Video
سنڌي ٻولي جو ابتدائي احوال: سرڳواسي پهلاجراءِ ليلارام واسواڻي
۾ انگريز سرڪار جي حڪومت کان اڳ ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ گهڻو ڪري سرائڪي ٻولي ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي جا بلوچڪي زبان ۽ سنڌي ٻوليءَ مان مرڪب ٿيل آهي. بلوچڪي زبان ٽالپرن جي مادري تۆڵۑ هئي تنهن ڪري سندن وظيفه خوار، گهرو نوڪر، عملي جا ماڻهو ۽ ٻيا خاصخيلي سڀ اها ٻولي ڳالهائيندا هئا ڇاڪاڻ ته پنهنجن اميرن جي ٻوليءَ کي شرف ڏيڻ ۽ کين خوش ڪرڻ جي ارادي سان سرائڪي ٻولي ڳالهائڻ ۾ هو فخر ڄاڻندا هئا.
پڙهيل ڶإڼێۆ جن جو علم سان محاورو هو سي پارسي ٻولي ڳالهائيندا هئا ۽ ٻيا جي پنهنجي ڌنڌي مثلن واپار يا ڪنهن هنر ۽ ڪسب جي آسري تي هوندا هوا سي سنڌي ٻولي ڳالهائيندا هوا. باقي لکڻ پڙهڻ خواه دفتر جو ڪاروبار، حساب ڪتاب ۽ حڪم احڪام سڀ پارسي ٻولي ۾ هوندا هوا. هندو عامل ۽ ٻيا ميرن جا ڪامورا جي دفتر جامحافظ ۽ محرر هئا سي پارسي لکڻ جا يگانا هوندا هئا ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجو واپار جو ڌنڌو ڪندا هئا سي ڳالهائيندا سنڌي زبان هئا مگر انهنجي لکپڙه ۽ حساب ڪتاب سمورو هندو سنڌي لاڪنا وارن ۽ ٻٽن اکرن ۾ هوندو هو. انهن اکرن جا ٻه، ٽي قسم هئا. تنهن کان سواءِ برهمڻ ۽ ٻانڀڻ ديوناگري اکر لکڻ پڙهڻ ۾ ڪم ايندا هئا. هن مان ڏسبو ته ان وقت ۾ لکڻ پڙهڻ لاءِ عام طرح پارسي ۽ هندو سنڌي اکرن جي ڪم آڻڻ جو رواج هو.
پارسي ٻولي جي سيکارڻ لاءِ مڪتب يا مدرسا هئا ۽ هندو سنڌي سکڻ لاءِ به ڪي جايون هيون جن کي اوجها اسڪول ڪري چوندا هئا. اهي اڪثر ٿورا هئا انهن ۾ تعليم ڏيندڙن کي واجهو چوندا هئا. اڃا تائين به جڏهن ننڍڙن ڇوڪرن کي هندو سنڌي اکرن سيکارڻ لاءِ پٽي تي آئيويٽا لکي ڏبي آهي ته هيٺان هي لفظ به انهن کي سيکارڻ لاءِ لکي ڏبا آهن. ”ڇوهارو جند پير کي مجرو واجهي کي“. هنن ٻنهين قسمن جي اسڪولن مان هندو سنڌي اهڙا زور نه هئا ڇاڪاڻ ته اتي رڳو واپار ڪندڙ هندو ماڻهو پنهنجا ٻار سکڻ لاءِ موڪليندا هئا ۽ مسلمانن منجهان ميمڻ قوم جا ماڻهو جن کي واپار ۽ ڏيتي ليتي جو ڌنڌو هو تن جا ٻار سکڻ ويندا هئا. انهن کي لکڻ پڙهڻ کان سواءِ ٿورو حساب جيئن ته جوڙ ۽ ڪٽ ڪرڻ به سيکاريندا هئا ۽کوڙا سوايا ڏيڍا اڍايا بر زبان چڱي طرح استعمال ڪرائيندا هئا، انهي لاءِ ته هو ڪوبه حساب زباني ڪري وڃن جنهنڪري هٽ تي ڏيڻ وٺڻ جي ڪاروبار ۾ چالاڪ ۽ حاضر جواب ٿي سگهن.
رفته رفته هندو سنڌي اوجهڪا اسڪول بند ٿيندا ويا ڇاڪاڻ جوماڻهو پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلڻ جي بدران هٽن ۽ دڪانن تي پنهنجي حاضري ۾ وهاري هندو سنڌي اکر سيکارڻ لڳا ۽ ان سان گڏ هٽ جي خريد فروخت جو ڪم به سيکاريندا هئا، انهي لاءِ ته هو ڪچيءَ کان ئي وٺي پنهنجي ڌنڌي ڪرڻ ۾ ۽ ڏيتي ليتي جا پوري طرح واقف ٿين. باقي رهيا پارسي مڪتب انهن جو به اهڙو شوق ڪونه هوندو هو ڇاڪاڻ ته ميرن کي پڙهيل ماڻهو گهربل ته بيشڪ هئا پر انهنکي تعليم جي پکيڙڻ جي باري ۾ شوق ڪونه هو. البت پارسي پاڙيهندڙن ۽ پڙهندڙن جو انهن وٽ مان هوندو هو جنهن ڥڎۑ ڪن کي ميرن جي سرڪار مان غڪۆ پگهار ۽ عزت ملندي هئي. هوپاڻ به پارسي لکي پڙهي ۽ ڳالهائي سگهندا هئا ۽ شعر ٺاهيندا هئا. سندن ڪچهري ۾ فراغت جي وقت ۾ پارسي بيت بازي ٿيندي هئي ۽ جيڪي بيت بازيءَ ۾ گوءِ کڻندا هئا تن کي چڱا انعام اڪرام ملندا هئا.
انهي وقت ۾ سيدن جا ڪي پارسي مڪتب هئا جن کي مير سنڀالينا هئا. ٻيا وري شاهوڪار ماڻهو پنهنجن ٻارن کي ملان يا قاضي رکي ڏيندا هئا، وڏا مدرسا مٽيارن، ٺٽي، روهڙي ۽ سيوهڻ ۾ هوندا هئا. انهي کان سواءِ ننڍن ڳوٺن ۾ جيڪي مڪتب هئا جن جو اندازو 1853ع تائين (600) کن هو. وڏن ڳوٺن ۾ جيڪي مڪتب هوا تنکي دائرا ڪري چوندا هوا. انهن ۾ تمام مٿاهين درجي جي تعليم ملندي هئي جهڙي طرح هاڻي ڪاليج ، يونيورسٽيون اعليٰ درجي جي تعليم لاءِ رٿيل آهن.
