Video

نئين سنڌي ڊڪشنري ۽ اعرابون: ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي

ڪراچيءَ جي ڊي_ جي. سنڌ ڪاليج ۾ جۑڎێڷ ورهيه ساندهه سنڌيءَ جو ليڪچرار هوس. اهو سڀ وقت پاڙهيم پئي، ته پڙهيم به پئي. ڪاليج جي لئبرريءَ جو خوب فائدو ورتم. سنڌي ٻوليءَ جي اونهي اڀياس ڪرڻ لاءِ لئبرريءَ ۾ پهريائين بلڪل ٿورا ڪتاب هئا، پر پوءِ ٻيا گهڻيئي گهرائي پڙهيم. ائين سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جوڙڻ لاءِ ڪيترو مال ڪٺو ڪيم. ڪاليج جي لئبرريءَ ۾ ڪيتريون ئي سنسڪرت، پالي، پراڪرت، هندي، پارسي، عربي وغيره ڊڪشنريون آهن، جن مان ڪي نهايت ڳري ملهه واريون آهن ، ۽ ڪي ته ٻئي ڪنهن به هنڌان ملڻ ئي مشڪل آهن. انهن مان ايترن سنڌي لفظن جو بنياد مليم، جو پنهنجي نئين ڊڪشنري جوڙڻ شروع ڪيم، جنهن ۾ هرهڪ لفظ جو بنياد ڄاڻائيندو ويس. ڊاڪٽر ٽرمپ واري سنڌي گرامر، بيمس صاحب واري آريه ٻولين جي گرامر ۽ ڊاڪٽر ڀنڊارڪر جي علم لغات بابت تقررين ۾ گهڻن یۑ سنڌي لفظن جا بنياد ڏنل آهن، سي به الف ب وار بيهاريم. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري شاه جي رسالي جي ٽن جلدن ۾، ماستر جهمٽ مل نارومل جي جوڙيل ”وئتپتي ڪوش“ ۾ سنڌي لفظن جا جيڪي بنياد ڏنل آهن، سي ٻين لفظن سان ڀيٽيم، ۽ جيڪي صحيح سمجهيم، سي کنيم. شرٽ صاحب واري ڊڪشنري ۽ مسٽر پرمانند واري ڊڪشنري سامي جي سلوڪن، سچل جي رسالي، ديوان فاضل، ديوان قاسم ۽ ٻين ڪن ڪتابن وارا ڪيترائي لفظ ڪينهن، انهن جا ڌاتو به هٿ ڪري وڌم، ته منهنجي ڊڪشنري مسٽر پرمانند جي ڊڪشنري کان ٻيڻي إڌإیۆڼۑ ٿي پيئي. مون سنڌيءَ مان انگريزي ڊڪشنري جوڙي، ۽ هم معنيٰ لفظ گهڻا ڏنم. مثلا ”آب“ لاءِ انگريزي لفظ ”واٽر“ Water ڏيئي، لکيم ”پاڻي، جل، ٻار، نير“. ائين ”اُٺ“ لاءِ ٻور، ڀور، توڏو، چانگو، ڪر هو وغيره لفظ ڏنم، ته پڙهندڙ سنڌي جو مايو وڌائين. جن لفظن جون ٽي ٽي، چار چار، بلڪ وڌيڪ، معنائون آهن، تن جي معنائن ڏيندي، شاهه، سامي، سچل ۽ ٻين جي ڪلامن مان ڪي تڪون ۽ سنڌي پهاڪا ڏٺم، ته پڙهندڙ سمجهن. ته ساڳيو لفظ جدا جدا معنائن سان ڪئن ڪم آڼبۆ آهي. 1937ع ۾ ڪاليج ڇڏيم، تنهنکانپوءِ به نوان نوان لفط پئي گڏيم. جرمنيءَ واري جنگ شروع ٿي، ته سمجهم ته پنا مهانگا ٿيندا، تنهنڪري يڪدم ڇپائڻ شروع ڪيم. پهريان ٻٽيهه صفحا ڇپيا، ته ٿورين ڪاپين کي ڪچو جلد ٻڌائي، ڪن پريوائن کي هڪ هڪ ڪاپي موڪليم، ته ڊڪشنريءَ کي اڃان به وڌيڪ ڪارائتي ڪرڻ لاءِ ڪا صلاح ڏيڻي هجين، ته ڏين. مهتمم صاحب، (ښڷډۆ ضۆ إۑڋۑخڎ بۆڵغڷڈ ڎإضصإڵ) مونکي يادگيري آهي، ته هڪ ڪاپي توهان کي به موڪلي هيم. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪن پريوالن مونکي لکيو، ته ڊڪسنري بيشڪ ڪارائتي ٿيندي، جلد ڇپايو. پوءِ ٻيا اَٺ صفحا ڇپايم، اعرابن جو سوال اٿيو، تنهنڪري انجي فيصلي لاءِ ترسڻو پيم، جو ڊڪشنري جو اعرابن سان وڏو ئي واسطو آهي. اعرابن جو سوال: مئي 1940ع ۾ پروفيسر ڄيٺمل هڪ ميٽنگ مسٽر منوهر داس ڪوڙيمل جي بنگلي ۾ ڪوٺائي، جنهن ۾ ظاهر ڪيائين، ته ”ڊاڪٽر دائود پوٽه درسي ڪتابن ۾ ڪي ڦيريون گهيريون ڪيون آهن، ۽ اعرابن ڏيڻ جو نمونو به ڦيرايو اٿس.“ اعرابن بنسبت مکيه ڳالهه هيءَ هئي، ته ”اي“ ۽ ”اوُ“ جا اُچار سنسڌيءَ ۾ ڪئن ظاهر ڪجن؟ مثلاً ”ٻڪري“ لفظ ۾ عام طرح ”ي“ جي هيٺان زير (_ِ) ڏيندا آهن، ۽ ”چتون“ لفظ ۾ ”و“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏيندا آهن. پروفيسر ڄيٺمل چيو ته ڊاڪٽر دائود پوٽه چوي ٿو، ته ”ٻڪري“ لفظ ۾ ”ي“ جي بدران ”ر“ جي هيٺان (_ِ) ڏيڻ گهرجي، ۽ ”چتون“ لفظ ۾ ”ر“ بدران ”ت“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏيڻ گهرجي، پر سندس اهو نمون غلط آهي، جو اسان کي بند ڪرائڻ گهرجي.“ مهتمم صاحب، هيءَ ڳالهه ٻڌي، درسي ڪتابن کان وڌيڪ مونکي پنهنجي ڊڪشنري جو خيال ٿيو. مسٽر ڄيٺمل کي بروقت چيم، ته صحيح نمونو ڊاڪٽر دائود پوٽه وارو آهي، تنهنڪري توهين صحيح ۽ غلط جي ڳالهه تي اچڻ بدران، رڳو هن ڳالهه تي زور ٻڌي سگهو ٿا، ته اعرابن ڏيڻ جو جيڪو نمونو هيترا ورهيه درسي ڪتابن ۾ هلندو آيو آهي، سو قائم رهي، جو ٻوليءَ ۾ رواج به وڏي ڳالهه آهي، پوءِ پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي به هلچل ۾ گهڙيو. هنکي به اڳواٽ ساڳي صلاح ڏنيم. هو ته هيڪاري وڌيڪ هوڏ ٻڌي بيٺو، ۽ چيائين، ته ڊاڪٽر دائود پوٽي وارو نمونو بنهه غلط آهي! پوءِ ته انهي ڳالهه بنسبت گهڻني اخبارن ۾ ليکن جي ٺڪا ٺوڪي لڳي ويئي. مون پنهنجي ڊڪشنري ڇپائڻ کڻي بند ڪئي، ته فيصلو ٿي رهي. پنن جو اگهه ڏينهون ڏينهن ويو ٿي چڙهندو، تنهنڪري پنهنجي جوڙيل ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ڇپائڻ شروع ڪيم. اخبارن ۾ جيڪي ليک پئي پيا، سي مٿاڇري طرح پڙهي، اخبارون ويس ڪٺيون ڪندو، جي پوءِ ساۏ ستيءَ سان پڙهيم. منهنجو اعرابن ڏيڻ جو نمونو: مهتمم صاحب! منهنجي ڊڪشنري جا ڇپيل پهريان ٻٽيهه صفحان توهان وٽ اڳ ئي آهن. اهي کولي ڏسو، ته مون پاڻ پنهنجي ڊڪشنري ۾ اعرابون ائين ڏنيون آهن، جئن پروفيسر ڄيٺمل ۽ پروفيسر ناگراڻي چون ٿا. ڊاڪٽر دائود پوٽه وارو نمونو اختيار ڪيو ئي ڪونهي. مون واري ڊڪشنري سڀڪنهن ڏٺي آهي، تنهنڪري پڙهندڙن کي عرض ته منهنجا جوڙيل ڪتاب، جهڙوڪ سنڌي گرامر، گلقند، نوبهار، گلزار نثر و نظم جي گذريل پنڌرهن ويهن ورهين کان ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پاڙهڻ ۾ صۑإ اچن سي ڏسن. انهن ڪتابن جي رڳو ڏسو، ته مون پنهنجو ڷإڵۆ لکيو جي ”ڀيروُمل“، يعني ”و“ جي مٿان پيئي ڏنو اٿم! ائين لکڻ صحيح آهي؟ سورهن آنا غلط!!! اِنهيءَ سبب ائين چئبو ته مونکي پنهنجو نالو به لکڻ نٿو اچي. جيڪڏهن مون بابت ائين ڪونه ڪو چوندو، ته به ايترو ته ضرور پڇندو جڏهن سنڌي جا هو ٻه پروفيسر غۆڷ صحيح نمونو آهيئي اِهو، تڏهن مان اُنکي غلط ڇوٿو ڪوٺيان؟ وڏي ڳالهه ته جيڪڏهن مان اهو نمونو غلط سمجهان ٿو، ته پوءِ اُهو اختيار ڇو ڪيم؟ هيءُ بلڪل واجبي سوال آهن، جن جا جواب مون کي ئي ڏيڻا آهن، تنهنڪري هيءُ ليک اٿم، ته اعرابن جي ڳالهه ٻيا به سمجهن. اعرابن بابت سمجهاڻي: اسڪولن جي شاگردن کي به سڌ آهي، ته جيڪي به حرف علت آهن، تن سڀني کي پنهنجو پنهنجو اچار آهي، ۽ حرف صحيح آهي گونگا اکر آهن يعني صإڼڶڎإڈۆ اُچار ڏيئي نٿا سگهن، تنهنڪري رڳو اُنهنکي اعراب ڏني، يا انهن ښإڷ ڪو حرف علت گڏبو، ”چَتون“ لفظ ۾، ”و“ حرف علت آهي، تنهنڪري انهيءَ تي پيش (_ُ) ڏيڻ سراسر غلط آهي. اڳيئي پنهنجو اُچار اٿس، ته پوءِ اعراب وري ڇاجي ڏبي؟ هيءُ اعتراض نمبر پهريون. ٻئي اعتراض تي اچڻ کان اڳ، هيءَ ڳالهه ڄاڻڻ ضروري آهي، ته عربي سيٽميٽڪ خاندان جي ٻولي آهي. انهيءَ خاندان جي ٻولين، جهڙوڪ ”هيبرو“ (Hebrew) يعني عبراني يا يهودين جي قديم ٻولي، ڪئلڊي، اَرم ۽ شام ملڪ (سريا Syria) جي ٻولين ۾ سڀ حرف صحيح آهن!!! ڪابه ٻولي حرف علت يا اعرابن کانسواءِ هلي ڪين سگهندي. عربيءَ ۾ ا، و، ي انهن ٽن اکرن کي پنهنجا پنهنجا اُچار به آهن، تنهنڪري عام طرح اهي حرف علت سڏجن ٿا، صڎ ڪيترين حالتن ۾ اُهي ساڳيا حرف صحيح حۑ به، ڪم اچن ٿا. مثلاٰ ”اُڌارو“ لفظ ۾ پهريون الف حرف صحيح ۽ وچون حرف علت آهي. ”وڳو“ لفظ ۾ پهريون ”و“ حرف صحيح ۽ پويون حرف علت آهي. ”يقين“ لفظ ۾ پهريون ”ي“ حرف صحيح ۽ وچون حرف علت آهي. مطلب ته ا، و، ي مان ڪهڙي به اکر جي هيٺان يا مٿان ڪابه اعراب ڏبي، ته چئبو، ته اهو حرف صحيح ڪري ڪم آندو ويو آهي. ا، و، ي جڏهن ڪنهن ڵڢڟ جي وچ يا پڇاڙيءَ ۾ ايندا آهن، تڏهن حرف علت آهن، پر جيڪڏهن وچ يا پڇاڙي ۾ ڪم آيل ”و“ يا ”ي“ جي مٿان يا هيٺيان ڪابه اعراب ڏبي، ته اُهو به ڦري حرف صحيح ٿي پوندو. اها آهي سڃاڻڻ جي واٽ. هاڻ اچو اعتراض جي ڳالهه تي. ”اُٺ، بُتُ، کڏُ“ ۽ ٻين اهڙن لفظن ۾ هر هڪ اکر جي مٿان پيش (_ُ) ڏجي ٿو، ته ”اُ“ جو اُچار پيدا ٿئي ٿو. ”اُٺُ“ لفظ جي هِجي ڪبي، ته چئبو، ته ”الف“ پيش ”إّ “، ٺ پيش ”ٺ“، (اُٺُ). ساڳيءَ ريت”و“ جي مٿان پيش ڏيو، ته اُچار ٿيندس ”وُ“. ”چتون“ لفظ ۾ ”و“ حرف علت آهي، تنهنڪري اونهيءَ تي اعراب ڏيڻي ڪانهي، پر جيڪڏهن اعراب ڏبي، ته پوءِ حرف صحيح ٿي پوندو، ۽ اُچار ٿيندس ”وُ“، جنهنڪري ښطۑ لفظ جو اُچار ٿيندو ”چَت وُن“!!! منهنجي نالي ”ثۑڎۆڶڵ “ ۾ به جيڪڏهن ”و“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏبو، ته رڳو ”اُ“ جو ننڍڙو اُچار پيدا ٿيندو، پر ڊگهو ”اُو“ جو اُچار هرگز پيدا نه ٿيندو، تنهنڪري ائين لکڻ ئي غلط آهي. هيءُ اعتراض نمبر ٻيو. پروفيسر ڄيٺمل ۽ پروفيسر ناگراڻي چونٿا، ته ”اُو“ جو ڊگهو اُچار پيدا ٿيندو ئي تڏهن، جڏهن ”و“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏبو!!! مٿي اڳيئي چيو اٿم، ته ”و“ جي مٿان پيش ڏيڻ ڪري اُچار ”وُ“ ٿيندو. جيڪڏهن هنن ٻن پروفيسرن جي ڳالهه سچي آهي، ته سوال اُٿندو، ته ”إّۆډۆڈإښ “ نالي ۾، الف اکر اڳيان ڇو وجهجي؟ پوءِ ته رڳو ”و“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏيئي لکجي ”وُڌداس“!!! سڄيءَ سنڌ مان ڪو چئي وڃي، ته ائين لکڻ صحيح ٿيندو؟ هاڻ سوال اُٿندو، ته تڏهن صحيح نمونو ڪهڙو آهي؟ اُنجو پورو پتو تڏهن پوندو، جڏهن ڳالهه جي بنياد ۾ وڃبو. انهيءَ سبب اعرابن جو بنياد کولي ٻڌايان ٿو.. اعرابن جو بنياد: ”اَعراب“ جي بنيادي معنيٰ ”جا اُچار کي چِٽو ڪري ٿي.“ ”عرب“ معني ”چٽو ڪرڻ.