Video
سهڻي ۽ سلوڻي سنڌي: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
سنڌي سڀڪو لکيل پڙهيل لکي ڄاڻي، پر ڦڎۆ اهو جو سهڻي ۽ سلوڻي سنڌي لکي. جيڪڏهن لکڻ وارا گهري ته پاڻ جيڪي اڇي ڪاغذ تي ڪاري مس سان لکيو اٿس، سو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي ڇاتي٪ تي چٽجي وڃي ۽ ڥسۆڎڷ ڪارن قلبن کي ٻرندڙ بتي وانگي ڎۆڛڷ ڪري وجهي ته هن کي گهرجي ته پنهنجي لکڻ ۾ سهڻائي ۽ ښڵۆڼص پيدا ڪري. سهڻائي ۽ سلوڻپ ڪلام ۾ جادو ۽ سحر جهڙو اثر پيدا ڪري وجهندي آهي. سلوڻي ڪلام پڙهڻ سان پڙهندڙ جو پڙهڻ وقت وات ئي پيو پاڻي ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڏٺو ويو آهي ته جينءَ آچار ۽ ليمي جي ڳالهه چوڻ سان وات پاڻ سان ڀرجي ويندو آهي ۽ ڪيترن واڇائن کان واڇن مان گگون وهڻ لڳنديون آهن، تينءَ ڪيترائي مضمون اهڙا ته چهرا ۽ سلوڻا هوندا اهن، جن جي پرهڻ ۽ ٻڌڻ سان سچ پچ ته وات مان پاڻي ريلا ڪري وهندو آهي
ڦڪي ۽ الوڻي مضمون مان ڪوبه سواد ۽ مزو ڪونه ايندو آهي. اهڙا مضمون اهڙا هوندا آهن، جهڙا ڦڪا ڪانا ۽ اهڙن مضمونن جو پڙهڻ اهڙو هوندو آهي، جهڙو ڦڪن ڪانن جو چوسڻ. مضمون هئڻ گهرجي ماکيءَ ۽ مٺائي کان به مٺو، آچار ۽ چٽڻي کان به چهرو، جنهنجي ٻڌڻ سان سڪل وات به ساوا ۽ خشڪ زبانون به آليون ٿي وڃن.
سلوڻي مضمون بابت خود منهنجو هي مضمون به سلوڻو ٿيندو ٿو وڃي، جنهنجي لکڻ وقت منهنجو ته وات پاڻي ٿئي ٿو؛ پر منهنجي قلم جو وات به ڏسان ٿو ته پاڻي پاڻي ٿي ويو آهي، جنهن ڪري وڌيڪ مس ۾ تۆڏڼ ۽ هن کي ڪاري پاڻي ڏي موڪلڻ جي به ڪا ضرورت ڪانه ٿي ٿئي. آءُ ڏسان ٿو ته ڪيترائي لکڻي داس ۽ لکڻي خان ڪنهن ڳالهه بابت مضمون لکن ٿا يا ڪا چوپڙي يا ڪو ڪتاب جوڙين ٿا ته رڳو مضمون نويس بنجڻ جي شوق ۾ دٻي دسي کڻي پورائو ڪن ٿا باقي هي خيال ذرو به ڪونه ٿا ڪن ته سندن لکڻ ۾ ڪو سواد ۽ سلوڻائي، حسن ۽ سهڻائي آهي يا نه؟
سهڻائي ۽ سلوڻائي جو سامان:
ښكڷ ۾ سهڻائي ۽ سلوڻائي ڪئن پيدا ٿئي؟ تنهن لاءِ رڳو هي خيال رکڻو آهي ته جيئن ڳالهائجي، تيئن لکجي، جهڙو لکجي تهڙو ڳالهائجي. مطلب ته ڪلام ۾ زور مس جا لفظ نه وجهجن. ڳولي ڳولي ڏکيا اکر ڪم نه آڻجن، ٻولي اهڙي لکجي، جا صحيح محاورن تي ٻڌل هجي. لکڻ مهل سنڌي جون ورجيسون نه وسارجن ٻين ٻولين جا لفط اُهي ڪم آڻجن. جي پنهنجا ٿي ويا هجن. مضمون کي اهڙو بيهارجي جو لکندڙ جي قلم ۽ پڙهندڙ جي وات مان نڪري، ٻڏندڙ جي ڪنن ۾ وڃڻ شرط بجليءَ وانگي سڌو وڃي دل ۾ ٺڪاءُ ڪري. اهو تڏهن ٿيندو جڏهن ٻولي سهنجي ۽ عام فهم ۽ محاورن تي ٻڌل لکبي. اکر اکر سان ڦهڪندو، لفظ لفظ سان ڳنڍبو، مٿو مٿي سان ملندو ايندو. نه لکڻ مهل اٽڪاءُ ٿئي نه پڙهڻ مهل زبان هٽڪي. جنهن حقيقت بابت لکجي سان اهڙي چٽجي، جو ڄڻ اکين آڏو بيهاري ڏيکارجي. نه شهري ٻولي جا خاص لفظ لکجن نه ٻهراڙيءَ وارن جا جهنگلي ڪچا اکر ڪم آڻجن. جيڪڏهن ٿي سگهي ته نظم توڙي نثر ۾ سر حرفي ڪم آڻجي، پر اهڙي نه جو ٺهي نه ٺهي وٺ رينگٽ کي. اُهي لفظ، جي زبان تي