اسين اسڪولن جي حالت جو فوٽو ۽ سندن تعليم ۽ ٻي ڪاروبار جي انتظام جو نمونو مفصل طور هن هيٺ ڏيکاريون ٿا جنهن ۾ جهوني تعليم جي سرشتي جو سمورو ڍڥڎ اچي وڃي ٿو.
(1) مڪتبن جو سرسري احوال: جيئن هاڻوڪا اسڪول سرڪار جي طرفان کوليا ويا آهن تيئن اُهي ميرن جي پاران نه کوليل هوا پر مسلمانن، مولوين، سيدن، قاضين ۽ آخوندن جي نظر هيٺ. جتي عام خاص ماڻهو ڪونه پڙهندا هوا پر فقط ميرن ۽ جاگيردارن جا پٽ ۽ ملن ۽ قاضين ۽ سيدن جا ٻار ۽ جنجو موروثي ڌنڌو آخوند ڪو هوندو هو سي ۽ هندو عاملن جا ڇوڪرا جن جا مائٽ مير صاحبن جي دفتر جا ڪامورا هوا سي پڙهڻ لاءِ ايندا هوا. البت ٻين ننڍڙن ڳوٺن جي مڪتبن ۾ ڪي غريب ماڻهو به تعليم ۆسڷڈإ هوا. مڪتب جي جاءِ مسجد جي اندر يا مسجد جي لڳ ڪا ڪوٺي هوندي هئي جنهنکي حجرو چوندا هوا يا مسجد جي اڳه کان ڪو وڏو سايه دار وڻ هوندو هو ته ان جي ڇانو ۾ لانڍي اڏي اتي مڪتب ٺاهي ملان ويهي پاڙهيندا هئا. يا ته ڪنهن ديوان جي حويلي انهي کي پاڙهڻ لاءِ ملندي هئي جتي ويهي پاڙهڻ جو ڪم ڪندا هوا.
(2) سکيا جو نمونو ۽ حد: جيڪي ڇوڪرا پڙهڻ ايندا هئا تنکي فرهي تي انڊا ڀري سبق لکي ڏنو ويندو هو ۽ هڪڙو دفعو آخوند انهن کي پنهنجي روبرو سبق پڙهائيندو هو. پوءِ ڇوڪرا پاڻهي ويٺا پڙهندا ۽ ياد ڪندا هئا. مڪتب ۾ هاڻوڪي نموني وانگر نڪي بينچون ۽ ڊيسڪون هيون نڪي وري ڪرسيون هيون سڀ ڇوڪرا پٽ تي وهندا هئا. پٽ تي تڏا ۽ توريون وڇايل هونديون هيون ۽ وچ ۾ آخوند جي وهڻ لاءِ گادي هوندي هئي جنهن تي هو پاڻ وهندو هو ۽ پاسي کان ڇوڪرا اهڙي طرح وهندا هئا جيئن سندس نظر چوپاسي برابر پئجي سگهي.
پوءِ آخوند لٺ هٿ ۾ کنيو رڳو چوندو هو پڙهو، ڇوڪرا پڙهو ۽ ڇوڪرا اکيون پوريو ڪنڌ جي ڌوڻڻ سان پنهنجي ئي ڌن ۾ لڳا پيا هوندا هئا.
ڇوڪرا جتيون دروازي جي ٻاهران لاهي آخوند کي سلام ڪري سڀڪو پنهنجي جاءِ تي ويهي ويندو هو. سڀني ڇوڪرن جي سنڀال لاءِ آخوند جي اڳيان هڪڙو چالاڪ ۽ وڏي عمر جو ڇوڪرو مقرر هوندو هو. اهو آخوند جي حاضري يا غير حاضري ۾ ڇوڪرن کي سنڀاليندو هو ۽ سندن سبق ٻڌندو هو، جيئن هاڻي ڪلاسن ۾ ماستر مقرر ڪبا آهن. ٽائيم ٽيبل ڪونه هوندو هو.
صبح جو سويرو مڪتب کلندو هو ۽ ٻن پهرن جو ڇوڪر ماني کائڻ لاءِ گهر ويندا هئا. ماني کائي وري اچي مڪتب ۾ سمهي رهندا هوا يا ڪي ڇوڪر گهران ننڊ ڪري ايندا هئا جيسين ڥێ ڊۑڷێڷ سڎۑ. پوءِ وري پڙهڻ جو ڪم ڪندا هوا سو ويندي سج لٿي سوڌو. پوءِ سڀني کي موڪل ملندي هئي. نڪي هوندا هوا گهنڊ نڪي گهڙيال ته به ڪم بنا اٽڪ جي پيو هلندو هو. پڙهڻ جا ڪتاب گهڻو ڪري دوايو ۽ ٽوايو جنهن ۾ پارسي ٻولي جا اکر هوا سو پاڙهبو هو ۽ احد نامون جو پارسي گرامر جو هڪڙو ننڍڙو قسم آهي سو ۽ پوءِ گلستان بوستان شيخ سعدي وارا، ۽ يوسف زليخا پاڙهيا ويندا هئا جيڪي هوشيار ڇوڪرا اهي سڀ ڪتاب پڙهي پورا ڪندا هئا ته انهن کي مثنوي مولانا رومي جي پڙهائي ويندي هئي. سڀني حالتن ۾ يادگيري ۽ حافظي تي زور تمام گهڻو هوندو هو. نڪي هوندا هوا ڪلاس مقرر، نڪي حساب جا ڪتاب، نڪي جاگرافيون ۽ ٻيا ڪم رڳو مٿين ڪتابن مان جيڪو ڇوڪرو هڪڙو ڪتاب جڏهن پورو ڪندو هو تڏهن ٻيو ڪتاب کيس شروع ڪرائبو هو. باقي لکڻ تي تمام گهڻو ڌيان ڏبو هو. ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻندا هوا ته اکر به اڌ علم آهي. پهريائين پٽين ٽي انڊن ڀرائڻ جي استعمال کانپوءِ وري مشق جو استعمال ڪرايو ويندو هو. سنڌي قلم ۽ ڪاري مس ڪم آڻبي هئي. ڳاڙهي مس ڪڏهن ڪڏهن اکرن جي سهڻائي لاءِ وچ ۾ هيڊنگ لکڻ ۽ زيرن زبرن جا ۽ ٻيا نشان ڏيڻ جي ارادي سان ڪم آڻبي هئي. لوهي قلم ۽ رنگين مسون هر گز ڪين هيون. انهي وقت جي شاگردن جا اکر تمام تعريف جوڳا ڏسجن ٿا ۽ ڪيترائي دستخط لکيل ڪتاب ان وقت جا وڏين لئبررين ۾ نموني طور رکيل آهن. جئن هاڻي ڊرائنگ اسڪولن ۾ سينگارجي ٿي تيئن انهي خوشنويسي جي سسٽم جو نتيجو هاڻوڪي ڊرائنگ جي سسٽم جون هر طرح سڌون پوريون ڪري سگهي ٿي. اسڪولن ۾ هاڻوڪي وانگر في ڪانه هوندي هئي. ڪتاب هٿ جا لکيل پاڙهبا هئا. ڪڏهين ڪڏهين ڪي شاهوڪار ماڻهو ڇاپي جا ڪتاب گهرائيندا هئا جي ايران کان ايندا هئا.