“ إڠڎإب کي ”حرڪت“ نه چئبو آهي، جنهنجي بنيادي معنيٰ آهي ”چُرپُر، چور پور،. جيڪي حرف صحيح آهن، سي پاڻيهي چُري نٿا سگهن، تنهن ڪري ”حرڪت“ (إِڠڎإب) سان چوڎيو اٿن، ته اُچار چٽو ٿئي. ”اَعراب“ لاءِ سنسڪرت ڵڢڟ آهي ”ماترا“، جنهنجي بنيادي معنيٰ آهي ”ماپيندڙ“، يعني ”جا ماپي ٻڌائي ٿي، ته اُچار هيترو ڪي هيترو ٿيندو، ۽ نه گهٽ يا وڌيڪ“. انجو ڌاتو يا بنياد آهي ”ما“ معنيٰ ماپڻ“. عربيءَ ۾ سڀ حرف صحيح آهن، ته پوءِ اُهي چُرن ڪئن؟ پر عربيءَ ۾ ا، و، ي، انهن ٽن اکرن کي پنهنجا اوچار آهن، جنهنڪري اهي حرف علت تي به ڪم اچن ٿا، ۽ اُهيئي ٽي اکر عربيءَ جي اعرابن جو بنياد آهن. ”ا، و، ي“ مان عربن ٽي اعرابون ٺاهيون: ”الف“ مان ”اَ“، ”و“ مان ”اُ“ ۽ ”ي“ مان ”اِ“. اهي ٽئي ننڍي اچار واريون اعرابون آهن. ٻوليءَ ۾ ڊگها اُچار به کپن. ان لاءِ هيئن ڪيائون، جو به سمان يا هڪجهڙا لفظ اُچار گڏيائون، ته ڊگهار اُچار هن ڎۑج ٺهي پيا:_ اَ+ اَ = آ. اُ + اُ= اُو. اِ+اِي = إۑ ائين ٽن اُچارن بدران ڇهه اُچار ٺهي پيا! عربيءَ ۾ ”اادم“ جو اُچار“ ”آدم“. ائين تێ الف پاڻ ۾ ملي. ” آ “ جو ڊگهو اُچار ڏين ٿا. ێڷ ڶإڷ ظاهر آهي ته اَ، اُو ۽ اِي” دو علت يا ٻٽا حرف علت (Diphthongs) آهن. اهڙيءَ ريت اي، لکي او ۽ اُو به دو علت آهن يعني ٻن ٻن اُچارن جي ميلاپ سان ٺهيل آهن، پر انهن سڀني جو بنياد اهيئي ٽي اکر، ا، و، ي آهن. ڪي هندو شايد چوندا، ته سنڌيءَ جو بنياد سنسڪرت ٻولي آهي، تنهنڪري سنڌي ۾ عربي ٻوليءَ جي اهڙن قاعدن پٽاندڙ اول هلون ڇو؟ هن باري ۾ منهنجو هيءُ چوڻ آهي ته اهي ساڳيا قاعدا ته سنسڪرت ۾ به آهن. سنسڪرت گرامر جوڙيندڙ انهن کي سڏيو آهي. ”سنڌيءَ جا قاعدا (Rules of Euphony). ”سنڌيءَ“ جا قاعدا ”قدرت جا قاعدا“ (Natural Laws) آهن. قادر جي قدرت ۾ ٻيائي آهيئي ڪانه تنهنڪري اهي سنسڪرت، عربي ۽ دنيا ضۑ ٻين سڀني ٻولين سان هڪجهڙا لاڳو آهن. انگريزي ۾ Cool, Fool, Tool ۽ ٻين اهڙن لفظن ۾ ”او“ (0 ) تێ ڧێڶڎإ ڧڊ ڥڶ آڼضۑ حۆ ”إۆ“ ضۆ ڋڧێۆ إغإڎ صۑڈإ حیۑ حۆ. ښإکۑ ڎۑج sheep, weef keep, ۽ تۑڷ إێڏڷ ڵڢڟڷ ۽ ۾ تخۆ إٔۑ (e) اکر، لنبو ”اِي“ ) ee) جو اُو پيدا ڪري ٿو. هاڻ اچو ”اُو” ”اِي“ جي اُچارن تي، جن جإڷ ێۑ معاملو متو آهي. اعرابن ڏيڻ جو صحيح نمونو : اُو جو اُچار _ اعرابن جو بنياد ڄاڻائيندي، اڳيئي چيو اٿم، ته ”و“ حرف علت مان پيش(_ُ) يعني ”اُ“ ٺهيو آهي. ”وُٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي.“ (شاهه) هتي ”وُٺو“ لفظ جي پهرين اکر ”و“ کي ٿورو نرم (Soften) ڪبو، ته ”اُ“ ٿي پوندو، جنهنڪري ”وُٺو“ جو اُچار ڦري ٿيندو ”اُٺو“. ”مينهن وُٺو“ جو اُٺو “ معنيٰ مينهن وسيو يا برسات پيئي“. سنڌي لفظ ”سو“ _ (100) جو اُچار آهي ”س+ اُ“. ” ڀو“ معني ”ڊپ“، تنهنجو اچار آهي ”ڀ+ اُ“، تنهنڪري ڪيترا لکن ئي ”ڀءُ“. هن ريت جڏهن ”و“ کي حرف علت ڪري ڪم آڻجي ٿو، تڏهن اهو فقط ”اُ“ جو اُچار ڏئي ٿو، ۽ انهيءَ کي طاقت ئي ڪانهي، جو ڋڧێۆ ”اُو“ جو اُچار ڏيئي سگهي، اها طاقت تڏهن ٿينديس، جڏهن ساڻس ٻيو به ”اُ“ گڏ ڪم آڻي، ٻئي ملائي، يڪا ڪبا. سولو مثال. سنڌيءَ ۾ ”وِڄُ“ معني ”بجلي“. ”وڃ“ جو جمع ”وڄون“ (وڄ + ا+ ن). هتي ”وڄ“ لفظ جي صفإڏۑ٪ ۾ ”ڄ“ جي ڶحإڷ پيش (_ُ) يعني ”اُ“ جو اُچار آهي. انجي جمع جوڙڻ مهل پراڪرت جي جمع واري ”اُ“ پڇاڙي (Phural termination) ”لکون ٿا، ته ٻئي ”اُ“ جا اُچار پاڻ ۾ ملي، يڪو ڊگهو ”اُو“ جو اُچار پيدا ڪن ٿا، جنهنڪري جمع لفظ ”وڄو“ ٺهي ٿو، پر اسان سنڌي ماڻهن کي لفظن ۾ ”ن“ غنه يا نڪ جي بالائي اُچار گڏڻ جي عادت گهڻي آهي، تنهنڪري عام طرح ”وڄ“ جو جمع چئون ”وڄون“. ساڳيءَ ريت ”کنڊ“ جو جمع ”کنڊون“ ۽ ”مس“ جو جمع چئون ”مسون“ (مس+ ا+ ن). پروفيسر ڄيٺمل ۽ پروفيسر ناگراڻيءَ جي چوڻ موجب ”و“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏيڻ سان “اُو“ جو ڊگهو اُچار پيدا ٿئي ٿو!!! اڳيئي چيو اٿم ته ”اُٺ“ لفظ ۾ پيش (_ُ) فقط ”اُ“ جو اُچار ڏئي ٿو، تنهنڪري ”و“ جي مٿان پيش ڏيو، ته اچار ”وُ“ ٿيندو، پر ”اُو“ ٻٽو حرف علت آهي، تنهن لاءِ ٻه گهمرا ”اُ“ جو اُچار گڏ ڪم آڻڻو آهي. جيڪڏهن ”و“ مٿان پيش ڏيڻ ڪري ”اُو“ جو اُچار ٿئي،، ته ”اُوڌوداس“ بدران ”وُڌوداس“ نالي ۾ به ”و“ اکر ”اُ“ جي برابر آهي. اهو نالو ڄڻ ته آهي ”اُاُڌاُداس“. هتي به پهريائين جڏهن ٻئي ”اُ“ جا اُچار ملائبا، تڏهن. ڊگهو ”اُو“ جو اچار پيدا ٿيندو، جنهنڪري سڄي نالي جو اُچار ”اوڌوداس“ ٿيندو. ”اُو“ جي هِجي ڪجي، ته مڃئبو ته الف و پيش (_ُ) ”اُو“. اوڌوداس“ نالي ۾ به منڍ وارو الف ضرور ڤإیڶ رکڻو آهي، ۽ پيش (_ُ) إڷێۑ٪ پهرين اکر الف جي مٿان ڏيڻو آهي، ته پٺين ”و“ (اُ) سان ملي، ”اُو“ ٿئي. ٻيو إڦڎ ”و“ خود ”اُ“ جي برابر آهي، ۽ انهيءَ جي مٿان پيش (_ُ) ڏيڻ مورکائي آهي. ”چتون“ لفظ ۾ ”و“ حرف علت آهي ۽ ”اُ“ جي برابر آهي. انهيءَ جي مٿان پيش ڏيڻ (يعني ”اُ“ جو اچار گڏڻ) إێڏۆ ڪم ٿيندو، جهڙو ڪو ماڻهو ٽوپلو مٿي ۾ پائي، تنهنجي مٿان ٻيو ٽوپلو رکي! انهيءَ لفظ ۾ جيڪو پيش ڏيڻو آهي، سو ”ت“ جي مٿان ڏبو، ۽ ”و“ اکر خالي ڇڏبو، جو اهو اڳيئي ”اُ“ جي برابر آهي، ۽ پوءِ ٻئي پاڻ ۾ ملي ، ”اُو“ ٿيندا. مٿي چيو اٿم، ته جيڪڏهن ”و“ مٿان پيش (_ُ) ڏبو، ته اچار ”و(“ ٿيندو، جنهنڪري پوءِ سڄي لفظ جو اچار ”چَتُون“ ٿي پوندو، جو غلط اچار آهي. ٻيو وڏو اعتراض هيءُ به آهي، ته ”چتون“ لفظ ۾ منڍ واري ”چ“ جي مٿان زبر (_َ) آهي، ۽ جيڪڏهن ”و“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏبو، ته وچ وارو ”ت“ اکر خالي رهجي ويندو، ۽ ڪنهن به اعراب نه هئڻ سبب اُنجو اچار ڪري ڪين سگهبو. انهيءَ ڪري تمام ضروري آهي، ته ”ت“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏجي، ته اُهو ”و“ جي اُچار (اُ) کي به پاڻان ملائي، ۽ ”ن“ کي به پاڻ سان کڻي وڃي. ”چتون“ لفظ جي هجي ڪجي، ته چئبو ته ”چ“ ڐبڎ ”چ“، ت و ن پيش ”تون“. هجي ڪرڻ مهل اهو جيڪو ”پيش“ چئون ٿا، سو ”ت“ اکر جو آهي. جيڪڏهن ”و“ اکر جو هجي ها، ته پوءِ هِجي ڪجي ها ”و ن پيش ”وُون“. پوءِ ”ت“ اکر جو نڪو ډڼۑ نڪو ڌوڻي: نڌڻڪو ٿيو بيٺو هجي ها، ۽ اُنجو اُچار ڪرڻ هڪ اڻٿيڻي ڳالهه ٿي پوي ها، جو ڪوبه حرف صحيح پاڻمرادو اُچار ڏيئي نٿو سگهي. انهيءَ ساڳي سبب منهنجي نالي ”ڀيرومل“ جڏهن ”ر“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏبو، تڏهن اهو پٺين ”و“ (اُ) سان ملي، ڊگهو اُچار ”اُو“ جو اُچار ڏيندو. اهوئي هن اعراب “ ڏيڻ جو صحيح نمونو آهي. هاڻ اجهو ”اِي“ جي اُچار ٿي. اِي جو اُچار: ”ڀت“،”فج“، ۽ تڏهن إێڏڷ ڵڢڟڷ ۾ هر هڪ اکر جي هيٺان زير ڏيون ٿا، پر ”ننڍڙو اُچار ”اِ“ پيدا ٿئي ٿو. ڀِت لفظ جي هجي ڪبي، ته چئبو، ته ”ڀ“ زير ”ڀِ“، ”ت“ زير ”تِ“ (ڀِت) ساڳيءَ ريت .ٻڪري“ لفظ ۾ ”ي“ جي هيٺان زير ڏبي، ته حرف علت مان ڦري، حرف صحيح ٿي پوندو. اُچار ٿيندس ”ۑێ“، جنهنڪري سڄي جو اُچار ٿيندو ”ٻڪريه“!!! ٻي وڏي ڳالهه ته ”و“ اکر ساڪن رهجي ويندو، جنهن ڪري انجو اُچار ڪري ڪين سگهبو. تنهنڪري ”ي“ جي هيٺان زير ڏيڻ غلط آهي. پروفيسر ڄيٺمل ۽ پروفيسر ناگراڻي چون ٿا، ته ”اِي“ جو ڊگهو اچار به ٿيندو ئي تڏهن، جڏهن ”ي“ جي هيٺان زير ڏبي!!! مٿي اڳيئي چيو اٿم ته ”ي“ جي هيٺان زير ڏيڻ ڪري، اِ جو اُچار ”يه“ ٿيندو، تنهنڪري چئبو ته حقيقت سندين ڳالهه کي رد ڏيئي سگهبو آهي. جيڪڏهن سندين ڳالهه صحيح آهي ته ”اِيسرداس“ نالي ۾ اهي ساڳيا الف اکر ڇو ٿا وجهن؟ پوءِ نه رڳو ”ي“ جي هيٺان زير ڏيئي لکن، ”يسرداس“ سڄيءَ سنڌ مان ڪو چئي وڃي، ته اهو لکڻ صحيح ٿيندو؟ مٿي اڳيئي چيو اٿم، ته ”ي“ حروف علت مان ”اِ“ ٺهيل آهي. ڵڢڟڷ ۽ اچارن مان به ظاهر آهي، ته ”ي، اکر فقط ”اي“ جي برابر آهي. مثلا ”شي“ جو اُچار آهي ”ش+ اِ“. ”قي“ معني اُلٽي“، تنهنجو اُچار آهي ”ق + اِ“. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو، ته ”ي“ اکر جڏهن هن ريت حرف علت ڪري ڪم آڻجي ٿو، تڏهن فقط ”اِ“ جو ننڍڙو اُچار ڏئي حۆ صڎ ”ايِ“ جي ڊگهي اُچار ڏيڻ جي طاقت اٿس ئي ڪانه.”اِي“ دو علت (ٻٽو حرف علت Diphthong) آهي، ۽ اهو ڊگهو اچار تڏهن پيدا ٿيندو، جڏهن ”اي“ جو اُچار ٻه گهمرا گڏ ڪم آڻبو. مثلا ”ائيت“ معني ”ڪنجوس، بخيل، مکيچوس،، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”اُهو ماڻهو جو (صوفي جي) حد کان گهڻو ٻاهر وڃي ٿو.“ انهي اتيت چئجن، جن ښڎب إجۑج سهي ڪيو“. (ښإڶۑ) هتي اتيت ڶڠڷۑٰ”نيارو، نرالو، علحدو“ هي اهو ساڌو پرش جو دنيا کان يا رواجي ماڻهن کان نيارو آهي. ”سرب اتيت“ معني ”سڀني کان نيارو“ (ايشور). مطلب ته جن ايشور کي سڃاتو آهي (جي خدا شناس آهن)، اُهيئي نرالاپرش چئبا. هتي ”اتيت“ جي بنيادي معنيٰ آهي ”جو گهڻو ٻاهر وڃي ٿو“ دنيا کان، يا ڈڷۑۆۑ ماڻهن کان). اهو ”إجۑج“ لفظ اصل ۾ آهي ”اَت (اَلي)“ معني ”گهڻو“ ۽ ”اِت“ معنيٰ ”ويو“. سنسڪرت ۾ ”اِ“ معني ”وڃڻ“ ۽ ان جو زمان ماضي مطلق ”اِت، معني (”ويو“. هتي ”اَت“ لفظ جي ”ت“ هيٺان زير آهي يعني ”اِ“ جو اُچار آهي ۽ ”اِت“ جي اڳيان به ”اِ“ آهي. ٻئي ”اي“ جا اُچار گڏي، ”اتيت“ چئون ٿا. ڏسو ته ساڳيا عربيءَ وارا قاعدا سنسڪرت ۾ به آهن. اهو به ”سنڌيءَ جو قاعدو“ Rule of Euphony آهي. اهو قدرت جو قاعدو آهي، تنهن لاءِ به وٺو مثال. عربي لفظ ”مسجد“ ۾ ”س“ اکر جۑ ڪابه اعراب ڪانهي، پر اسان سنڌي ماڻهن کي لفظن ۾ ”اِ“ جي اُچار گڏڻ جي عادت تمام گهڻي آهي، جنهنڪري انگريزي لفظن ۾ به ”شڪول“ بدران ”اسڪول“ (School) ۽ ”شڪرو“ بدران ”اِسڪرو“ (Screw) چون ٿا. ”مسجد“ لفظ ۾ به ائين ”س“ جي هيٺان زير گڏيائون يعني ”اِ“ جو اُچار وڌائون. پراڪرت ۾ قاعدو آهي، ته تڷ علت حرفن (اعرابن) جي وچ ۾ ڪو حرف صحيح هوندو، ته ممڪن آهي، ته اهو حذف ٿيندو يعني نڪري ويندو. ”اَلاجي“ بدران چئون ”الائي“. هتي به ائين .