Video
ناشر پاران
سنڌي ٻولي ۽ لسانيات تي ٿيل سموري ڪم جو احاطو ڪرڻ لاءِ اٿارٽيءَ پاران گھڻو وقت اڳ ھڪ رٿا شروع ڪئي وئي، جنھن لاءِ طئي ڪيو ويو ھو تھ سنڌي ٻولي ۽ لسانيات بابت شايع ٿيل مضمون ۽ مقالا گڏ ڪري شايع ڪيا وڃن. ھن سلسلي ۾ سڀ کان پھرين ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي کي گذارش ڪئي وئي ھئي تھ ھو صاحب ورھاڱي کان اڳ خاص طور تي ”سنڌو“ رسالي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت شايع ٿيل مقالا سھيڙي ڏئي. ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي، اداري جي گذارش کي مان ڏيندي، وڏي محنت سان مقالا ۽ مضمون سھيڙي اداري حوالي ڪيا، پر بعد ۾ ھيءُ ڪم اڳتي وڌي نھ سگھيو.
اسان ھن رٿا کي اھم سمجھندي نھ صرف ڊاڪٽر انور فگار جي مرتب ڪيل مقالن کي ڇپائڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي، پر اداري ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان محقق خان محمد جروار کي بھ اھا ذميواري ڏني تھ ھو ورھاڱي کان پوءِ مختلف رسالن ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت ڇپيل مضمون ۽ مقالا ترتيب ڏئي. اھڙيءَ ريت ھاڻي اسان وٽ ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ ڇپيل تقريبا سمورا مقالا گڏ ٿي چڪا آھن، جن کي ٽن جلدن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو پيو وڃي، ھيءُ ڪتاب ان سلسلي جو پھريون جلد آھي.
سنڌي ٻوليءَ تي جامع تحقيق لاءِ ھيءُ رٿا بنيادي ثابت ٿيندي ۽ ھن قسم جي مجموعن جي اشاعت، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ کي منظم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. آءٌ ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي جو نھايت ٿورائتو آھيان، جنھن وڏي انتظار کان پوءِ اداري سان ڀرپور تعاون ڪيو.
عبدالقادر جوڻيجو
چيئرمئن
21 مئي 2007ع