يادگيري جۑ ڪم ڪرڻ لاءِ زور گهڻو هوندو هو. حسابن جا ڪتاب اردو زبان ۾ خواه پارسي ۾ هوندا هئا جن تان ماپ ڪرڻ، کاٽي جي ماپ ٻني جي ماپ ۽ اهڙي قسم جا حساب سڀڪو پاڻهي سکندو هو. تاريخون جاگرافيون گرامر اصلي ڪونه سيکارڻ ۾ ايندا هوا..
(3) آخوند جو پيار ۽ مارڪٽ: آخوند جو پيار سڀني ڇوڪرن تي سم درشت هوندو هو. ڇوڪرا به ابي امان جي سمان ان جو مان ۽ ادب رکندا هئا ۽ کيس پيار ڪندا هئا. جڏهين ڪو ڇوڪرو ڪٿان ٻاهران گهمي ايندو هو جێ استاد کي پيرين پئي گڏبو هو.
ڪنهن کي به آخوند جي خدمت چاڪري يا سندس گهرو ۽ خانگي ڪمن ڪرڻ کان آر ڪونه هوندو هو. جئن ته آخوند جي گهر جو ۽ مڪتب جو پاڻي ڀرڻ، ٻهاريون ڏيڻ، جهنگ مان ڪاٺيون ڇيڻا چوندي اچڻ، آخوند کي سمهڻ وقت زور ڏيڻ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڪم ڇوڪرا گهڻي خوشي سان ڪندا هئا ۽ ڇوڪرا خواه سندن مائٽ انهي ۾ پنهنجي سعادت مندي ڄاڻندا هئا. ڪنهنکي به وڏي ماڻهوءَ جي پٽ هجڻ ڪري آخوند جي خانگي ڪم ڪرڻ کان نفرت نه هوندي هئي. جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو گسائيندو يا حرڪت ڪندو هو يا سبق برابر ياد نه ڪندو هو ته ان کي طرحين طرحين جون سزائون يا نرم، جهڙيون آخوند کي وڻن اهڙيون ڏيندو هو. جيئن ته لڪڻن جي مار ڏيڻ، اُس ۾ بهاري اٿ ويهه جڥڏ سان ڪرائڻ، ڀت جي ڀرسان گوڏا نميل ڪرائي هٿ ڀت سان لڳائي بهارڻ، ڪن جهلائڻ، ٽنگائڻ ۽ ٻيون ڪيتريون سخت سزائون ڏيندو هو ته به وري ڇوڪرن جي مائٽن کي ڪوبه اعتراض ڪونه هوندو هو. پاڻ چوندا هئا ته استاد جي مار سنوار آهي. کڻي جيڪڏهين ڪو ڇوڪرو مائٽن کي دانهن ڏيندو هو ته مائٽ ان کي وري ٻيهر سزا ڏينداهئا. جيتوڻيڪ سزائون اهي بۑڛڥ خوفناڪ ڏسڻ ۾ ايندوين هيون جن مان ڪڏهين ڪڏهين طرحين طرحين نقصان به ٿي پوندا هئا پر ته به ڇوڪرن جي مائٽن کي ذرو به خيال ڪونه ٿيندو هو.
آخوند جيڪو ڪم پاڙهيندو هو سو ڇوڪرن رات جو گهر ۾ وڃي پڙهيو يا نه تنهن لاءِ ٻي ڏينهن تي سڀڪو ڇوڪرو مائٽن کان سرٽيفڪيٽ جا ٻه اکر لکائي آڻي ڏيندو هو جنهن ۾ لکيل هوندو هو ته شب خوانده بود.
حيدرآباد جو مشهور آخوند نصر الله جو هڪڙو ٽنگ کان عذر وارو هو ۽ آخوند الهندو نابينه ۽ آخوند مقيم اهي مشهور معروف هوندا هئا.
(5) آخوند جو گذران ۽ پيدائش جو رستو: ڪن ٿورن مشهور آخوندن کي ميرن جي سرڪار مان ڪي ڪجهه قوت لاءِ ملندو هو، باقي عام طرح انهن جو ڪو پگهار ڪونه ٻڌل هو. انهن کي پيدائش جا رستا هئا (1) هرهڪ ڇوڪرو جمع ڏينهن هڪ ڏوڪڙ آڻي ڏيندو هو جنهنکي جمعگي چوندا هئا. (2) خميس جي ڏينهن ڇوڪرا گهرن مان ان وٺي ايندا هئا. (3) جيڪو ڇوڪرو نئون اچي وهندو هو ته فرهي لکي ڏيڻ ڪري ان جا مائٽ پنهنجي وسعت آهر ڪجهه نقد مٺائي طور آخوند کي ڏيندا هئا، جنهنکي فرهي جو حق ادا ڪرڻ چوندا هئا. (4) وڏن ڏينهن تي ڪجهه ڪجهه انهن کي ملندو هو ۽ رات جو سڀڪو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ جيڪي رڌيندو هو تنهن مان آخوند کي ڍاڪون ڀري موڪليندا هئا. اهڙي طرح ڏينهن جي ماني به موڪليندا هئا. انهن مان موڪلڻ کي ونڊ يا وظيفا ڪري چوندا هئا. سڄي ڳوٺ جا ماڻهو اها ماني ڏيندا هئا، پوءِ انهن جا ڇوڪرا آخوند وٽ رهندڙ هجن توڙي نه. اها ماني سڄي ڳوٺ مان آخوند کي ڏينهن رات لاءِ ايتري ملندي هئي جو کيس گهر ۾ کائڻ جو خرچ ته ڪونه ڪرڻو پوندو هو پر جيڪي پرديسي ڇوڪرا پڙهڻ لاءِ ايندا هئا ته اهي به مڪتب ۾ انهن مانين تي گذران ڪندا هئا. انهي ڪري هاڻوڪي نموني بورڊنگ جاري هئي. (5) آبادگار ۽ کيتي وارا ماڻهو ان ۽ ٻي ٻني جي پيدائش سڀڪا حصي پٽاندر ٻين ڪاسبين وانگر آخوند کي به از خود پهچائي ويندا هئا جنهن کي ٽوپڪي ڪري چوندا هئا. پوءِ ايتري پيدائش مان جي انهن جو گذران ٿئي توڙي نه ٿئي ته به هو لالچي ڪين هوندا هئا. هنن کي پنهنجي روزگار جي ڳڻتي نه ڪا نه هئي پر اٽلو گويا انهن وٽ سداورت جاري هو. اهوئي سبب آهي هندستان ۾ هوٽل ڪين هوندا هئا. ڪوبه پرديسي ماڻهو يا ته مڙهي ٽڪاڻي ۾ وڃي کائيندو يا ته ڪنهن مسجد ۾ يا آخوند وٽ وڃي کائيندو.