ج، اکر وچ مان نڪري ويو، ته باقي لفظ بچيو ”مس + اِد“. هتي ”س“ جي هيٺان زير يعني ”اِ“ جو اُچار آهي، ۽ ”اِد“ جي اڳيا به ”اِ“ آهي. اهي ٻئي اُچار گڏي، اسانجا سنڌي ماڻهو چوڻ لڳا ”مسيد“. ائين ڀڳل لفظ وري ٺهي پيو! (اِ + اِ = اِي دو علت). جن سنڌي ماڻهن هن ڀڳل ڵڢڟ جي ملم پٽي ڪري، وري ان کي سڄو ڪيو، ان لاءِ ائين ڪونه چئبو، ته سنسڪرت ۽ پراڪرت گرامرن جي قاعدن جو اڀياس ڪيل هون. هو قدرت جي قاعدي تي هليا. قدرت کين ائين ڄاڻايو، ته ”اِ+ اِ“ جو گڏيل اُچار ”اِي“ ٿيندو. حاصل مطلب ته سنڌي ٻوليءَ جي ”حرف علت جي ترتيب“ (Vowel System) تڏهن سمجهڻ سولي ٿيندي، جڏهن هن ريت ڳالهه ۾ اُونهو وڃبو، نه ته ڀلي ته ڪو ويٺو مٿو هڻي. هاڻ اچو رواج جي ڳالهه تي. رواج کي شرف: سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب عيسوي سورهين صديءَ کان وٺي موجود آهن. انهن ۾ اعرابن ڏيڻ جو صحيح نمونو هندن، مسلمانن بلڪ ڊاڪٽر ٽرمپ جهڙن عالمن، سنه1904ع تائين، چار صديون ساندهه، اهوئي اختيار پئي ڪيو، جو مٿي ڄاڻايو اٿم. اعرابن ڏيڻ جا به نمونا هئائي ڪين، جئن هن هلچل مهل ڪن هُلايو هو. پنهنجو به ته ڪجهه هوش هلائڻ گهرجي، ته اعرابن جا جيڪڏهن ٻه نمونا هجن ها، ته اُچارن جا به ٻه نمونا هجن ها، پر ائين آهيئي ڪين، تنهنڪري اهو هُل بنهه بي بنياد هو. حقيقت هن طرح آهي، ته سنڌي، گجراتي، مراهٽي وغيره ٻولين جي نون درستي ڪتابن جورڻ لاءِ، ”ٽيڪسٽ بوڪس رويزن ڪاميٽي“، سنه 1903ع ۾، مسٽر ڪار رلٽن جي زير صدارت، مقرر ٿي هئي، جنهن ۾ سنڌ مان رڳو هڪڙو ميمبر سرڳواسي راءُ بهادر ديوان پريمچند آوٽراءِ جهانگياڻي بي_ اي هو، ۽ سبقن نقل ڪرڻ لاءِ کيس فقط هڪ سنڌي ڪلارڪ مليل هو. جئن هن وقت اسانجا ڪيترا هندو ڀائر سمجهن ٿا، ته ”ٻڪري“ لفظ ۾ ”ي“ جي هيٺان زير (_ِ) ڏبي، ۽ ”چتون“ لفظ ۾ ”و“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏيو، تئن هن سنڌي ڪلارڪ به غلط فهميءَ کان ائين اعرابون ڏنيون. ديوان پريمچند ۽ مسٽر ڪاورنٽن هڪ هڪ سبق بلڪل خبرداري سان ٿي پڙهيو، پر هن اعرابن جي ڳالهه منجهائن ڪنهنجو به ڌيان ڪونه ڇڪيو، تنهنڪري سڄي جوابداري مسٽري ڪاورنٽن جي چئبي، جو ڪاميٽيءَ جو پريزيڊنٽ هو. انهن سبقن لکڻ ۾ سنڌ مان جن مدد ڪئي، ان مان هڪڙو مان پاڻ هوس، ۽ مونکي انهن ڳالهين جي ذاتي سڌ آهي. انهي٪ هوندي به غۆإڷ ٿو، ته منهنجي اها ڳالهه ڪو وسهي يا نه ته به ايترو ته هر ڪو قبول ڪندو، ته اعرابن ڏي جو اِهو غلط نمونو اُنهيءَ ڪاميٽي ٺهڻ وقت (1905-1903) کان وٺي چالو هو. ۽ انهيءَ کان اڳي ڪونه هو. سنه 1905ع ۾ مسٽر پرمانند ميوارام پنهنجي سنڌي ڊڪشنري جوڙڻ شروع ڪئي جا 1910ع ۾ ڇپائي پڌري ڪيائين. دراصل ڪتابن ۾ اعرابن ڏيڻ جو هيءُ ڦريل نمونو 1905ع ۾ ڏٺائين، ته پاڻ به اهو اختيار ڪيائين. اهو غلط رواج ايتري قدر وڌي ويو جو خود ٽائيپ جوڙيندڙن ٽائيپ إڷێۑ٪ ريت پلٽيو، جو ”ي“ هيٺان زير ۽ ”و“ جي مٿان پيش (_ُ) ڏيئي ڇڏيائون پوءِ ته مون به، آسري نام جي، اهو نمونو اختيار ڪيو، جيتوڻيڪ ڄاتم به ٿي ته اهو نمونو سراسر غلط آهي. ٻوليءَ ۾ رواج کي شرف ڏيڻو آهي، ۽ غلط ۽ صحيح ڳالهه ڳڻڻي ڪانهي. هن لاءِ مثال ڏبا. ”ويهه“ ۽ ”ويهه“ ٿيا ”چاليهه“ پر ”چاليهن“ کانپوءِ چئون ”ايڪيتاليهه، ٻائيتاليهه“ وغيره. ائين تإجڷ وانگر ” تاليهه، تاليهه“ چوندا وتون!!! ساڳي ريت ”پنجاهه“ کانپوءِ چئون ”اڪونجاهه“ ”سٺ“ کانپوءِ ”ايڪهٺ“ ۽ ”ستر کانپوءِ ”ايڪهتر“ وغيره. ائين .پنجاهه بدران ”ونجاهه“، ”سٺ“ بدران ”هٺ“ ۽ ”ستر“ بدران ”هتر“ چئون ٿا!!! ته سمجهون به ٿا، ته اهي غلط اچار آهن. مگر رواج کي ڛڎڢ ڏيون ٿا. هينئر وڏو بيوقوف چئبو، جو ”ايڪيچاليهه، ايڪپنجاهه، ايڪهٺ ۽ ايڪتر“ وغيره چوندو، مون انهي رواج کي ڏسي، اهو غلط نمونو هلايو. پروفيسر ڄيٺمل پروفيسر ناگراڻيءَ اعرابن بابت هلچل ٿي ێڵۑته مون منڍ ۾ ئي کين صلاح ڏني، ته صحيح سنڌي جي ڳالهه تي اچو ئي نه، جو اوهين رڳو رواج جي ڳالهه تي زور تډۑ سگهو ٿا. منهنجي صلاح مڃيائون، ته نتيجو به اهڙو ئي نڪتو. هلچل جو نمونو ۽ نتيجو: پنهنجيءَ ڊڪشنري جوڙڻ مهل مون ان وقت جي رواج پٽاندر اعرابون ڏنيون هيون ۽ چاليهه صفحا ڇپجي به ويا هئا. انهيءَ سبب مون پنهنجي سر ڪوشش ڪئي، ته اهو رواج هلندو هلي، ۽ منهنجو ڪيل خرچ سجايو ٿئي. سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ آگسٽ 1940ع ۾ سنڌ سرڪار مقرر ڪيو ۽ اُنجو هڪ ميمبر مان به مقرر ٿيس. انهيءَ بورڊ تي سنڌ سرڪار نئين ڊڪشنري جوڙڻ جو به ڪم کنيو ۽ ”ڊڪشنري ڪاميٽيءَ“ جو هڪ ميمبر مان به آهيان. انهي٪ بورڊ جي ڪن ميمبرن جي روبرو چيم، ته چوڻي آهي ته غلط العام صحيح“ ته پوءِ ڇو نه اهو رواج هلائيندو رهجي؟ ان وقت مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي حيات هو، ۽ بورڊ جو ميمبر هو. هن صاحب چيو ته ”غلط العام صحيح“ تڏهن چئبو، جڏهن هندو توڙي مسلمان ،پڙهيل توڙي اڻپڙهيل، ڪنهن هڪ ڳالهه کي صحيح ڪري هلائيندا هوندا. مان پنهنجي سر اِنهي غلط نموني اعرابون ڪونه ڏيندو آهيان. ٻين کان به ڀلي پڇي خاطري ڪريو.“ پوءِ ته ”ڊڪشنري ڪاميٽي“ ٺهراءُ ڪيو، ته جيستائين اعرابن جو فيصلو ٿئي، تيستائين نئين ڊڪشنري ۾ اعرابون ڏبيون ئي نه. 15 سيپٽمبر 1940ع کان وٺي ڊڪشنري جڙڻ جو ڪم شروع ٿيو، پر هلچل هلندي آئي، ته اسان به اهو سڀ وقت اعرابون ڪونه ڏنيون. حڪيم فتح محمد جي ڳالهه سچي نڪتي، سنڌ جا مسلمان درسي ڪتابن جي اعرابن وارو غلط نمونو اختيار ڪندا ئي ڪينهن. سنڌي ٻوليءَ تي جهڙو حق هندو جو تهڙو مسلمانن جو، تنهنڪري مون جيڪو رواج تي زور ٿي ٻڌو، سو زور ٽٽي پيو! سگهوئي ڪنهن صاحب هن ڳالهه تي ڌيان ڇڪايم، ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ به پنهنجي شاهه جي رسالي ۾ اصلوڪي صحيح نموني اعرابون ڏنيون آهن. پوءِ ته منهنجي ڳالهه ڪمزور ٿي پيئي. انهيءَ وچ ۾ پروفيسر ڄيٺمل نه فقط اخبارن ۾ ليک پئي لکيا، پر ”سنڌي ساهت سڀا“ به برپا ڪيائين،. جنهنجو پريزيڊنٽ پاڻ ٿيو. انهيءَ سڀا جي سهاري هيٺ، ڪي چوپڙيون ڇپائي، پڌريون ڪيائين. مسٽر منوهرداس ۽ پاڻ گڏجي ، سنڌ سرڪار کي هڪ کليل خط لکيائون، جو هڪ چوپڙيءَ ۾ به ڇپائي پڌرو ڪيائون. انهيءَ ۾ ڄاڻايائون ته ڪاورڷخڷ ڪاميٽيءَ (1905-1903) مرحوم شمس العلما ميرزا قليچ ۽ سرڳواسي راءُ بهادر ديوان ڪوڙيمل جي هڪ ”سب ڪاميٽي“ مقرر ڪئي هئي. ۽ انهن ٻن عالمن ٺهراءُ ڪيو هو، ته درسي ڪتابن ۾ ائين اعرابون ڏجن!!! ڪاور ڷخڷ ڪاميٽيءَ جي ڇپيل رپورٽ، ڪتاب جي صورت ۾، ڪاور نٽن صاحب جي صحيح سان، اڄ تائين موجود آهي. جيڪڏهن انهن ٻن عالمن جي ”سب ڪاميٽي“ مقرر ٿي هجي ها، ته انهي مکيه ڳالهه جو ذڪر رپورٽ ۾ ضرور هجي ها، پر ان ۾ اها ڳالهه آهيئي ڪانه!!! سگهوئي پوءِ بورڊ جي ڪنهن ميمبر کي ”ساميءَ جي سلوڪن“ جو ڇاپو ٽيون هٿ آيو، جو سرڳواسي ديوان ڪوڙيمل، ايڊورڊ پريس، سکر، مان پنهنجي جيئري، جون 1906ع ۾، ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ”ستگر جهڙو شاهه ڪونه ڏٺوسين ڪاٿهين، پرچي ڊنو جنهن صۆڎبۑ، آتم ډن اٿاهه.“ (سامي) ”صۆڎبۑ“ لفظ ۾ زير (_ِ) ڏنل آهي ”ب“ جي هيٺان، ۽ نه ”ي“ جي هيٺان !!! ائين سڄوئي ڪتاب زيرن زبرن سلان جهنجهيو پيو آهي، ۽ انهيءَ ۾ ديوان صاحبن اعرابن ڏيڻ جو اهوئي نمونو اختيار ڪيو آهي، جو عيسوي سورهين صدي کان وٺي 1904ع تائين چالو هو، ۽ جو هينئر ڊاڪٽر دائود پوٽه وري جاري ڪرايو آهي. سڄيءَ سنڌ مان ديوان ڪوڙيمل بابت ائين ڪوبه ڪونه چوندو، ته هو صاحب ڪو ٻٽي نيتي وارو هو، جو 1905ع ۾ ڪاورنٽن ڪاميٽيءَ کان اعرابن ڏيڻ جو هڪڙو نمونو چالو ڪرايائين، ۽ چئن ورهين کانپوءِ انهيءَ نموني کي پاڻ سۆڥڎ هڻي، سنه 1909ع ۾ اعرابن جو اڳوڻو نمونو اختيار ڪيائين. ديوان ڪوڙيمل جهڙي سنڌي عالم جو به اعرابن جو اصلوڪو صحيح نمونو اختيار ڪيل ڏٺم، ته پوءِ رواج جي ڳالهه تي ڪوبه زور ٻڌي ڪين سگهيس. مسٽري ڄيٺمل جنهن وقت هيءُ هلچل شروع ڪئي، تنهن وقت ئي اسانجي بورڊ ٺهراءُ ڪيو، ته اسان مان ڪوبه هن هلچل ۾ شامل نه ٿئي، جو ائين مرڳو ترشي وڌندي. هيءُ ٺهراءُ بلڪل نيتيءَ وچان ٿيل هو، پروفيسر ڄيٺمل جنهنکي اعرابن جو صحيح نمونو ۽ ”سنسڪرتي نمونو“ ٿي سڏيو، تنهن بابت اڳيئي چيومانس، ته اهو غلط نمونو آهي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽه وارو اعرابن جو نمونو جنهنکي پاڻ ”عربي نمونو“ ٿي سڏيائين تنهن بابت چيو مانس، ته اهوئي صحيح نمونو آهي. انهيءَ سبب منڍ ۾ ئي صلاح ڏني مانس، ته رڳو رواج جي ڳالهه تي زور ٻڌو. درسي ڪتابن واري غلط رواج کي مان پنهنجي سر اهڙو ته چچڙ حۑ غڷبڏۑۆ هوس، جو خود پنهنجي نالي تي غلط طرح اعراب ڏيندي، سانگو ڪونه ٿي ڪيم ته به مون بابت هنڌين ماڳين ائين پئي هلايائين، ته مان ڊاڪٽر دائود پوٽه جو حمايتي آهيان!!! ڊاڪٽر دائود پوٽه ښإڷ منهنجو ويهن ورهين کان رستو آهي، ته به علمي ڳالهين ۾ هڪٻئي جو ڪوبه لحاظ ڪونه ڪريون. مهتمم صاحب، خود اوهان ”سنڌو“ مخزن ۾ هڪ لڱا اسان تڷێۑ جي وچ ۾ چٽا ڀيٽي لڳي