Video

سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت سڌارڻ لاءِ رٿ: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

اڳي سنڌي رڳو مئٽرڪ تائين پاڙهڻ ۾ ايندي هئي. ٻين ڏيهي ٻولين وانگر ڪاليجن ۾ پير پائڻ نٿي مليس! بمبئي يونيورسٽيءَ جو اعتراض رڳو هيءُ هو، ته سنڌيءَ ۾ ساهت ڪو گهڻو ڪونهي، ۽ نثر جا ڪارائتا ڪتاب، جي ڪاليجن ۾ پاڙهجن، سي ته بنه ڳاڻ ڳڻيا آهن. پڪارن پٺيان پڪارون ٿيون، تڏهين جون 1924ع کان وٺي، فقط بي. اي. امتحان جي نصاب ۾ سنڌي درج ٿي، سا به آزمائش طور! ان وقت تائين شڪارپور وارو ڪاليج اڃا کليو ڪونه هو. حيدرآباد وارو ڪاليج برپا ٿيل هو، پر ان ۾ اڃا بي. اي. ڪلاس ڪونه کوليون هئائون. ڪراچيءَ واري ڪاليج ۾ بي. اي. وارن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ،. جون 1924ع کان وٺي، مسٽر دائود پوٽه (هاڻ ڊاڪٽر) سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. سگهوئي پوءِ هو صاحب، ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ، ولايت هليو ويو. ٻئي ٽرم ۾ يعني نومبر 1924ع کان وٺي مان سندس جاءِ تي، سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيس. مان تيرهن ورهيه ڪاليج ۾ رهيس، پر ساڍا ٻارهن ورهيه کن سانده ڪاليجن جي پهرين ٻن ڪلاسن ۾ سنڌي سيکارڻ ۾ ڪانه آئي! سنه 1937-1938ع ۾ منهنجي رٽائر ڪرڻ کان فقط ٿورا مهنا اڳ، ڪاليجن جي سڀني ڪلاسن ۾ سنڌي پيئي، ته گهڻو خوش ٿيس. ائين مئٽرڪ کان وٺي بي. اي تائين سانده سنڌيءَ سيکارڻ جو رواج پيو، جو اڄ تائين هليو اچي. ٻئي سال کان وٺي بي. اي. آنرس وارنکي به سنڌي سيکارڻ ۾ ايندي، جا هيڪاري وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. سنه 1938ع کان وٺي منهنجو ڪاليج سان ڪو به واسطو ڪونه رهيو آهي، ته به من جي منشا هيءَ اٿم، ته ڪاليجي شاگردن کي اهڙا ڪي ڪتاب موجود ڪري ڏجن، جي کين پنهنجيءَ مادري زبان جي مايي وڌائڻ ۾ مدد ڪن. ڪو هڪڙو به ڪتاب لکڻو هجي، ته مان جيڪر پاڻ ئي لکي پورائي ڪريان، پر منهنجي جيڪا رٿ آهي، تنهن موجب گهڻن ساکرن (اديبن) جي سهائتا ۽ سهڪار گهرجي. اهڙا دل گهريا دوست جيستائين ملن، تيستائين مون يڪ سر، ٽي ورهيه پورهيو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تيار ڪئي، جا بمبئي يونيورسٽيءَ بي. اي جي شاگردن لاءِ درسي ڪتاب طور منظور ڪئي آهي. اها تاريخ اڃا لکي پوري ڪانه ڪئي هيم، ته ڪانگ پئي اڏايم، ته ڪي هڏ ڏوکي همراه هٿ اچن، جي اهڙن ڪمن ۾ ێح وٺائين. اوچتو ئي هڪ اهڙي واٽ کلي، جا مونکي خواب خيال ۾ بێ ڪانه هئي. سنه 1940ع ۾، سنڌ سرڪار، سنڌ سان پنهنجا ڀال ڀلائي، سنڌي ادب (ساهت) لاءِ هڪ مرڪزي صلاحڪار بورڊ برپا ڪيو، جنهنجو هڪ ميمبر مان به آهيان. اهڙو بورڋ سڄي هندوستان ۾ ٻيءَ ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اڄ تائين برپا نه ٿيو آهي. انهي بورڊ جا اسين سڀ ميمبر جهجهي چاه سان ڪم ڪرڻ لڳاسين، ۽ هن وقت تائين سنڌ جو جيڪو گهڻوئي ڀلو ٿي سگهي ها، پر اسانجي قسمت ۾ ڪا ڪاڻِ ئي ڏسجي جو منڍ کائي وٺي هن بورڊ تي هڪڙو نه ٻيو گره بيٺوئي آهي! هن وقت ڪنٽرول جو ڪنڊو ڪاپار ۾ اٽڪيل اٿس، جو اُسرڻ نٿو ڏئيس، جنهنڪري اهو هڪ گهائي گره چئبو. ان لاءِ ڪو جاب ڪرائجي، نه ته اڃا گهڻائي ڏينهن پيڙا ڀوڳڻي پوندي! ڪنٽرول کاتي جي قاعدن موجب 1939ع يا 1943ع ۾ جن ڪتاب ڇپايا هئا، تن جا نالا رجسٽرڊ پبلشرس جي ياداشت ۾ داخل ڪيا اٿن، ۽ کين پنن جي ڪوٽا مقرر ڪري ڊڷۑ اٿن. هيءُ بورڊ آگسٽ 1940ع ۾ هستيءَ ۾ آيو. سگهوئي پوءِ ٿورا ڪتاب پنهنجي ي ڇاپائي پڌرا ڪيائين، پر 1943ع ۾ ڪو به ڪتاب ڪونه ڇپايائين، تنهنڪري نڪي رجسٽرڊ پبلشرس جي ياداشت ۾ نالو داخل ٿيل اٿس، نڪا ڪا پنن جي ڪوٽا منظور ٿي ملي اٿس! ائين ڪم ڪئن هلندو؟ جنگ جي وقت ۾ پنن جي اڻاٺ ٿي، ته هند سرڪار حڪم ڪيو، لته جنگ هلندي، ڪابه نئين اخبار، يا نئون مخزن چالو نه ٿئي. بورد کي مهراڻ ڪڍڻي هئي، ته سنڌ سرڪار جي سفارش تي، هند سرڪار انهيءَ مخزن ڪڍڻ جي خاص طرح موڪل ڏني. انهيءَ سبب آسرو اٿم، ته سنڌ جو هاڻوڪو تعليمي وزير آنرريبل پير الاهي بخش جڎج تدارڪ ڪندو، ۽ ڪنٽرول جي رڪاوٽ ڵێڎإیۑ ڊۑڷڈۆ. ڥڷخڎۆڵ ضإ ڤإڠڈإ ێإڼ إکۑڷ جهڙا سخت ڪينهن ۽ سهولتون ڏيندا پيا وڃن، تنهنڪري هيءُ وقت به سڻائو چئبو. شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽه به چڱي وائي واتان ڪڍي آهي، جو مهراڻ جي پهرئين ئي پرچي ۾ پاڻ ڵڦۑۆ اٿس ته: مهراڻ جو ميدان ۾ اچڻ سڳوري سوڻ جو سنيهو آهي. مون ته ڪي ٻيا به سوڻ ڳنڍيا آهن، جن جو ٿورو ذڪر ڪريان ٿو. مهراڻ جو پهريون پرچو جنوري 1946ع ۾ نڪتو، ته ڏٺم ته انجي پهرين ئي پهرين سٽ ايڊيٽوريل بورڊ (اداره) هنن لفظن سان شروع ڪئي آهي: اسانجي محبوب وطن جي محبوب زبان، ڪهڙا نه مٺا ۽ وڻندڙ لفظ! پهرينديئي شرط اها اوسهه آئي، ته منهنجي دل شاهدي ڏني، ته بورڊ برپا ٿيڻ سان جئن ڪيترا ڪارا ڪڪر مٿانئس غبار ڪري اچي بيٺا هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي پاسيرا ٿيندا ويا، ۽ هاڻ سج ڪني به ڪڍي آهي، جو بورڊ جي سهاري هيٺ مهراڻ ڪڍڻ جي موڪل خاص طرح ملي آهي، نئين باقي رهيل هڪ ٻه ڪارو ڪڪر به سگهوئي ٽڙي پکڙي ويندو، ۽ اسان جو سنڌي ساهت هاڻ ڏينهون پوءِ چڱو زور وٺندو ويندو. اسانجو ساهت ڪيتري قدر زور ٿئي، سا مراد به ايڊيٽوريل بورڊ پنهنجي اِنهيءَ ليکه جي پڇاڙيءَ واري ڢڤڎۏ ۾ هئن ڄاڻائي آهي ته: سنڌي ساهت جي چمن ۾ اهڙا عمدا گل پيدا ٿين، جن جي ڀيٽ دنيا جي نامور باغيچن جي گلن سان ٿي سگهي، ۽ جن جو عطر دنيا جي ٻين ڀاڱن ۾ ڷڶإۑڛ لاءِ موڪلي سگهجي. آمين! ساڳي مهراڻ ۾ مولوي عبدالڪريم چشتيءَ جو سنڌي ٻوليءَ بابت لکيل مضمون به ڏٺم، جو هن ريت شروع ڪيو اٿس: هر هڪ قوم ۾ هر هڪ ملڪ جي خيالات ۽ جذبات سمجهڻ جو وسيلو ٻولي آهي. هر هڪ قوم جي علم ۽ فضل، ۽ سنديس خوبين ۽ ڥڶإڵۑجڷ جي معلوم ڪرڻ لاءِ ٻولي ئي هڪ بهترين ذريعه آهي. ڪنهن به قوم جي طبعيت جو آئينو سنديس ٻولي آهي، جنهن مان سندس خال خط ۽ حسن جمال ڏسي ٿو سگهجي، نه رڳو ايترو، پر هر هڪ قوم جي ماضي ۽ حال سان گڏ سندس مستقبل به ٻوليءَ تي مدار رکي ٿو سنڌي ٻولي معمولي ۽ غير اهم ٻولي نه آهي. هوءَ هڪ شاندار ۽ اهم لذيذ ٻولي آهي. هي لفظ پڙهيم، ته دل ۾ آيم ته مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ وارا ۽ مرڪزي ادبي بورڊ جا ٻيا ههڙا ميمبر، جن کي پنهنجي مادري زبان لاءِ هيتري عزت ۽ سڪ آهي، ۽ ٻوليءَ جي اهميت ڀليءَ ڀت محسوس ڪن ٿا، تن جي اڳيان جيڪڏهن پنهنجا ويچار ظاهر ڪندس، ته هو اڻپڇو جوڳو ڌيان ڏيندا. پنهنجيءَ رٿ ظاهر ڪڻ جي همت هيڪاري هن سبب ٿيم، جو مهراڻ جي انهيءَ ساڳي پهرين پرچي ۾ شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽه جو ليکه ادبي سنگت جي سري سان ڏٺم، جنهن ۾ ڏسو، ته ڪهڙي نه اُتاه سان اسانکي ڪوٺ ڏني اٿس: اچو يارو، هندو مسلم ڀائرو، ته هڪٻئي سان ملي، مهراڻ جي وسيلي، هڪ إێڏۑ ادبي سنگت _ ادبي ياري يا جمعيت ٺاهيون، جنهنکي ملڪ جي ادبي انتيءَ جو اونو هجي. اِنهيءَ ساڳي ليک ۾ هئن به لکيو اٿس: مهراڻ جا باني مباني،. مرڪزي ادبي بورڊ جا عضوا، ۽ سنڌ جا ٻيا اديب، هندو توڙي مسلمان، گڏجي هڪ ادبي ڶڷڋڵۑ بنائين، جنهنجي فردن ۾ بيانيءَ جي بوءِ نه هجي، ۽ جي وصال جا ورق واري، ۽ وڇوري جا وڍ وڃائي، سنڌي ساهت کي معياري صورت ڏين، پختگي ۽ پابندگي بخشين. هن کان وڌيڪ ٻيو اسانکي ڇا گهرجي؟ اڳي ائين پئي چيم ته مونکي ڪي ۆسإیۑڷڈڏ هجن، تن جو پتو ته هنئر مهراڻ مان پيم، پر سندن خيالن مان به چڱيءَ طرح واقف ٿيس. ڊاڪٽر دائود پوٽه جي مٿين لفظن ته مون ۾ هيڪاري نئون سنئون آسرو ۽ إجښإێ پيدا ڪيو آهي، جو منهنجي جيڪا رٿ آهي، تنهن مان ڪي ڳالهيون پاڻ اڳيئي ڄاڻايون اٿس. انهيءَ سبب اول اُنهن جو ذڪر ڪريان ٿو. ڊاڪٽر دائود پوٽه ادبي سنگت جا ڪي وظيفا ڄاڻايا آهن، جن مان پهريون ۽ مکيه هيءُ آهي: قديم ادبي ذخيرو ڪٺو ڪري، سنڌي لغت کي سهڻن سنڌي لفظن سان مالا مال ڪرڻ. منهنجيءَ رٿ موجب به شاگردن توڙي ٻين لاءِ اول ته عمدي لغت گهرجي. اها ته ضرورت اڳيئي محسوس ڪري، سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ تي، سنڌ سرڪار جيڪي ڪم رکيا آهن، تن مان هڪڙو مکيه ڪم هيءُ به آهي، ته