سڀني ماڻهن کي اها خاطري هئي ته آخوند ويچارا لالچي نه آهن تنهنڪري انهن جا دستوري لوازما پهچائڻ پنهنجي فرضي ڊيوٽي ڄاڻندا هئا. انهن کي لوازمن پهچائيندي هو آخوند کي پنهنجو نوڪر يا پورهيت يا زيردست نه ڄاڻندا هئا بلڪه ان جي تمام گهڻي عزت آبرو رکندا هئا. خوشي جي موقعن تي، پهريائين ان کي دعوت ڏيئي، عزت آبرو سان گهرائي، سڄي مجلس جو سرڪردو ڪري وهاريندا هئا ۽ انهن ۾ پنهنجي سڳورائي ڄاڻندا هئا.
جڏهن انگريز سرڪار جي حڪومت ٿي تڏهين دفتر لاءِ اهڙا ماڻهو گهربل ٿيا جي انگريزي لکپڙه ڪري سگهن. تنهنڪري انهن اسڪولن جي ڏاڍي ضرورت هئي ان وقت جي عملدارن به اهڙي صورت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1845ع ۾ ڪرنل واٿبرن حيدرآباد جي ڪليڪٽر هند سرڪار کي لکيو ته هن ڪم لاءِ 3000 ڎۆصۑێ منظور ٿين، جنهن تي ڪيترا سوال جواب هليا. پر مشڪلات اها هئي ته ماستر ملي ڪين ٿي سگهيا ۽ 3 سال لکپڙه هلي ماٺ ٿي ويئي. وري ڪپتان پريڊي صاحب ڪراچي جي ڪليڪٽر وڌيڪ ڪوشش ڪئي ۽ ٿورو ڪامياب ٿيو. هن ڪراچي ۾ هڪ اسڪول ڪراچي فري اسڪول نالي جاري ڪيو جتي مفت تعليم ڏيڻ ۾ آئي ٿي ۽ خرچ سمورو ان صاحب پنهنجي جيب مان ڪيو ٿي. 1846ع ۾ هن صاحب هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي جنهن ٺهراءُ ڪيو ته انهي سڪول ۾ بائيبل جا ڀاڱا پاڙهجن ۽ اهڙي طرح جو سڄو پورو ٿي وڃي. 1845ڠ ۾ اهو اسڪول مشن سوسائٽي کي سونپيو ويو جو اڄ سوڌو انجي هٿ ۾ آهي. شڪارپور ۾ به هڪ انگريزي اسڪول جاري ڪيو ويو. جنهنکي ڪپتان گولڊ سمٿ صاحب پئسي جي مدد ڪندو هو. انهي کانپوءِ جلد ئي ٺهراءُ ٿيو ته سرڪاري لکپڙه ۾ سنڌي ٻولي اچڻ گهرجي. جنهن ڪري سنڌي ٻولي لکڻ پڙهڻ جو رواج جاري ڪرڻ ضرور ٿيو. انهي وقت ۾ پارسي ٻولي لکڻ پڙهڻ جو رواج گهٽ ٿيندو ويو ۽ عربي سنڌي ڳالهائڻ جو دستور زور پوندو ويو. تنهنڪري سرڪار ارادو ڪيو ته لکپڙه جوسرشتو به بدلائي سنڌي ٻولي ۾ رکجي، پر سنڌ ۾ تمام ٿورا انگريز عملدار سنڌي ڳالهائي سگهندا هوا ۽ سندن منشي وري سنڌي ٻولي لکي ڪونه سگهندا هئا. ڪم ڪار لاءِ ترجمان مقرر هئا. دفتر سمورو پارسي خوش خط ۾ رکبو هو. 1851ڠ ۾ فريئر صاحب سنڌ جي ڪمشنر حڪم جاري ڪيو ته سڀني عملدارن کي مروج سنڌي ۾ امتحان پاس ڪرڻ کپي. پر سنڌي ٻولي سرڪاري لکپڙه ۾ ڪم اچي نٿي سگهي جيئن ڪ ان ٻولي جي آئيويٽا يا اکرن جي صفائي نه ٿيل هئي.
ڪپتان برٽن جو خيال هو ته عربي اکرن کي پڙيون ڏيئي وڌائي هڪ نئين سنڌي آئيويٽا بنائجي جنهن جي مدد سان ٻولي جا سڀ آواز ظاهر ڪري سگهجن. ڪپتان سٽئڪ جو سنڌي ٻولي ۾ هوشيار هو ۽ جنهن سنڌي ٻولي جو ويا ڪرڻ، ڊڪشنريون ديوناگري اکرن ۾ لکيون آهن انجو خيال هو ته هندو سنڌي آئيويٽا جي اڳيئي واپاري ماڻهو ڪم آڻيندا هوا ڪجهه ڦير گهير ڪري جاري ڪجي. انهي بابت مباحثه پئي هليو ۽ جيسين ان جو فيصلو نه ٿيو تيسين ڪي به نه ڪرڻ ۾ آيو. فريئر صاحب جو خيال هو ته هندو عربي آئيويٽا کي ويجهو ڪين ويندا ۽ مسلمان وري هندو سنڌي آئيويٽا کان ڀڄندا. نيٺ 1853ڠ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڊئريڪٽرن جي جماعت ٺهراءُ ڪيو ته في الحال عربي آئيويٽا تجربي طور جاري ڪجي ۽ 10 هزار روپيه تعليمي ڪمن لاءِ منظور ٿيا.