هئي، جنهن مان به ظاهر آهي ته علمي ڳالهين ۾ رکه رکاڻي ڪريون ئي ڪانه، پر هن حالت ۾ هو صحيح هو تنهنڪري پروفيسر ڄيٺمل جو طرف وٺي نٿي سگهيس. اسانجي بورڊ پنهنجن ميمبرن جو ٻڌي ڪونه ڇڏيو هو. پنهنجي خانگي حيثيت ۾ ڪو پنهنجي شخصي رايو ۆسۑ ظاهر ڪري ها، ته منع ڪانه هيس. پر مسٽر ڄيٺمل جي ڇپايل چوپڙين جي جواب ۾ اعرابن بنسبت پهريائين پهريائين مسٽر سوڀراج نرملداس ۽ مسٽر لالچند امر ڏنه مل پنهنجا شخصي رايا ظاهر ڪيا، ته ”سنڌي ساهت سڀا“ جي بانيڪارن کين ”ڊي _پي_ آءِ Director of public Instruction i.e. Dr Daudputa جو حمياتي سڏيو!!! (ڏسو) ”سنڌي ساهت سڀا“ جو پترو نمبر (1) مطلب ته جيڪي بورد جا ميمبر ساڻن شامل راءِ نٿي ٿيا، تن لاءِ اِجهو ائين پئي هلايائون! ائين ٻيون به ڪي ڳالهيون هيون، پر مان شخصي ڳالهين ۾ وڃڻ نٿو چاهيان. هن ڳالهه جو به اهو ٿورو ذڪر هنڪري ڪيو اٿم ته پڙهندڙ پوريءَ ريت سمجهن، ته ڊاڪٽر گربخشاڻي وارو شاهه جو رسالو ۽ ديوان ڪوڙيمل وارا ”ساميءَ جا سلوڪ“ ڇاپو ٽيون) اهي ٻه مکيه ڪتاب هئا، جي ڊاڪٽر دائود پوٽه جا سچا پچا حمايتي ٿيا بيٺا ۽ هنن ٻنهي سنڌي جي پروفيسرن جي هلچل کي آڏو آيا، ۽ اسانکي خامخواه بڈڷإڶ پئي ڪيائين. 14 سيپٽمبر 1940ع واري ”هندو“ اخبار ۾ وڏو مهتممي ليکڪ ڪن ”تعليم يافتن“ جي چوڻ تي پيو هو. ان ۾ شرٽ صاحب واري ڊڪشنري بابت چيل هو، ته ان ۾ اعرابون ائين ڏنل آهن، جئن درسي ڪتابن ۾ آهن!!! پوءِ ساڳي ”هندو“ اخبار ۾ پروفيسر ڄيٺمل جي صحيح سان هڪ ليک فصۑۆ، جنهن ۾ کولي ٻڌايائين، ته شرٽ صاحب واري ڊڪشنري، شرٽ صاحب (ڪرستان)، خانبهادر ميرزا صادق علي بيگ (مسلمان) ديوان اڌارام ٿانورداس (هندو) جي جوڙيل آهي. انهن ٽن جدا جدا قومن جي عالمن، درسي ڪتابن وانگر ”سنسڪرتي نموني“ ان ۾ اعرابون ڏنيون، ته شرٽ صاحب واري ڊڪشنري هڪ ”عهدنامو“ ڪري مونکي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽه اهو ”عهدنامو“ جوڙيو آهي!!! اِنهيءَ سبب سڄي سنڌ جا هندو هيڪاري ائين وسهڻ لڳا، ته اعرابن جو صحيح نمونو آهيئي اهو، جو پروفيسر ڄيٺمل چوي ٿو. حقيقت هن طرح آهي، ته شرٽ صاحب واري ڊڪشنريءَ ۾ اعرابون ائين ڏنل نه آهن، جئن پروفيسر ڄيٺمل هلايو هو. ان ۾ آڳاٽي نموني پٽاندر ”ٻڪري“ ۽ ٻين اهڙن لفظن ۾ ”ي“ جي هيٺان (_ِ) آهيئي ڪانه، پر اڳين اکر جي هيٺان آهي. ساڳيءَ ريت ”چتون“ ۽ ٻين اهڙن لفظن ۾ ”و“ جي مٿان (_ُ) ڪونهي، پر اڳين اکر جي مٿان. پروفيسر ڄيٺمل اها رڳي من گهڙت ڳالهه ڪئي هئي، ۽ اُها به سندس هلچل کي آڏو آئي. ”پنهنجي ڪئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب“! ڪجهه عرصو ٿيو، ته سنڌ سرڪار هاڻوڪن سنڌي درسي ڪتابن سڌارڻ لاءِ هڪ نئين ڪاميٽي مقرر ڪئي، جا اڄ تائين اهو ڪم صیۑ ڪري. انهي ”ٽيڪسٽ بوڪس رويزن ڪاميٽيءَ“ منڍ ۾ ئي هيءُ ٺهراءُ ڪيو، ته نون درسي ڪتابن ۾ اعرابون ائين ڏجن، جئن شرٽ صاحب واري ڊڪشنري ۾ اڳيئي ڏنل آهن! ائين پروفيسر ڄيٺمل وارو ”عهدنامو“ (شرٽ صاحب واري ڊڪشنري) پاڻ هن ڪاميٽيءَ جي هٿ ۾ هڪ هٿيار ٿي آيو، جنهن پروفيسر ڄيٺمل جي هلچل جي هڪ پاڙ ڪپي ڦٽي ڪئي! ڪنهن وقت پروفيسر ڄيٺمل اسانجي بورڊ جي هڪ ميٽنگ ۾ آيو، ته ڊاڪٽر دائودپوٽه شرٽ صاحب واري ڊڪشنري ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب کولي، آرسيءَ وانگر منهن إکۑإڷ ڏنس، ته ککو وکو ٿيو! انهيء تي اسانجي بورڊ جي چئرمن آڷڎبڵ سيد ميران محمد شاهه چيس، ته هيترين شإبجۑڷ هوندي به، جيڪڏهن چئو، ته ڪا سب ڪاميٽي مقرر ڪريون. جا اعرابن جي ڳالهه جو فيصلو ڪري. پروفيسر ڄيٺمل اها ڳالهه قبولي. شاهه صاحب ائين به چيس، ته انهيءَ سب ڪاميٽيءَ جو چئرمن ۽ ٻيا ميمبر جيڪي توهين چئو، سي مقرر ڪريون. پروفيسر ڄيٺمل پاڻ چيو، ته سب ڪاميٽيءَ جو چئرمن مسٽر آءِ_ آءِ، قاضي بیڎښخڎ ٿئي، ۽ مسٽر ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي (اڳوڻو هيڊ ماسٽر) ۽ مهراج ډڎڶڈۑۆ جيٽلي، جي ٻئي اسانجي بورڊ جا ميمبر نه آهن، سي به مقرر ٿين. سڄيءَ بورڊ يڪراءِ ٿي اها ڳالهه قبولي. بورڊ مان فقط مسٽر لالچند امر ڏنه مل (بورڊ جو جائنٽ سيڪريٽري) ۽ ٻيو هڪ تێ ميمبر مقرر ٿيا. انهيءَ سب ڪاميٽي جي پهرين ئي ميٽنگ ۾ جيڪي ڳالهيون هليون، تن مان پروفيسر ڄيٺمل سمجهو، ته سندس ڳالهه بهي ڪين سگهندي، ته وري ڪاميٽيءَ جي ٻيءَ ڪنهن به ميٽنگ ۾ نه ويو!!! انهيءَ سب ڪاميٽيءَ جو مان ميمبر ڪونه هوس، ته به سڌ اٿم، ته پڇاڙيءَ واري ڶۑخڷڧ، جنهن ۾ اعرابن جو فيصلو ٿيڻو هو، تنهن ۾ پروفيسر ڄيٺمل جي طرف وارن مان رڳو هڪ هندو ميمبر مهراج ڌرمديو جيٽلي حاضر هو!!! انهيءَ تي خود ”هندو“ اخبار پڪاريو، ته ٻيا هندو ميمبر ڇو غير حاضر رهيا؟ پر اخبار وارن کي ڪهڙي سڌ، ته پروفيسر ڄيٺمل کي ديوان ڪوڙيمل جا ڇپايل ”ساميءَ جا سلوڪ“، ”عهدنامو“ (شرٽ صاحب واري ڋڥڛڷڎۑ) ۽ ٻيا ڪئين ڪتابن آڏو ٿي آيا، جنهنڪري لاجواب هو؟ پوءِ ته مسٽر آءِ _ آءِ، قاضيءَ تي به ڌوڙيو وسيو! چوڻ ۾ آيو، ته ”اعرابن“ ۽ ”اُچارن“ جي ڳالهه هڪٻئي سان ڳنڍي پيئي آهي. مسٽر قاضيءَ اهي تێ ڳالهيون ډإڎ ڪري، پهريائين رڳو ”اعرابن“ جو فيصلو ڊاڪٽر دائود پوٽه جي فائدي ۾ ڪيو آهي، تنهنڪري اها بي انصافي ڪئي اٿس!!! هن ڳالهه ۾ ساڻن پروفيسر ناگراڻي به ڛإڶڵ راءِ ٿيو، ته مونکي ٻنهي پروفيسرن تان ڠضب لڳو، ۽ سمجهم ته مسٽر قاضيءَ هيءُ کانئن وڌيڪ چڱي طرح سمجهو آهي ”اعرابن“ جي ڳالهه کان ”اچارن“ جي کإڵێێ ڌار ڪئي اٿس. مهتمم صاحب، إصڎ ښڷډ طرف چوڷ ”ڪاڏي“ ۽ ”ڪاٿي“ اسين حيدرآباد ۾ چئون ”ڪيڏي ”ڪٿي“. هيءَ اُچارن جي ڳالهه آێۑ ۽ اعرابن جو اهڙين ڳالهين ښإڷ ۆإښڞۆ آهيئي ڪونه. اعرابن جو سوال هڪ ډِڥِ وهيڻو آهي، ۽ جهٽ پٽ فيصلو ڪري ښڧێضۑ ٿو، پر ”اُچارن“ جو سوال وڏو ڪيترن ئي ڵڢڟڷ جو اُچار سرحد ښڷډ ۾ هڪڙا، وچولي ۾ تۑإ، ۽ لاڙ ۾ وچائين إۆڎ ساڳي هڪڙي شهر ۾، ساڳي لفظ جو هڪڙا هڪڙي ريت ڥڷ حإ. ته ٻيا ٻيءَ ريت ڥڷ حإ. مثلاً ڪي چون ”آدِمي“، ته ڪي ”آدٔمي“. مسلمان چون ”اَسرار، ڪيترا هندو چون ”اِسرار“ ! جڏهن ڥۆ سڄيءَ سنڌ جا اهڙا ڦريل اُچار ڥسإ ڥڎۑ تڏهن مس فيصلو ڪري سگهي. پوءِ بي انصافيءَ جي ڳالهه ڪهڙي آهي اُچارن جو سوال اعرابن کان ڌار ڥۑإیۑڷ. مسٽر قاضيءَ واري فيصلي تان ۆڊۆ ڧۆڏ ڶجۆ خاص هنڪري جو پروفيسر طۑسڶڵ هلايو، ته ڊاڪٽر دائود پوٽه واري اعرابن جي نموني چالو ٿيڻ ڪري ێڷڈڷ جي سڀيتا چٽ ٿي ويندي!!! اعرابي قاعدا قدرت جي قاعدن تي ٻڌل آێڷ. جئن مٿي اڳيئي چيو اٿم. قدرت تي هلڻ ڪري سڀيتا چٽ ٿي ويندي، ښإ ته هڪ عجيب ڳالهه هئي. ڎإضڎڛۑ ڈۑۆإڷ ڏيارام، راءُ بهادر ديوان ڪوڙمل، ديوان ليلا رام سنگهه جهڙنعالمن به اهوئي ڊاڪٽر دائود پوٽه وارو اعرابن جو نمونو اختيار ڪيو هو. کين هندو سڀيتا جو نمونو اختيار ڪيو هو. کين هندو سڀيتا جو اونو هوئي ڪونه ڇا؟ انهن صاحبن ته ڥڊێڷ هئن هاءِ گهوڙا ڪانه ڪئي. علمي ڳالهه کي خوامخواه هئن فرقيوار رنگ ڏنائين، ته سنڌ جا مسلمان سمجهڻ لڳا، ته پروفيسر ڄيٺمل إښإڷضۑ قرآن شريف ۾ ڪم آيل اعرابن کي غلط ٿو ڪوٺي!!! ائين ترشي گهڻي وڌي ويئي ته سنڌ سرڪار ٻي هڪ سب ڪاميٽي مقرر ڪئي. رواج جي ڳالهه ته تڏهڻي ئي لڙهي ويئي هئي. هينئر فيصلو فقط هيءُ ٿيڻو هو، ته اعرابن جي ٻنهي نمونن مان صحيح نموني ڥێڏۆ؟ صحيح نمونو ته اڻپڇو ڊاڪٽر دائود پوٽه وارو هو، جو چئن صدين کان هلندو پئي آيو. هن سب ڪاميٽيءَ به اهو فيصلو ڪيو، ۽ سنڌ سرڪار اهو بحال ڪيو، ته پوءِ ٻئي سنڌيءَ جا پروفيسر ڦڪا ڪانا چوپي ويهي رهيا! هلچل هئن هلائي آهي، جو من گهڙت ڳالهيون وچ ۾ آڻي، پنهنجي هلچل کي پاڻيهي آڏو اچجي ۽ پوءِ سڥڎ ٻين تي ڀڃجي؟ هاڻ هن هلچل جي نتيجي ڏي نظر ڪريو . ڇهه ورهيه محنت ڪري ڊڪشنري ٺاهيم، سا محنت ئي برباد!!! ڊڪشنريءَ جي پهرين چاليهه صفحن جون 1250 ڪاپيون ڇپايم، سو خرچ به ويو!!! هاڻ وري محنت ڪري، سڄي ڊڪشنري جون ويهي اعرابون ڦيرايان! اها محنت به کڻي ڪريان، پر انهيءَ ڪري خرچ تمام گهڻو وڌندو. اها ئي منهنجي شخصي ڳالهه، پر درسي ڪتاب به هنئر گهڻو خرچ کائيندا، تنهنجو ويچار ڪريو. هن وقت ڇاپخانن ۾ جيڪو ٽائيپ موجود آهي، تنهن ۾ ”ي“ جي هيٺان زير (_ِ) ۽ ”و“ مٿان پيش (_ُ) اڳيئي ڏنل آهي ۽ اهو فقط هڪ اکر جي جاءِ والاري ٿو. هنئر جيڪڏهن ”ي“ ۽ ”و“ خالي ڇڏبا، ۽ اعراب اڳين اکرن تي ڏبي، ته اُها اعراب ڌار جاءِ والاريندي. هنئر هرهڪ صفحي ۾ 22 يا 23 سٽون آڻي سگهجن ٿيون، پر پوءِ اڌ جيتريون سٽون مس اچي سگهنديون، جنهنڪري ڇپائي، پنن ۽ جلد ٻڌاڻيءَ جو خرچ وڌندو، ته درسي ڪتابن جي قيمت به ضرور وڌندي. ننڍڙا ٻار سنڌي ڪتاب جلد جلد ڦاڙيو يا وڃايو ڇڏين، ته ٽوٽو سندن مائٽن کي آهي، جن کي هن مهانگائي جي وقت ۾ اهو وڌيل خرچ ڪرڻو پوندو. هن لاءِ جيترو به ارمان ظاهر ڪجي، تيترو ٿورو. انهيءَ لاءِ مان هنن تڷێۑ پروفيسرن کي جوابدار سمجهان ٿو، جن اونڌي نموني هيءُ هلچل هلائي، سڄيءَ سنڌ کي هيءُ نقصان پهچايو. هيءَ شخصي ضڵێۑێ نه آهي، صڎ حقيقت آهي، جا ڄاڻايان ٿو. پڇاڙي ۾ عرض، ته جيڪڏهن ڪنهن به صاحب کي اعرابن بنسبت اڃا به ڪا شنڪا هجي، ته ڀلي ته ”سنڌوءَ“ جي وسيلي ظاهر ڪري، ته مان سنديس اُها شنڪا گهڻي خوشيءَ سان مٽائيندس. جيڪڏهن ڪو صاحب سمجهي، ته اعرابن بنسبت مون ڪا غلط ڳالهه ڪئي آهي، ته ڀلي ته منهنجي اها غلطي سڌاري. مان سکڻ لاءِ تيار اهيان. منهنجو متوئي اهو آهي ته ”Live and learn“ ”سکيو سکيجانءِ، جيسين جيئرو آهين جڳ ۾.“