هڪ مڪمل سنڌي لغت تيار ڪري، ۽ سائنس جا نوان نوان لفظ ۽ محاورا به گهڙي اُن ۾ وجهي. بورڊ جي پهرين ميٽنگ 14 سيپٽمبر 1940ع جي ٿي، جا ٻئي ڏينهن به هلي، اُن ۾ ٺهراءُ پاس ٿيو، ته ڵڡج جوڙڻ جو ڪم بنا دير شروع ٿئي. بروقت هڪ سب ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهنجو هڪ ميمبر مان به آهيان. اسان يڪدم ٻئي ڏينهن يعني 16 سيپٽمبر 1940ع کان وٺي، سنڌي _ سنڌي لغت جوڙڻ شروع ڪئي. هن وقت تائين انهيءَ لغت جا پهريان ٻه جلد تيار به ٿي چڪا آهن، جن جي ڇپائڻ ۾، ڪنٽرول جي رڪاوٽ ۽ ڪن ٻين سببن ڪري، دير ٿي آهي. اميد ته اهي جلد ئي ڇپجي پڌرا ٿيندا، ۽ انهنجي پٺيان ٻيا جلد به ڎڢجۑ ڎڢجۑ نڪرندا. ايترو چئبو، ته هيءُ هڪ تمام وڏو ۽ إسڥإسۑۆ ڪم آهي، جو ڪي ورهيه وٺندو. هاڻ سوال هيءُ آهي، ته اِنهيءَ وچ ۾ ڇا ڪجي، ۽ اُهو ڇو ڪجي؟ هن لاءِ اول هاڻوڪيون حالتون ڏسو. اڳي شرٽ صاحب واري سنڌي ڊڪشنري هئي، جا ڪيترن ورهين ڦإڷ ڪمياب آهي. سنه 1910ع ۾ مسٽر پرمانند ميوارام سنڌي _ انگريزي ڊڪشنري ڪڍي، سا به ڏهن ٻارهن ورهين کان بازار ۾ وڪري لاءِ موجود ڪانهي! سنه 1933ع ۾ مسٽر پرمانند انگريزي_ سنڌي ڊڪشنري ڇپائي، سا به گهڻن ڏينهن کان ڦصۑ ويئي آهي، ۽ ملي نٿي سگهي! هن قت جيڪڏهن اسان کان ڪو پڇي، ته توهان وٽ ڪهڙيون ڪهڙيون ڪارائتيون سنڌي _ انگريزي ۽ انگريزي _ سنڌي ڊڪشنريون موجود آهن، ته جيڪر ڪهڙو جواب ڏيونس؟ لڄ وچان جيڪر ڪنڌ هيٺ ڪرڻو پويئون! اردو، هندي، گجراتي، بينگالي وغيره ۾ ڪارائتيون ڊڪشنريون بيشمار، ۽ سنڌيءَ ۾ انهنجو ڏڪار! اسان وٽ سنڌي عالمن جي به اڻاٺ ڪانهي، تنهن هوندي به هيءَ حالت ! افسوس! ڪي صاحب شايد چوندا، ته ڌيري ڌيري ڌنئرو ڄمندو ۽ سص کوه ڪين کڄندا.پر سوال آهي، ته اڃا ڪيترا ڏينهن ترسون؟ هن وقت سنڌ ۾ جيڪا حالت آهي، تنهنجو به ته ويچار ڪرڻ گهرجي. مهراڻ جو 3، 4 ۽ 5 پرچو، جو يڪو نڪتو آهي، تنهنجي صفحه 79 ۾، حل طلب جي سري سان هڪ ليکه پيو آهي، جنهن م ڪنهن صاحب هئن لکيو آهي: مونکي ڪن سنڌي بيتن جي معنيٰ پوريءَ طرح سمجهه ۾ نٿي اچي. نوازش فرمائي، هيٺين سٽن کي پنهنجيءَ مخزن ۾ وجهي، سنڌي دانن کي عرض ڪندا، ته چٽيءَ طرح سمجهاڻي ڏين. اهي لفظ لکي، پوءِ ڪن بيتن جون سٽون ڏنيون اٿس، جن ۾ سمير، رهاڙ، وڏاڙ، ۽ ٻيا ڪي لفظ ڪم آيل آهن، جن جون معنائون ڪنهن به سنڌي لغت ۾ ڏنل ڪينهن. هاڻ مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جا ميمبر پاڻ چون، ته هن صاحب کي مهراڻ جي ذريعي اهو جواب ڏيندا ڇا، ته ٿورا ورهيه ترسو، ته اسانجي مرڪزي بورڊ جي جوڙيل ڊڪشنري ڇپجي تيار ٿيندي، تنهن مان اُنهن لفظن جون معنائون ڏسجو؟ جيڪڏهن مهراڻ جا باني مباني مرڪزي ادبي بورڊ جا عضوا، ۽ سنڌ جا ٻيا اديب، هندو توڙي مسلمان، عام خالق جي ههڙين گهرجن جو حال گهڻو خيال نه ڪندا، ته پنهنجن ٻچڙن جو اونو به ڪونه ڪندا ڇا، جي اڄ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، ۽ جن ۾ آسرن اميدون اٿئون، ته منجهائن ضرور ڪي نه ڪي اهڙا عالم ٿيندا، جو سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت کي ڪنهن وڏي إۆض تي آڻي، پنهنجو ناماچار ڪڍندا، ۽ پنهنجي پرڳڻي جو به منهن مٿي ڪندا؟ جيڪڏهن خود ماسترن ۽ پروفيسرن کي سنڌي ڵڢڟڷ جون معنائون ڪٿان به ملي نه سگهنديون ته اسانجن نونهالن کي ڇا سيکاريندا؟ انهنکي به ائين چئون ڇا ته تيستائين ترسو جيستائين مرڪزي ادبي بورڊ واري لغت ڇپجي تيار ٿئي؟ وڏي ڳالهه ته جڏهن هن دکدائڪ حالت جو ترت تدارڪ ڪري سگهجي ٿو، تڏهن وڌيڪ دير وجهون ڇو؟ ههڙي ضروري ڪم ۾ دير وجهڻ، سو آهي پنهنجن ٻچڙن سان دشمني ڪرڻ! اُنهيءَ سبب پنهنجي رٿ هيءَ آهي، ته مسٽر پرمانند واريون ٻئي ڊڪشنريون، مرڪزي صلاحڪار بورڊ سڌاري، ۽ ڪجهه قدر وڌائي، پنهنجي پاران ڪڍي. بورڊ تي سنڌ سرڪار جيڪي ڪم رکيا آهن، تن مان هڪڙو هيءُ به آهي، ته جيڪي ڪارائتا ڪتاب اڳ جا ڇپيل هجن، ۽ هن وقت نه ملي سگهندا هجن، سي بورڊ وري ڇپائي. بورڊ کي اها اختياري جڏهن اڳيئي مليل آهي، تڏهن هن ضروري ڪم ۾ دير پوي ڇو؟ ٻنهي ڊڪشنرين کي تمام گهڻي قدر وڌائڻ يا مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي، ته پوءِ وري به دير پوندي. انهيءَ سبب منهنجي رٿ هيءَ آهي، ته بورڊ جي ڊڪشنري ڪاميٽيءَ وٽ جيڪي سنڌي لفظ اڳيئي ڪٺا ٿيل آهن، ۽ مسٽر پرمانند واري ڊڪشنريءَ ۾ ڪينهن، سي بلاشڪ ان ۾ گڏجن، ۽ انهن جي گڏڻ ۾ ڪو گهڻو وقت ڪو نه لڳندو. ڪي ڦير ڦاريون گهربل هجن، ته اهي به مناسب هنڌن تي ڀلي ڪجن. سنڌي ڊڪشنريءَ ڇپجڻ جو ڪم شروع ٿئي، تهنکانپوءِ ڪي وڌيڪ لفظ ملن، ته اهي ڊڪشنريءَ جي بٺيان ضميمي ۾ وجهجن. انگريزي_ سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ به ائين ڪجي. جيڪڏهن هڪڙي ڊڪشنري هڪڙيءَ پريس ۾، ۽ ٻي ڊڪشنري ٻيءَ پريس ۾، ڇپجڻ لاءِ ڏبي، ته ٻئي ڊڪشنريون ٽن چئن مهينن جي اندر ڇپجي تيار ٿي وينديون، ۽ گهڻن جو سهنج ٿي پوندو. ناست کان آست ڀلي. اڻ هوند کان هوند چڱي. ڪنهن مڪمل ۽ وڏي ٿهور واري ڊڪشنريءَ لاءِ ترسڻ جو ضرور ئي ڪونهي. هيءُ کڻي ننڍي ٿهور واريون ٿينديون، پر منجهن ڪيترائي وڌيڪ لفط جهٽ پٽ گڏي سگهجن ٿا، تنهنڪري مسٽر پرمانند وارين هاڻوڪين ڊڪشنرين کان اڻپڇو وڌيڪ ڪارائتيون ٿينديون، ۽ اسين ڪجهه قدر ڪنڌ کڻڻ جهڙا به ٿينداسين. مهراڻ ۾ ڇپيل ڪن ليکن مان ظاهر آهي، ته هن وقت اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪيترن غلط معنائن. جو ڦهلاءُ پيو ٿئي. مسٽر پرمانند واري سنڌي _ انگريزي ڊڪشنري ڪجهه قدر وڌائي ڇپائبي، ته غلط معنائن جي ڦهلاءُ کي به گهڻي قدرت ترت ٻنجو اچي ويندو. انهيءَ ڊڪشنري سوڌڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڌار سب ڪاميٽي ۽ انگريزي سنڌي ڊڪشنريءَ لاءِ ڌار سب ڪاميٽي، مقرر ٿئي. انهن ٻنهي سب ڪاميٽين تي هيءُ ڪم به رکجي، ته مهراڻ جي ذريعي جيڪي صاحب ڪن اهنجن ۽ اصطلاحن جون معنائون پڇن، تن جا جواب ترت تيار ڪري، مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ کي موڪلين، ته اُهي ڇاپي پڌرا ڪري. ڪن صاحبن کي اُهي جواب صحيح نه لڳن، يا ڪنهن معني ۾ ڪو ٿوروئي شڪ پوين، ته اهو مهراڻ ۾ ظاهر ڪن. ڪن کي وڌيڪ لفظن جون معنائون کپنديون هجن، ته سندن ليک به يڪدم ڇپجي پڌرا ٿين. ائين گهڻائي نوان لفظ ملندا، معنائن بابت شڪ شبهه به دور ٿي ويندا، ۽ ٻين جي سهڪار سان ڪم نهايت عمدو ۽ خاطريءَ جهڙو ٿيندو. خود مهراڻ هيڪاري وڌيڪ ڪارائتو ٿيندو، ۽ قدردان ان جو قدر پاڻيهي پيا ڪندا. ڊاڪٽر دائود پوٽه ادبي سنگت جو ٻيو مکيه وظيفو هيءُ ڄاڻايو آهي: سنڌي صورتخطيءَ کي صحيح بيهڪ ڏيارڻ. هيءَ ته بنهه پختي پيڙه تډڼ جي واٽ ڏسي اٿس. سنڌي ساهت کي معياري صورت ڏيڻ لاءِ اول ته صورتخطيءَ کي صحيح بيهڪ ڏيارڻ ضروري آهي، جو هن وقت تائين سنڌيءَ جو ڪو ڌ ڻي ڌوڻي جاڳيوئي ڪونهي. ساڳيائي لفظ هڪڙا هڪڙي طرح ته ٻيا ٻيءَ طرح پيا لکن! مثلاً إِۑخ- إِیخ ، هينئر _ هينئر، جڏهن تڏهن_ جڏهين تڏِهين، ڏِئو_ ڏيو_ ڏيئو، سئارو _ سيارو_ سيئارو، ڪئو_ ڪوئو، ڪُهر _ ڪوهر، زالون وييون_ زالون ويئون، هو آيا هوا_ هو آيا هئا وغيره. جنهن صورت ۾ سنڌ جي ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن هيءَ ڳالهه پاڻ چوري آهي، تنهن صورت ۾، هن ڳالهه جي پختي پائي سڏڻ لاءِ، مان سندس ڌيان، موجوده درسي ڪتابن ڏي ڇڪايان ٿو، جو اهو ڪم انهن ڪتابن کان وٺي شروع ٿيڻ گهرجي. هن وقت مونکي فقط سنڌي تۑۆ ڪتاب ۽ ستون ڪتاب ملي سگهيا آهن، تن مان ٿورا مثال ڏيان ٿو. سنڌي ٻئي ڪتاب ۾ لکيل آهي سبق پنڌرهون (هڪڙي نور جي ڳالهه)، ۽ سنڌي ستين ڪتاب ۾ لکيل آهي، سبق پندرهون. شرٽ صاحب واري ڊڪشنريءَ ۾ به پندرهن ۽ پندرهون لفظ لکيل آهن. پندرهن اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ صڷضێ، ۽ اکري معنيٰ اٿس پنجه ۽ دس (ڏهه)، يعني پندرهن (15). دس لفظ د ۾ آهي، تنهنڪري پندرهن ۽ پندرهون لفظن ۾ د بدران ڌ ڪم آڻڻ غلط آهي. مونکي ڪو نه سجهي، ته اڳين درسي ڪتابن ۾ اِها غلطي هئي. هيءَ غلطي ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل ٿي ڏسجي، جا بنا دير درست ڪرڻ گهرجي. ساڳي سنڌي ٻئي ڪتاب ۾ لکيل آهي. سبق اُوڻيهون (ڪتي ۽ سندس پاڇي جي ڳالهه). اوڻيهون لکڻ غلط آهي، اِها غلطي شرٽ صاحب