پوءِ مسٽر ايلس ڪن ڏيهي پڙهيلن جي مدد سان هڪ آئيويٽا تيار ڪئي جنهن ۾ هن صاحب پارسي جا 32 اکر وڌائي سنڌي جا 52 اکر ٺاهيا. انهي آئيويٽا ۾ پارسي آئيويٽا کان سواءِ باقي ٻيا اکر سڀ انهن اکرن منجهان ڪن نشانين ڏيڻ سان فرضي ڪري ورتا ويا. انهي آئيويٽا تيار ڪندڙن جي جماعت ۾ ميان محمد ان وقت جو مشهور عالم هو جنهن پهريون گرامر سنڌي ٻولي ۾ تيار ڪيو هو ۽ راءِ بهادر ڷإڎإیڼجگنناٿ صاحب هو جنهن جي نالي تي ڪراچي جو هاءِ اسڪول آهي. تنهن کان سواءِ پوءِ ديوان پريداس ۽ منشي اڌارام کاتي جي لاءِ پهريون ٻيو ڪتاب تيار ڪيو. اهڙي طرح ويا وڌائيندا.
1847ڠ کان 1858ڠ تائين ليٿو ۾ ڪتاب ڇپيا هئا.
ڪل هيٺيان ڪتاب ٺهيا جدا جدا وقتن تي.
پهريون ميان گل محمد جو گرامر 1840ڠ ۾ ٺهيو. جنهن ۾ ميجر گولڊ سمٿ صاحب جي پڻ مدد ورتل آهي ۽ ان انگريزي ۾ ميان محمد جي خيالن کي چڱي طرح واضع ڪيو آهي. اهو اردو گرامر تان لکيل هو.
تنهن کانپوءِ سٽئڪ صاحب 1847ڠ ۾ سنڌي گرامر ديوناگري اکرن ۾ لکيو.
پوءِ ٽرمپ جو گرامر ٺهيو 1858ڠ ۾. 1866ڠ راٽلنڊ جو گرامر ٺهيو.
منشي ننديرام باب نامو ٺاهيو.
ديوان پرڀداس اڌارام پهريون ۽ ٻيو ڪتاب ٺاهيا 1872ڠ ۾.
اها آئيويٽا 1853ڠ ۾ ڇپجي تيار ٿي هئي. تنهن کان پوءِ پارسي، اڙدو، گجراتي ۽ مرهٽي مان ترجمو ڪري اسڪولي ڪتاب تيار ڪيا ويا. ڊسمبر 1854ڠ ۾ مسٽر ايلس رپورٽ ڪئي ته ڪل 10 ڪتاب انگي حساب تاريخ جاگرافي ۽ ٻين ڪمن تي تيار ٿي ويا آهن ۽ ٻئي سال آڪٽوبر مهيني ۾ ڪراچي ۾ هڪ انگريزي اسڪول کوليو ويو جنهن ۾ شروع ۾ 68 ڇوڪر داخل ٿيا پر گهڻو ڪري انهن ۾ سنڌي ٿورا هئا. ساڳئي وقت حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ به انگريزي اسڪولن ۽ ٻين 12 ننڍن ڳوٺن ۾ سنڌي اسڪولن جي عمارتن ٺهڻ لاءِ سرڪار منظوري ڏني. انهي ڪم ۾ سرڪار لوڪل فنڊ کان مدد ورتي ۽ ڪيترن سنڌ واسين پئسي جي مدد ڪئي، پر وڏي تڪليف هئي سيکاريندڙن جي اڻ موجودگي جي. ان مشڪلات جي پورائي لاءِ 1854 ۾ هڪڙو نارمل اسڪول ڪراچي ۾ کوليو ويو جنهن ۾ پونا ۽ ايلفنسٽن ڪاليج جا جيڪي جهونا شاگرد ان وقت سرڪاري نوڪرين ۾ هوا سي خانگي اسڪولن جي ماسترن ۽ ٻين ڶإڼێڷ کي ماستري جي ڌنڌي ڪرڻ جوخيال هو تن کي سکيا ڏيندا هئا. پوءِ اهو نارمل اسڪول ڦيرائي حيدرآباد ۾ ڪيو ويو. آخرين نتيجو اهو نڪتو جو 10 سالن کان پوءِ 1864 ڌاري سنڌ ۾ مڙيئي چار هاءِ اسڪول 3 مڊل اسڪول 56 ورنيڪيولر اسڪول ۽ هڪ ٽريننگ ڪاليج هوا. سڀني اسڪولن ۾ 2440 شاگرد هوا. ايتري سرجوشي ڪندي به تعليم جو حال چڱو نه هو. جيئن ته ان وقت مسٽر مئنسفيلڊ صاحب رپورٽ ڪئي ته سنڌ ۾ فقط 12 انگريزي ۽ 5-6 سنڌي اسڪول چڱا آهن ۽ ٻين اڃا سڌارو نه ڪيو آهي. انهي ڳالهه جو مکيه ڪارڻ هو سيکاريندڙن جي اڻاٺ. سنه 1863ڠ ۾ لوڪل فنڊ سنڌ ۾ جاري ٿيو جنهن ۾ ٽيون حصو ٻهراڙي جي تعليم جي لاءِ رکيو ويو. انهي ڪري 10 سالن جي رپورٽ ۾ چڱو واڌارو ۽ سڌارو ڏسڻ ۾ آيو. انهي عرصي ۾ ڇوڪرين جا اسڪول جاري ٿيا ۽ ڪيترا خانگي اسڪول جاري ٿيا جن کي سرڪار مان چڱائي گرانٽ ملندي هئي. 1874ڠ ۾ اهڙن اسڪولن جو انداز 20 هو. ڪل انداز اسڪولن جو 230 ۽ شاگردن جو انداز 14299ع. تنهن کان سواءِ 728 خانگي ڏيهي مڪتب سرڪار جي گرانٽ کائيندڙ هئا. 1872ع ۾ مسٽر فلٽن صاحب جدا سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب ٿيو. ان کان اڳ اهو کاتو اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جي نظرداري هيٺ هو پر هو صاحب پنهنجي ڪم کان هن کاتي تي وڌيڪ نظرداري ڏيئي ڪين سگهندو هو. انهي ڪري به واڌارو ٿي نٿي سگهيو. 1872ع تائين مسٽر فلٽن انهي ڪم تي رهيو پوءِ بدلي ٿي ويو جنهن ڪري کاتو وري به اڳئين سرشتي موجب رهيو. انهي ڪري 1885ع تائين گهڻو واڌارو ڪونه ٿيو. 1887ع ۾ مسٽر جائيلس صاحب کي سنڌ ۾ خاص تعليمي رپورٽ لاءِ موڪليو ويو ۽ بئي سال مسٽر جيڪب صاحب ايڊوڪيسنل انسپيڪٽر مقرر ٿيو ۽ ٻيا تعليم جي لاءِ انجي هٿ ۾ جد ا ناظم مقرر ٿيا. هي صاحب 7 سال رهيو پوءِ 1895ع ۾ مري ويو. هن جي ڏينهن ۾ گهڻو واڌارو ٿيو. ان جي وقت ۾ 375 مان وڌي 1616 اسڪولن جو انداز ٿيو ۽ پڙهندڙن جو تعداد 24159 مان وڌي 62595 ٿيو. هن جي وقت ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي نوڪرين ڏي راغب ڪري همتائي تعليم ڏيارڻ جا خاص اپاءَ ڪيا ويا. ان جي مڪتبن کي زور وٺايو ويو ۽ ماسترن کي جدا گرانٽ ڏياري ويئي. جيڪي ماستر ڪاميٽي امتحان ڇوڪرن کي پاس ڪرائيندا هوا تن کي چڱي طرح ڪشادي دل سان ان جو ڦل ڏيڻ ۾ آيو. نتيجو اهو نڪتو ته اهڙي طرح سڀ ڪنهن نموني تعليم جو واڌارو ٿيو. هن صاحب تعليم کاتي جون اهڙيون رٿون ڇڏيون هيون جن مان هر طرح واڌاري جي اميد هئي. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو إط تعليم کاتي جي اسڪولن، ماسترن خواه ڇوڪرن جو تعداد روز ترقي جي حالت ۾ ٿيندو وڃي ٿو ۽ سال بسال جيڪي رپورٽون گورنمينٽ ۾ وڃن ٿيون تن ۾ اسڪولن خواه شاگردن خواه سڀڪنهن ڳالهه جو واڌارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ سال بسال تعليم کي واڌاري ڏيارڻ لاءِ نوان بندوبست ۽ رٿون عمل ۾ آنديون وڃن ٿيون جنهنڪري اهو تعليم کاتو جو ڪنهن زماني ۾ فقط جڊيشنل ڊپارٽنمينٽ جي بالا آفيسر صاحب جي نظر هيٺ رهندو هو سو اڄ پنهنجي عملي ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ سڀ ڪنهن طرح ڀرپور ۽ اڃان به وڌندڙ آهي. اهو سڀ تعليم جي واڌاري کان ٿيو آهي. پر تنهن هوندي به ڏسجي ٿو ته لکڻ پڙهڻ خواه علم وغيره جي هن وقت جي شاگردن ۾ لياقت گهٽ آهي. هاڻي انهي گهٽتائي جو ڪارڻ ڪهڙو ۽ ڇاڪاڻ پيدا ٿيو. سو هن هيٺ ڏيکارجي ٿو.
(1) آخوند ۽ هاڻوڪا ماستر: ڏسجي ٿو ته هن وقت ۾ شريف ماڻهو ماستري جي ڌنڌي لاءِ خواهان نه آهن تنهنڪري هن ڌنڌي ڪندڙن جو مان به گهڻو ماڻهن ۾ ڪونه رهيو آهي ته به اڳئين وقت ۾ آخوندن کي جيڪو مان ۽ آبرو ملندي هئي ۽ ماڻهن کي انهي لاءِ جو پيار هو تنهن ۾ ڪا انهن جي ٿورو يا ڀلائي ڪانه هئي پر اُهو هو پنهنجي ئي شرافت ۽ لياقت هئڻ سبب ازخود ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ڪندا هئا. جيڪا هلت چلت اُنهن جي پهرئين ڏينهن قائم ڪيل هوندي هئي تنهن ۾ وري ڦير ڦار ڪونه ڏسبو هو.
”هر هر هلڪائي وڃڻ در دوستن جي“ انهي قول موجب پهريائين ته اها خوبي انهي ۾ هئي جو اهي سدائين پنهنجي جاءِ نشين ۆۑسإ هوندا هئا. ڪهڙو به وڏو ماڻهو کڻي هجي يا ڪهڙو به آخوند کي ڏيڻ وٺڻ ڪندو هجي ته به ڪڏهين ڪڏهين ڪن خاص موقعن جهڙوڪ شادي غمي جي موقعي ڌاري اُهي ڪنهن وٽ به ڪٿي ايندا ويندا ڪونه هئا.
ڛإڈۑ٪ ۑإ ڥڷێڷ كۆڛۑ٪ ضۑ ڶضڵښ ۾ إغڼ ڵإ٭ إڷێڷ ڦۑ صێڎۑإیۑڷ إکۆإخ ڈڠۆج ڥۆڥڵبۑ ێیۑ. ښۆ بێ ڈڠۆج ڊۑڷڈڏ صإڼ صڷێڷضۑ ښڎ 3-2 ڀيرا اچي ستائيندو هو ته مهرباني ڪري وقت تي ايندا تنهن کان پوءِ مقرر وقت تي 2-3 ماڻهو ڏياري موڪليندو هو يا پاڻ اچي وٺي ويندو هو ۽ گهڻيءَ عزت سان انکي مجلس جو بانيڪار يا سرڪردو ڪري وهاريندو هو ۽ موٽائڻ وقت ڪن تحفن يا نذراني سان ججهي عزت ڏيئي وري به سندس جاءِ تائين ڇڏي ويندو هو. انهي مان مراد آهي ته إۑڊۑ ڠڐج ڎکۆ آكۆڷڈ صڷێڷضۑ ڠڐج صإڼێۑ رکڻ ښإڷ حاصل ڪندو هو. گويا آخوند جا قدم ماڻهن جي گهر ۾ گهمڻ ڪري هو ڢكڎ ڄاڻيندا هئا ۽ انهن کي راضي رکڻ ڪري دعا پنڻ جو گهر ڄاڻندا هئا ۽ انهن کي ناراض رکڻ ڪري متان جصۑ ڪري پاراتو ڏي ان جو بلڪل ڋص رکندا هئا پر انجي ابتڙ هاڻوڪي وقت جي سيکاريندڙن جي ذرو به واقفيت ڪانهي. دعا پٽ ته هڪڙي پاسي رهي ۽ وڏن ڏينهن تي ماستر جي سنڀال ڪرڻ ته ٻي رهي، پر شادي يا ڪنهن خوشي جي موقعي تي به ماستر جو گهرائڻ گران بار ڄاڻي گويا اها رسم ئي دنيا مان لاٿي ويئي آهي. پر ڪٿي ڪٿي البت ڪن ماسترن کي ڪوٺ ٿيندي آهي سا به ماستريءَ جي ناتي ڪري. پر جڏهن اهو ماستر ان ماڻهوءَ وٽ گهڻو آيوويو هوندو ۽ سدائين سلام ڀريندو هوندو سو به ڪوٺ ڪهڙي نموني سان هونديس. اچڻ وڃڻ تي ماستر ئي ڏينهن ۾ 10 ڀيرا هريل هوندو سو جي اتي ملي ويو يا جيئن ماسترن ۾ سڄو ڏينهن گهٽيون گهمڻ جي هير آهي تيئن جي ڪٿي کيس پنڌ ملي ويو ته چئي ڇڏيس پوءِ جي وقت تي پاڻهي آيو ته ڀت کائي ويندو جي نه آيو ته بس سندس مرضي سبب رڳو هيءُ ته ماستر پنهنجي جاءِ تي پنهنجو تڏو وٺي دم جهلي ويهي نٿو رهي پر وتي هيڏانهن هوڏانهن هر هڪ اوطاق تي ۽ بازار ۽ هٽن دڪانن تي واءُ سواءُ لهندو جنهن ڪري سندس آخوندن واري واقفيت ته بجاءِ خود، پر رسمي آبرو ي ملڻ جي اُميد ڪانه ٿي رهي ۽ ماڻهن ۾ اٽلو ڪراهت ۽ نفرت پيدا ٿيو پوي. تنهن کان سواءِ اڳئين وقت جي سيکاريندڙن کي (1) لالچ اصلي ڪانه هئي ڪنهن به ماڻهوءَ کان ڪي ملڻ جي اميد ڪانه رکندا هئا. ڪو ڏئي يا نه ڏئي ان جي پرواه به ڪانه هين جيڪي ملندو هو تنهن مان قناعت ۽ سادگي سان گذران ڪندا هئا نه رڳو ايترو پر ڪيتري ساري ان مان موجودات ۽ بچت رکندا هئا. انهي لاءِ ته پر اُپڪار جي ارادي سان غريب ۽ انائن جي واهر ڪن ۽ حرص جا بندا ٿي ڇوڪرن مان ڪنهن به ٻي رستي پئدائش جا رستا ڳولي ڪڍڻ کان انهنکي نفرت هئي.
