنڌي ٻوليءَ جو بنياد جيتوڻيڪ سنسڪرت ئي آهي ته به جنهن صورت ۾ هيءءُ پرڳڻو ڪيتريون صديون مسلمان ۽ انگريزي حڪومت هيٺ رهيو آهي تنهن صورت ۾ اُن ٻوليءَ ۾ ڪئين عربي، پارسي، انگريزي لفظ گڏجي ۽ چالو ٿي ويا آهن. اِن ڪنهن به قسم جو اعتراض ڪونه آهي. سڀاويڪ طرح جيڪڏهن لفظ ٻوليءَ ۾ اچي وڃن ته بيشڪ اچن پر زور ڪري ڏاڍين ٻولين جا لفظ ڏيڻ، هڪڙو بيهودو ڥڶ آهي. ڪيترا مسلمان صاحب ته زور ڪري اجايا سجايا ڏکيا عربي _ پارسي لفظ ڪم آڻين. ساڳيءَ طرح ڪيترا پنڊت برهمڻ ڏکيا سنسڪرت لفظ پيا ڪم آڻين. اهڙي قسم جا ماڻهو ميار جوڳا آهن. ٻولي اُها آهي جا سليس ۽ سٺي هجي ۽ جنهن ۾ خيال چٽيءَ طرح سان ظاهر ڪري سگهجن. شعر لکڻ ۾ به اڄڪلهه ڏسجي ٿو ته ڪي ڪي اڄوڪي زماني جا اسرندڙ شاعر زور ڪري ڳرا ڳرا پارسي لفظ خوامخواه پيا ڪم آڻين. اهڙي قسم جو شعر بلڪل جٽاءُ ڪونه ڪندو. اهڙن نون زنده شاعرن جي شعر مان سبق سکڻ گهرجي.