واري ڊڪشنريءَ ۾ به آهي. صحيح اُچار آهي اُڻويهه. انجي منڍ وارو اڻ لفظ، اُوڻائي يا گهٽتائيءَ جي معني ڏيکاري ٿو، پر انگن ۾ كإڜ طرح هڪڙو گهٽ ڏيکاري ٿو. يعني اُڻويهه _(اُڻ +ويهه) جي اکري معنيٰ آهي ويهن مان هڪڙو گهٽ (19). اهڙيءَ ريت اُڻاسي معنيٰ اسيءَ مان هڪڙو گهٽ. جيڪي اوڻيهه ۽ اوڻيهون لکن ٿا، سي چئبو ته هن مرڪب لفظ ۾ ويهه جو اُچار بنهه ڦيرائي ٿا ڇڏين. ساڳيئي ڪتاب ۾ سبق اُڻٽيهون لکيل آهي. اُڻٽيهه معنيٰ ٽيهن مان هڪڙو گهٽ (29). اهو اڻٽيهون لفظ صحيح آهي. ساڳي طرح اوڻيهه به اوڻويهه هئڻ گهرجي. هيءُ ڳالهيون ڏيکارين ٿيون ته سنڌيءَ جي هاڻوڪي دکدائڪ حالت مٿان ۆسۑ سڌارڻي آهي، جو اهڙي اونده، ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪانهي. سنڌي ستين ڪتاب جو پندرهون سبق مهمانداريءَ بابت آهي. انجي پهرين ئي پهرين سٽ ۾ لکيل آهي. كڍڶج چاڪري! هيءَ نئين غلطي ڏسو! سچ پچ ته كڍڶج بدران خدمت لکڻ گهرجي. خادم، مخدوم وغيره ساڳئي بنياد مان آێڷ ۽ انهن ۾ ”د“ ڪم آڻجي ٿو، ته خدمت ۾ ذ اکر ڪهڙي حساب لکيو اٿن؟ جيڪڏهن اها ڇاپي جي چوڪ آهي، ته ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ درست ڪرڻ گهرجي. تۑإ درسي ڪتاب به جاچڻ گهرجن، ڶجإڷ انهن ۾ به ڪي چڪون هجن. هن ليکه لکندي به ٻيون ڳالهيون به خيال ۾ آيون اٿم: عددن ۾ چئون پهريون، ٻيو، ٽيون، چوٿون وغيره. ڪي ٻيو بدران ٻيون به چون. رواج موجب ٻئي صحيح آهن. پر لفظ کي هڪڙي بيهڪ ڏيارڻ لاءِ مان جيڪر چوان ته درسي ڪتابن ۾، توڙي بورڊ جي ڊڪشنريءَ ۾، ٻيون لکجي. پهريون، ٽيون، چوٿون وغيره جي پڇاڙيءَ ۾ ”ڷ“ آهن، ته هن حالت ۾. به ن وجهجي، ته سڀني عددن جي پڇاڙيءَ وارو اُچار هڪ ساريڪو ٿئي. ائين ڪبو، ته ٻنهي لفظن جي معنيٰ کي به پوري بيهڪ ملندي، يعني ٻيو معنيٰ ساڳيو نه، علحدو، نرالو (other, another)، ۽ ٻيون معنيٰ پهريون، نه (Second)، انهيءَ سبب هن حالت ۾ ٻيو بدران ٻيون چوڻ ۽ لکڻ چڱو ٿيندو. سنڌي درسي ڪتاب جي ننڍڙي هوندي، مون پاڻ پڙهيا هئا، تن ۾ انجان، چنڱون وغيره لفط لکيل هوندا هئا. هن وقت ڪي لکن اڃا ته ڪي لکن اڃان. ساڳيءَ ريت ڪي چڱو ته ڪي چڱو ن لکن ٿا. جنهن صورت ۾ ح ۽ گ اکرن ۾ نڪ جو اُچار اڳئي سمايل آهي، تنهن صورت ۾ چڍو ائين ٿيندو، ته اڃا، ڪڃا (ڪنيا معنيٰ نياڻي يا ڌي چڱو، مڱڻو، سڱ هڱ وغيره ۾ ن نه وجهجي. ڀلي ته پڙهندڙ پنهنجا رايا به ظاهر ڪن، ته آئيندي اهڙا لفظ ڪئن لکجن. ڊاڪٽر دائود پوٽه ٽين مکيه ڳالهه هيءُ لکي آهي؛ سنڌي صرف ۽ نحو، جو هاڻ نهايت ڷإڤڜ آهي، تنهنکي علمي اصولن موجب ترتيت ڏيڻ. سنڌي ساهت کي معياري صورت سانده ملندي رهي، تنهن لاءِ اوائلي ۆإخ آهيئي اُها، ته شاگردن کي ننڍڙيئي پنهنجيءَ مادريءَ زبان جي پوري پوري ڄاڻ هجي، ته پهريائين ته صحيح ڳالهائڻ ۽ صحيح لکڻ پاڻ سکن ۽ ڪو جملو غلط هجي، ته سبب ڏيئي سگهن، ته اهو ڇو غلط آهي، ۽ اهو ڪيئن درست ڪجي. جيڪڏهن نڪا پوري سڌ هوندين گرامر جي، نڪا صحيح صورتخطيءَ جي، ته وڏي هوندي ساهت کي معياري صورت ڪئن ڏيئي سگهندا؟ گرامر آهي ٻوليءَ جي ڇاٻي، جنهنجي وسيلي ٻوليءَ جو خزانو کولي، انهيءَ مان پوريءَ ريت واقف ٿي سگهجي ٿو، يا مولوي چشتيءَ وارا لفظ خيال ۾ رکي، هئن چئجي، ته گرامر جي وسيلي، ٻوليءَ جو گهونگهٽ کولي، سندس خال خط ۽ حسن جمال ڏسي ٿو سگهجي. ڊاڪٽر دائود پوٽه گرامر جي اهميت ۽ ضرورت پاڻمرادو محسوس ڪئي آهي، ۽ روز مره اسڪولن سان لهر وچڙ ۾ اچڻ ڪري، ائين به معلوم ٿيو اٿس، ته موجوده سنڌي گرامر نهايت ڷإڤڜ آهن، جێ انجو ترت تدارڪ ڪرڻ سندس فرض آهي، ۽ اُها سندس وس جي به ڳالهه آهي. سندس ٻيون رٿون، جهڙوڪ سنڌي لغت کي سهڻن سنڌي لفظن سان مالا مال ڪرڻ، سنڌي صورتخطيءَ کي صحيح بيهڪ ڏيارڻ، سنڌي ادب کي ڪمال جي اوج تي پهچائڻ وغيره، گهڻو وقت وٺنديون، پر سنديس هيءَ گرامر واري رٿ ته جهٽ پٽ عمل ۾ اچي سگهي ٿي. مهراڻ ۾ پنهنجن انهن رٿن سان گڏ هئن به لکيو اٿس، ته ادبي سنگت جا ميمبر اهڙا هئڻ گهرجن، جن کي ملڪ جي ادبي اُنتي جو اونو هجي. هن حالت ۾ پاڻ رڳو ايترو اونو ڪري، ته مهراڻ ۾ پنهنجي خانگي حيثيت ۾، سنڌي گرامر