(2) هو ڄاڻندا هئا ته ننڍڙي اوسٿا جي ٻالڪن جي زندگي سوارٿ ڪرڻ لاءِ اسين آيا آهيون ۽ اهوئي فرض آهي جو قرباني سان پورو ڪرڻ ڪري ئي اسان جي حياتي سڦل ٿيندي. پر هاڻوڪا ماستر پگهارن جي ٿورائي ۽ ڏوڪڙن جي تنگي ڪري سدائين حرص ۽ لالچ جا ٻانها رهي وتن ٻي پيدائش جا رستا ڳوليندا پنهنجو تڏو ڇڏي شهر جي آسودن ماڻهن جو سلام به رڳو لالچ لاءِ وڃي ڀرين ٿا. ٻيو ڪو رستو هٿ نه ايندن ته به انهن جي ڇوڪري کي گهر ۾ پڙهائڻ (پرائيويٽ ٽيوشن) لاءِ حرص ڏيارڻ ۾ جيڪا تجويز ۽ حڪمت ڪري سگهندا ان ۾ پوئتي ڪين پوندا. يا ڇوڪرن کي مٿين درجن ۾ چڙهائڻ وقت مائٽن کان ڪي ملڻ جو آسرو ۽ ٻين ڪيترن حرصن ۾ مبتلا رهن ٿا. انهي ارادي سان ته ڪنهن نه ڪنهن رستي پگهار کانسواءِ ٻيا به ڪي 30- 40 روپيه پيدا ڪجن جنهن مان بالائي خرچ سمورو ٻاهران ڪڍجي ۽ هلجي به وري جنٽلمين ٿي. بوٽ، سوٽ واچ ضرور گهرجي ۽ ٻي طرح به ٻين کاتن جي ڪامورن سان ڪلهو هڻي هجي ۽ انهن کان ڪنهن به طرح پٺتي نه پئجي. انهي حرص ۾ لڪا هنن کي پوزيشن جي پرواه رهي ٿي نڪي هو پنهنجو آبرو رکي ڏسن ٿا.
(3) اڳئين وقت جا سيکاريندڙ ڪنهن شريف ذات جا ۽ پنهنجي پسند سا سيکارڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. بک ۽ فاقي ۽ ڏوڪڙن جي تنگي جو ڪوبه خيال ڪونه هندو هئن. هاڻوڪي سيکاريندڙن کي سيکارڻ جي ڌنڌي لاءِ شروعات ۾ اصل چاه ڪونهي. هو انهي ڌنڌي کي تمام نيچ ڄاڻن ٿا جو سمجهن ٿا ته ڏوڪڙ جي تنگي رهي ٿي تنهنڪري پهريائين ته انهي نوڪري جي خيال ۾ رهن ٿا جتان کين پگهار کان سواءِ ٻي به پئدائش هجي پر پوءِ جڏهن ڪٿي به انهن کي اهرو وجهه ملي نٿوسگهي تڏهين لاچار ٻئي کاتي کي پسند ڪن ٿا خاص بي روزگاري جي دفعه ڪرڻ لاءِ.
(2) آڳاٽي وقت جا سکندڙ ۽ هاڻوڪا سکندڙ: آڳاٽن سيکاريندڙن کي پنهنجي پوزيشن سنڀالڻ ڪري جيڪا عزت ۽ مان سکندڙن جي مائٽن کان ملندو هو تنهنجو سکندڙن تي به اثر پيو. پنهنجي مائٽن کي ڏسي هو به استاد جو ادب رکڻ ۽ پنهنجي ماتا پتا جي سمان ڄاڻي انهن سان پيار رکندا هئا جنهن ڪري استاد جي دل راضي رهڻ ڪري انهن تي اهڙو فيض وارو اثر ٿيو جنهن کان اهي سڀ ڪنهن قسم جي تعليم اخلاقي خواه روحاني جا عالم، خدا ترس، نرم دل ۽ ٻين ڪيترن خاصيتن سان مخصوص ٿيا. نه رڳو مڪتب ۾ رهڻ تائين پر ان کان پوءِ به توڙي پنهنجي ڪاروبار ۾ وڃي لڳا يا ڪنهن وڏي درجي واري نوڪري ۾ گهڙيا ته به استاد جي لاءِ هميشه انهن جي دل ۾ ادب هو. اعليَ درجي جي حالت ۾ به استاد کي پيرين پئي ملندا هئا. اهڙا مثال سنڌ ۾ گهڻا ڏسبا جيئن ته راءِ بهادر ديوان تارا چند ۽ ديوان ڏيارام گدو مل ۽ ٻيا ڪيترا عامل قوم ۾ پريا مڙس جي اڃا تائين حيات آهن تن شروعات ۾ اڪثر ملن جي مڪتب ۾ تعليم ۆڎجۑ ێیۑ. إڷێڷ ڦۑ إط ښۆډۆ بێ صڷێڷضۑ إښجإڈڷ ڵإ٭ ڧێڼۆ ڶإڷّ ۽ ڵقإڟ آێۑ ۽ إڷێۑ٪ ۆڤج ضۑ ضۑڥإ إڷێڷ جڠڵۑڶ پرائي آهي تنهنجو اڄ سوڌو به وٽن ڵإشإڷۑ ذڪر موجود آهي. اڄ ڪلهه جي سکندڙن جي مائٽن جي مراد سيکاريندڙن ڏي نه ڏسي انهن جي دل ۾ به ڪنهن قسم جي مراد ڪانهي.