بابت جيڪي لکيو اٿس، سو ڊئريڪٽر جي حيثيت ۾، سرڪاري طرح، مرڪزي ادبي بورڊ کي، لکي موڪلي. بورڊ کي فقطه موجوده گرامرن کان وڌيڪ ڪارائتي گرامر ڪڍڻ جي ضرورت ڄاڻائڻي اٿس، ۽ صلاح ڏيڻي اٿس، ته ڪئن اُنکي باترتيب بيهارڻو آهي. جيڪڏهن بورڊ کي اهڙا به اکر لکي موڪليندو، ته مونکي قوي اُميد آهي، ته بورڊ هن ضروري ڪم ۾ بنا دير هٿ کڷڌۑڷڈۆ ، ٿوريئي عرصي اندر پنهنجي خرچ تي اهڙو گرامر ڇپائي پڌرو ڪندو. اِئين سنديس اها رٿ ترت عمل ۾ ايندي، ته بورڊ کي ديس جي شيوا ڪرڻ جو وجهه ملندو، ۽ شاگردن جو به ڀلو ٿيندو. ايڪ پنٿ دو ڪاج. اها ضروري رٿ ترت عمل ۾ ايندي، ته لوڪ به سمجهندو، ته بورڊ جا ميمبر، مهراڻ جي وسيلي رڳو ڳالهيون ڪو نه ٿا ڪن؛ پر جيڪي چون ٿا. سو ڪري پيا ڏيکارين. اهو هڪ عمدو مثال ٿي پوندو، ته انهيءَ ۾ سڄي بورد جو ناماچار نڪرندو، جنهنجو هڪ مکيه ميمبر پاڻ به آهي. هاڻ مان پاڻ واريءَ رٿ تي اچان ٿو. ساهت جو مدار ٻوليءَ تي آهي، تنهنڪري پهريان ئي ته ٻوليءَ جي اڀياس لاءِ ڪتاب گهرجن، جن جو زڪر ڪريان ٿو. (1) هن وقت اسان وٽ ڪا به ڪارائتي ڊڪشنري ڪانهي، ۽ اها ترت کپي. تنهن بابت مٿي اڳيئي چيو اٿم، ته مسٽر پرمانند واريون ڊڪشنريون سڌاري ۽ وڌائي بورڊ پنهنجي پاران ترت ڇپائي پڌريون ڪري. درسي ڪتابن، بورڊ جي ڊڪشنرين، ۽ ٻين ڇپايل ڪتابن جي وسيلي ئي سنڌي صورتخطيءَ کي صحيح بيهڪ ڏياري سگهبي، تنهنڪري ان لاءِ ڪنهن ڌار ڪتاب ڪڍڻ جي ضرورت ڪانهي. (2) انگريزيءَ ۾ رنگين عبارت بابت ڪيترائي ڪتاب آهن. جيڪي انگريزي ۽ پارسي گرامر نوان نوان پيا نڪرن، تن ۾ به اُنهن بابت هڪ هڪ باب وڌو اٿن. سنڌي گرامرن ۾ به ائين ڪجي، ۽ ڌار ڪتاب به ڪڍجي. شاه جي رسالي ۾ نهايت عبديون تشبيهون، استعاره ۆڡۑڎۏ آهن، جن مان شاگردن کي واقف ڪجي. رسالي مان مثال ڏبا، ته شاگرد چاه سان به پڙهندا. (3) سنه 1924ع کان وٺي اڄ ڏينهن سوڌو، بمبئي يونيورسٽي، بي. اي. جي شاگردن لاءِ، ٽرمپ صاحب وارو گرامر مقرر ڪندي اچي، پر ڪيترن ورهين کان اهو ڪمياب آهي! سنڌ جي ڪنهن ڪاليج جي لئبرريءَ ۾ به ڪونهي، ته پروفيسر پاڻ ڪٿان پڙهندا، ۽ شاگردن کي ڪئن سنڌي ٻوليءَ جو اونهو اڀياس ڪرائي سگهندا؟ ٿورا ورهيه ٿيا، ته اها ڳالهه بمبئي يونيورسٽيءَ جي ڌيان تي آئي، تنهن اُهو پنهنجي خرچ تي وري ڇپائڻو ڪيو، ۽ سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تي اِهو ڪم رکيائين، ته سڄوئي گرامر نظر مان ڪڍي، ۽ جيڪا ڦير ڦار ۽ واڌارو ڪرڻ ضرور سمجهي، سو ڪري، پر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ٻين مشغولين ڪري اِنهيءَ ڪم لاءِ وقت ڪونه ٿي مليو؛ ۽ هو صاحب اڃا سنبريو پئي، ته ماڳهين راه رباني وٺي هليو ويو. هاڻ سموري ميار اسان تي آهي، تنهنڪري مرڪزي ادبي بورڊ جي چئرمن ۽ ٻين ميمبرن کي عرض ٿو ڪريان، ته شاگردن جي هن ضروري گهرج جو اونو ڪري، ٻن ٽن ڄڻن جي سب ڪاميٽي ٺاهي، اهو ڪم اُنهيءَ کي سونپين. جيڪي صاحب مرڪزي ادبي بۆڎڋ ضإ ميمبر نه آهن، ٻاهرين ماڻهن مان ڪنهنجيءَ مدد جي ضرورت ٿئي، ته بورڊ ڀلي ته سندين مدد وٺي، بلڪ محنت جو اجورو به ڏئين. اهو گرامر پوءِ بورڊ پاڻ ڇپائي، يا يونيورسٽي پاڻ ڇپائي، سو فيصلو ڀلي ته پاڻ ۾ ڪن؛ پر وڌيڪ سهڻو ائين ٿيندو، ته بورڊ ڇپائي، ۽ يونيورسٽيءَ جي محتاجي نه ڪڍي. هتي مان جيڪر هيءَ رڪٿ به پيش ڪريان، ته ٽرمپ صاحب واري گرامر جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، اهو ٽريننگ ڪاليج وارن لاءِ درسي ڪتاب طور مقرر ڪجي، ته سنڌي خواندا به پنهنجي مادري زبان جو اونهو اڀياس ڪري سگهن. هيءَ ڊاڪٽر دائود پوٽه جي وس جون ڳالهيون آهن. (4) ڪاليجن ۾ چاسر پاڙهڻ ۾ اچي ٿو. چاسر جي انگريزي ۽ هاڻوڪي انگريزيءَ جي وچ ۾ وڏوئي ڦير آهي. چاسر پڙهڻ سان خبر پوي ٿي، ته ڪئن انگريزي تۆڵۑ سڌارو ۽ واڌارو ڪري، هاڻوڪيءَ ڪڙيءَ تي اچي پهتي آهي. اسانجن سنڌي شاگردن کي جڏهن انگريزيءَ جو اهڙيءَ ريت اڀياس ڪاليجن ۾ ڪرايو وڃي ٿو، تڏهن ڇو نه سنڌيءَ جو به اهڙيءَ ريت اڀياس ڪرائجي؟ خود سنڌيءَ جي پروفيسرن کي جيڪڏهن اها سڌ ڪانه هوندي، ته ڪئن سنڌي ٻوليءَ، سنسڪرت ۽ پراڪرت واريون پيچيديون صورتون وڃائي، هاڻوڪي سادي صورت ورتي آهي، ۽ ڪيترا عربي لفظ، جي ڪن صدين کان سنڌيءَ ۾ چالو ٿي ويا آهن، تن ڥێڏڷ قاعدن پٽاندر پنهنجي اصلوڪي عربي صورت مٽائي، هاڻوڪي سنڌي صورت ورتي آهي، (مثلا تشخص جو اُچار ڦري جصإښ ۽ تعويذ جو اوچار ڦري جإیح ٿيو آهي)، ته پوءِ ڪئن شاگردن کي سنڌيءَ جو اونهو اڀياس ڪرائي سگهندا؟ بي. اي جي شاگردن کي ايتري به سڌ نه هئڻ گهرجي ڇا؟ اهو سچ آهي، ته انگريزيءَ ۾ جهڙو چاسر جهونو آهي، إێڏۆ جهونو سنڌيءَ ۾ ڪو به ڪتاب ڪونهي. سنڌيءَ ۾ هائي ڌائي هڪڙوئي قديم ۽ نهايت ڪارائتو ڪتاب شاه جو رسالو آهي، جو هندو توڙي مسلمان جهجهي چاه سان پڙهن ٿا؛ پر شاه صاحب جي سنڌيءَ ۽ هاڻوڪي سنڌيءَ جي وچ ۾ ڪو گهڻو تفاوت آهيئي ڪونه. جيڪي مکيه تفاوت آهن، سي به ٻن اکرن ۾ ٻڌائي سگهجن ٿا. رسالي ۾ هه ۽ ن جا اُچار هاڻوڪي سنڌيءَ کان گهڻي قدر گهٽ آهن، جنهنڪري ڳالهه _ ڪالهه وغيره بدران ڳال _ ڪال لکيل آهي. آڏو چڪڻ چاڙ، مهجي موج نه سهي مڪڙي. هتي چاڙه بدران چاڙ ۽ منهنجي بدران مهجي لکيل آهي. ههم هُند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا. اڳي هونئهين بدران ههم لکندا هئا، يعني پڇاڙيءَ ۾ به گڏيندا هئا، ته سمجهڻ ۾ اچي، ته اِتي نڪ جي اُچار جي نڻڪار آهي. اهڙا سنها جڢإۆج تۆڵۑ٪ جي تبديل سمجهڻ ۾ اهڙي واهر نٿا ڪن، جهڙي انگريزيءَ جي باري ۾ چاسر ڪري ٿو. انهيءَ هوندي به ائين ڪين چئبو، ته سنڌيءَ جي هن طرح اڀياس ڪرڻ لاءِ ٻي ڪا واٽ آهيئي ڪانه. چاسر جي ڦري هاڻوڪي انگريزي ٿي آهي، سا ڪن قاعدن پٽاندر. ڇو ته ٻولين کي به قدرت جا ڪي قاعدا مڃڻا پون ٿا، ۽ خود اهي قاعدا به ڪن اُصولن تي ٻڌل آهن. انگريزيءَ ۾ ريورنڊ والٽرسڪيٽ ۽ ڪن ٻين عالمن انگريزي صرف جي اصولن بابت وڏا ۽ نهايت ڪارائتا ڪتاب لکيا آهن. خود مهراڻ جي پهرين پرچي ۾ سنڌ مسلم ڪاليج جي پروفيسر نبي بخش جو هڪ ليک پيل آهي، جنهن ۾ اکرن جي تبديل (1)، (2) حذف ۽ (3)ڷڤڵۑب. وغيره جو ذڪر ڪيو اٿس، ۽ ڪي مثال ڏنا اٿس. هي سڀ سنڌي صرف جا اُصول آهن، جي سنڌيءَ جي اونهي اڀياس ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڪن ٿا. إێڏۆ هڪ وڏو نه، ته ننڍڙو ێڥ ښۇ ڦڷ ڜڢقڷ ضۆ ڥجإب ښڷډۑ٪ ۾، هئڻ ضروري آهي. اميد ته مرڪزي ادبي بورڊ اهو ڪتاب ڊاڪٽر دائود پوٽه ۽ پروفيسر نبي بخش جهڙن اديبن جي مدد سان جلد تيار ڪرائيندو، جو ٽريننگ ڪاليج وارن لاءِ به نهايت ڪمائتو ٿيندو. اهڙن ڪتابن پڙهڻ سان سنڌي ماسترن جو دماغ کلندو، ته اُن ۾ اسانجن ٻارن جو به ڀلو آهي. منهنجو وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو (شاهه) (5) انگريزيءَ ۾ رواجي گرامرن کانسواءِ شيڪسپيئر جو گرامر ئي ڌار آهي، ته پوءِ ڇو نه سنڌيءَ ۾ شاه جو گرامر به ڌار هئڻ گهرجي؟ شاه صاحب پنهنجي رسالي ۾ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن، بلڪ ڪڇ ۽ گجرات طرف جا ڪيترا لفظ ڪم آندا آهن؛ پر تلفظ يا اُچار گهڻو ڪري سمورو لاڙي اٿس؛ تنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو، ته سڄوئي رسالو لاڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. هاڻ لاڙي ٻوليءَ جو ڌار گرامر اسان وٽ آهيئي ڪونه. شاه جي سنڌيءَ جون نحوي بناوتون به ڪيتري قدر خود هاڻوڪي لاڙي سنڌيءَ کان علحديون آهن. تنهنڪري ته هيڪاري ضرور آهي، ته شاه جي گرامر ڌار هجي. ان ۾ ٽپ ٽپ تي رسالي مان مثال ڏبا، ته اهڙو ته عاليشان ۽ وڻندڙ گرامر ٿيندو، جو عام خلق مان به ڪيترا اهو چاه سان پڙهندا. اميد ته سنڌ جا اديب منهنجي هيءَ رٿ پسند ڪندا. مرڪزي ادبي بورڊ اهو گرامر ڪڍندو، ته انهي ڪري سندس جس به پوندو. (6) سڀني ٻولين ۾ جيڪي لفظ ڪم اچن ٿا، سي ڌڪيبازيءَ تي ٺهيل نه آهن. هر هڪ لفظ ۾ ڪونه ڪو خيال سمايل آهيئي آهي. ۽ اهو جيستائين نه جهٽبو، تيستائين ان جي صحيح معنيٰ سمجهڻ ئي مشڪل ٿي پوندي. جيڪڏهن شاگرد لفظن جون معنائون، رواجي لغتن مان ڏِسي، طوطي وانگر ياد ڪندا، ته اهو مورڳو سندن حافظي تي بوجو ٿيندو. انهي کي ٻوليءَ جو اڀياس هرگز نه چئبو. انگريزيءَ ۾ (Etymology made Easy) ۽ ٻيا اهڙا ڪتاب آهن، جي ٻوليءَ اونهي اڀياس ڪرڻ ۾ وڏي واهر ڪن ٿا، ته سنڌيءَ ۾ به ڇو نه هجن؟ اسان جون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا، جي انگريزي چڱيءَ ريت سکيل آهن. تن کي سنڌيءَ کان وڌيڪ انگريزيءَ جي سڌ آهي. مثلا انگريزي لفظ Success, succeed, preeede, accede, unsuccessful, successful, وغيره بابت ښّډ إحڷ، ته انهن سڀني لفظن ۾ بنيادي خيال وڃڻ (cedo=to go) جو سمايل آهي؛ ۽ منجهن جدا جدا اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون (Prefixes and Suffixes) گڏجن ٿيون، ته علحديون علحديون معنائون ڏين ٿا. اسانجا ڪيترا هندو توڙي مسلمان شاگرد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پارسي سکن ٿا. سڄي پارسي ٻولي عربي لفطن سان ڀري پيئي آهي. هندو شاگرد عربي ڪو نه ٿا سکن، ته به سڌ اٿن، ته عربيءَ جو هڪ هڪ لفظ ڪنهن نه ڪنهن وزن تي جڙيل آهي. مثلا فعل _ فاعل ۽ مفعول جي وزنن تي، حد _ حاسد ۽ محسود، قتل، قاتل ۽ مقتول، ظلم، ظالم ۽ مظلوم لفظ ٺهيل آهن. فرض ڪريو، ته ڪنهن شاگرد کي إِڟڵڶ لفظ جي معنيٰ نٿي اچي، ته به رڳو انهيءَ لفظ جي شڪل ڏسڻ سان جهٽ سمجهي سگهندو، ته ډإجۆ يا بنياد ظلم اٿس. هيءَ ڪا ٿوري ڳالهه نه نه چئبي. پارسي گرامرن ۾ هڪ خلاصو باب انهن ڳالهين بابت پيل آهي. ۽ سنڌيءَ ۾؟ عربيءَ وانگر سنڌي لفظ وزنن تي ٺهيل ڪينهن؛ پر انهنجي به بنيادي لفطن سان ڪي اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون گڏبيون آهن، ته علحديون علحديون معنائون ڏيندا آهن، جيتوڻيڪ بنيادي خيال منجهن ساڳيوئي سمايل هوندو آهي. مثلاً سار معنيٰ يادگيري. سارڻ معني ياد ڪرڻ، يا دل تي آڻڻ. پر جيڪڏهن و اڳيان وجهبس، ته وسارڻ جي معنيٰ ئي إّڵخۑ حۑ پوندي. جيڪڏهن انهيءَ ساڳي لفظ سارڻ اڳيان او وجهبو، ته اوسارڻ جي معنيٰ ٿيندي ڏک مان ياد ڪرڻ. سئين سورٺ جهڙيون إّڀيون اوسارين. (شاهه) ڪنهن مئل مائٽ جي يادگيري ڪري زالون ڏک وچان اوڇنگارون ڏيئي، روئنديون رڙنديون آهن، ۽ منهن مٿو پٽينديون آهن، تنهنڪري اوسارڻ جي پوءِ معني ٿي رئڻ رڙڻ، سياپو ڪرڻ وغيره. پر مٿين ښثڷۑ ڵڢڟڷ جو بنياد آهي سار معنيٰ يادگيري. ۆسۆ ٻيو مثال: ستڙ سي ڍوئي، جي تڙ توائي مڪڙا. (ڛإێ). ستڙ معنيٰ چڱو جڏ، ان جو ضد ڪتڙ معنيٰ خراب تڙ. (ساڳي طرح لڇڻ _ سلڇڻ ۽ ڪلڇڻ؛ ۽ پت، سپت ۽ ڪپت ۾ س ۽ ڪ اڳياڙيون گڏيل آهن). ستڙ جا ٻيا ضد: اوتڙ، اکري معنيٰ تڙ کان پري؛ ۽ ڊّجڎ (اکري معنيٰ ڏکيو تڙ)؛ تنهن مان اصطلاح ڏتڙجڻ معني ڏکيءَ يا اُبتر حالت کي پهچڻ، بد حال ٿيڻ. انهيءَ مان ڜڢجۑ لفظ ڏتڙيل ٺهيو آهي. شاگردن کي لفظن جو اڀياس ائين ڪرائبو، ته ڌڪي يا اوٽ تي معنائن ڪرڻ جو رواج گهڻو گهٽجي ويندو. پر سوال آهي، ته ڪٿي آهن اسان وٽ اهڙا ڪتاب، جن ۾ سنڌيءَ جا بنيادي لفظ هئن سمايل هجن، ۽ جي بنيادي سنڌيءَ جي اڀياس ڪرڻ لاءِ ڪارائتا ٿين؟ انگريزي ۽ عربي لفظن ۾ سمايل خيال اسانجا شاگرد سولائيءَ سان جهٽي سگهن، ۽ پنهنجن سنڌي لفظن جي سڌ به نه هجي، سا نهايت ارمان جي ڳالهه آهي! جيڪڏهن رڳو 150-200 صفحن جو ههڙو ڪتاب هجي، ۽ جيڪي عربي لفظ سنڌيءَ ۾ عام ٿي ويا آهن تن جا وزن به ان ۾ ڏنل هجن، ته انهيءَ هِڪڙيئي ڪتاب ۾ ڪيترن ئي لفظن جو بنياد ڄاڻائي سگهجي، ۽ شاگرد توڙي سنڌيءَ جا ٻيا اڀياسي انهيءَ مان جيڪر گهڻوئي پرائين. ٻوليءَ جي اونهي اڀياس ۾ سهولت ڪرڻ لاءِ بورڊ فقط اُهي مٿيان ذڪر ڪيل ڪتاب پهريائين ڇپائي پڌرا ڪري، نه ته بي. اي ۽ بي. اي. آنرس جون ڊگريون سستيون ليکجڻ ۾ اينديون، ۽ اُنهنجو قدر ڪوڏيءَ جيترو به ڪونه ٿيندو.! سنڌي ساهت کي زور وٺائڻ لاءِ رٿ ٻئي ليک ۾ ظاهر ڪندس. انهيءَ وچ ۾ اُميد ته سنڌ جو ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن ۽ تعليمي وزير اها ڀلائي ڪندا، جو ڪنٽرول جي رڪاوٽ ٺهرائي ڏيندا، ۽ سرڪار کان ڪجهه گرانٽ بورڊ کي وٺي ڏيندا، ته سنڌي لغت جا ٻه جلد ۽ ٻيا ضروري ڪتاب ڇپائي سگهي. ڪتابن جي وڪري مان اها رقم سرڪار کي موٽي ملندي، تنهنڪري ناڪار ڪرڻ يا دير وجهڻ لاءِ سبب ئي ڪونهي. 1. Permutation 2. Elisions 3. Metathesis or Transposition of words