سيکاريندڙ ٿيو لالچي ۽ بڻايائين پاڻ کي مائٽن جي اڳيان طمع جو گرفتار ته سکندڙن جو اعتقاد اڻ پڇو انهن مان ويو، هو سمجهن ٿا ته ماستر گويا اسانجو گهرو نوڪر آهي. سائين سائين به ايستائين ڪندا جيسين ڪلاس ۾ هوندا پوءِ وري سلام به ڪونه ڪندا ۽ وڏي هوندي جي پنهنجي ڌنڌي ۾ خواه ڪنهن وڏي درجي جي نوڪري ۾ ٿيا ته اٽلو کين نفرت هوندي ۽ نه عزت.
هاڻي جڏهن سيکاريندڙ ٿيو طمع جو قيدي ۽ سکندڙن کي ٿي کائونس نفرت ته پوءِ تعليم جو ڪهڙو فيض انهن تي اثر ڪري سگهندو.
(3) وقت جي حالت ۽ طبعي حالتون: اڳئين وقت ۾ شڪر هوندو هو. ماڻهو هر طرح آسودي حال ۾ هوندا هئا ڪفايت ۽ سانگ صرفو ڪندا هئا. آڪڙ ۽ وڏائي ڪانه هوندي هئي جنهنڪري خرچ به ٿورا هوندا هئا.
رڳو تعليم جو خرچ به ايترو گهڻو ڪونه هوندو هو ڇاڪاڻ ته سڀڪا شي پنا مس قلم ڪتاب سهانگو ملندو هو تنهن کان سواءِ ڇوڪرن جي ڪپڙن پوشاڪ وغيره تي خرچ گهڻو ڪونه ڪرڻو پوندو هو انهي ڪري علم سکڻ جو چاه منجهن گهڻو هوندو هو پر هن وقت ۾ سڀڪنهن شي جي گراني ۽ ڏڪر جي رڙ لڳي ويئي آهي ماڻهو تنگ ۽ مفلس ٿي رهيا آهن تنهنڪري ڪيترا غريب ماڻهو ته ائين چوندا آهن ته ڇوڪرو جو اسڪول ۾ وڃي ٻيو ئي ڪجهه نه ڪجهه هرج وجهندو تنهن کان چڱو آهي ته سنجهيئي ڪنهن اهڙي پورهئي ۾ لڳي جتان چار پئسا ڪمائي سگهي انهي ڪري جيسين اڃان ڇوڪرو ننڍو آهي تيسين اسڪول ۾ اچي ٿو پوءِ يڪدم اسڪول ڇڏيو وڃي.
اڳئين وقت ۾ جيڪي به سکيا وٺندا هئا تن مان ڪنهن کي اهڙي اميد ڪانه رکڻي پوندي هئي ته هرو ڀرو اسين نوڪري ڪرڻ لاءِ صڏێۆڷ حإ، صڎ ێۆ ڎکۆ ڠڵڶ قإڜڵ ڥڎڼ ڵإ٭ پڙهندا هئا ۽ علم حاصل ڪري ڪنهن هنر يا ڌنڌي کي وڃي لڳندا هئا. اتفاق سان ڪي ٿورا نوڪرين ۾ ويندا هئا.
هينئر جيڪو پڙهي ٿو تنهنجو خاص دل جو ارادو نوڪري ڪرڪڻ جو آهي. انهي ارادي سان سڀئي ماڻهو پڙهن پيا. نوڪريون ٿيون ٿوريون ۽ نوڪري ڪندڙ ٿيا گهڻا، پوءِ ڪن کي نوڪريون ملي ويون ۽ ڪي بيڪار ويهي گهر جو اٽو کائڻ لڳا. ٻيو ڪوبێ نه هنر يا ڌنڌو ڪونه رهيو ۽ هاج ڪرڻ کان رهت ٿي ويا. نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهو انهي کي چوڻ لڳا ته ڀائي هي سڌريو ئي ڪين يعنيٰ نوڪري واري ماڻهوءَ کي سڌريل ۽ بنا نوڪري واري کي اڻ سڌريل ڄاڻندا هئا. هاڻي انهي هڪڙي کي بيڪار ۽ اڻ سڌريل ۽ بک مرندو ڏسي ٻين جي دل به کٽي ٿي ويئي انهي ڪري به تعليم تان چاه ڍرو ٿي ويو.
(4) اسڪولن جي حالت: اڳي نڪي هوندا هئا امتحان نڪي درجا چڙهڻ، تنهنڪري ڇوڪرا ويندا هئا درجا ٽپندا. هينئر امتحانن جي سختين ڪري ماستر به سچي تعليم کي ڇڏي نموني خاطر رڳو امتحاني تعليم لاءِ انهن کي تيار ڪرڻ لڳا. نتيجو اهو ٿيو ته جيڪي ڇوڪرا تنهن هوندي به امتحان ۾ هڪ دفعو فيل ٿي پيا ته وري ٻي دفعي لاءِ 12 مهينا رهڻ ڏکيو ڄاڻي دل کٽي ڪري پڙهڻ ڇڏي ڏنائون.
(5) تعليم جا ڪم: هينئر ڇوڪرن کي پڙهڻ جا ڪم ڏاڍا گهڻا ڪرڻا پون ٿا اُهي ڪم جنهن متي تي رکيا ويا آهن تنهن متي موجب ته آقي باقي وقت جي اندر انهن جي پورائي مشڪل آهي. انهي ڪري ڇوڪرن جي حافظي ۽ دماغي طاقت تي بار ٿيو پوي. جنهن مان يا ته هو ڪم طاقت تي اڀرا ۽ ضعيف رهن ٿا ۽ مٿاهين درجي جي تعليم لاءِ پاڻ کي ڪارائتو نٿا ڪري سگهن يا ته شڪست دل ٿي ماڳهين ڪند ۽ موڳا ٿيو پون ۽ پوءِ ته سڀ ڪنهن قسم جي تعليم پرائڻ کان ڇٽي رهن ٿا.