ڳرا لڳن، سي ڪڏهن نه لکجن جهڙي طرح ”ڳڙ جي ٻيڙي روهڙي کان رڙهندي وئي“ يا سرڪاري سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جون ههڙيون عبارتون ”ٻڍا ڍڳا ڊإڌإ ٻڌ“. ڪنهن به ڳالهه تي لکجي ته سنڌ جو رهندڙ ٿي لکجي، لکڻ مهل هندو يا مسلمان ٿي نه لکجي. ٻولي اهڙي لکجي جو پڙهندڙ کي پتوئي نه پوي ته هي ڪنهن مسلمان جي، ٻهراڙي واري جي لکيل آهي يا شهري جي. جيسين لکندڙ جو نالو نه ڏسجي، تيسين، انهي، مٺائي جو ورهائيندڙ معلوم ئي نه ٿي سگهي ته هندو آهي يا مسلمان،. انهي طرح ڪلام جي ميٺاج جو مزو سڀني کي هڪ جهڙو ايندو. مضمون جو حسن ۽ سونهن سڀني جي اکين کي هڪ جهڙو وڻندي. جيڪڏهن ڪنهن مضمون ۾ عربي جا اوکا لفظ ۽ ڪنهن ليکه ۾ سنسڪرت جا اڻ چالو شبد لکبا يا نڙي مان نڪرندڙ گهڻا لفظ ۽ ”ر“ جي بجاءِ ”ڙ“ يا ”ڙ“ جي بدران ”ر“ وارا اکر جهجها هوندا ۽ پڙهندڙ پريان ئي تاڙي ويندو ته هي مضمون ڪنهن مسلمان جو آهي يا هي لکه ڪنهن هندو جو. اهو ٿيو قلم جي اولاد کي زبردستي سان هندو يا مسلمان بنائڻ. اهو ٿيو زبان زادن کي زوري شلوار پائڻ ۽ پٽڪو ٻڌائي صاحبزادو بنائڻ، يا ڄڀ ڄاون کي هرو ڀرو ڌوتي پائي ۽ انگر کو ڍڪائي، ڀائي بند چوائڻ. ٻولي نه هندو آهي نه مسلمان. تۆڵۑ جو حسن نه پردي جي لائق آهي، نه بي پردگي جو محتاج. هن جو حسن هرجائي آهي. جيئن قدرت چهراڻ ۽ مٺاڻ جو مزو هندن مسلمانن لاءِ هڪ جهڙو ڪيو آهي، تيئن سخن ۽ ڪلام، ٻولي ۽ زبان جو مزو به عام هئڻ گهرجي نه خاص.
لکندڙ کي قدرت جو قانون اکين آڏو رکي پوءِ قلم وهائڻ گهرجي. سنڌ ۾ ادب ۽ ساهتيه يا لٽريچر انهي ڪري ته زور ئي نٿو وٺـي جو لکندڙن جا هٿ ۽ ڳالهائيندڙن جا وات هندو يا مسلمان ٿي ٿا لکن ۽ ڳالهائين. هو اهو خيال ئي نٿا ڪن ته اڳيان پڙهندڙن جا وات ۽ ٻڌندڙن جا ڪن نه رڳا هندو آهن ۽ نه رڳا مسلمان، بلڪ نه هندو آهن، نه مسلمان. پر سنڌ جي رهندڙ انسانن جا ڪن ۽ وات آهن.
ڏسجي ٿو ته سنڌ ۾ ڀانت ڀانت جي سنڌي لکي وڃي ٿي. جنهن ڪري اصلوڪو ميٺاج ۽ مزو، سهڻائي ۽ سلوڻائي، جيڪا قدرت قدرتي طرح سنڌيءَ ۾ رکائي آهي، سا نڪرندي ٿي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن عربي فارسي آميز سنڌيءَ مان مزو ايندو، ته عربي ۽ فارسي نموني جو. اهڙي طرح جيڪڏهن سنسڪرت ۽ هندي ڀاشا سان ڀريل سنڌي مان سواد ايندو ته اهو سنسڪرت جي ڄاڻن کي، سو به اڳئين سمي جي نموني جو. پر سنڌي جڏهن پنهنجي جهوليءَ ۾ هتان هتان جا گل هٿ ڪري هڪ شاندار ۽ سهڻي گلدستي وانگي قدرتي طرح ٺهي راس ٿي چڪي آهي ۽ هڪ ڶڠجبڎ ٻولي جو درجو حاصل ٿي چڪو اٿس، تڏهن هاڻي وري نئي سر منجهس ڊاهه ڊوه ۽ ٺاهه ٺوهه ڪرڻ قدرت جي قدرتي ڪم ۾ ڦير ڦار ڪرڻو آهي، جا اياڻپ جي نشاني آهي.
جا ٻولي ڪنهن کي گهٽ سمجهه ۾ ايندي، تنهن مان ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن کي ڪهڙو مزو ۽ سواد ايندو. مثال لاءِ ڪا اهڙي شي آهي، جنهنکي اسين اوهين مورڳو سڃاڻو ئي ڪين ۽ نڪي اسانجو وات هن جي سواد کان ئي واقف آهي، تڏهن نڪي إڷ جي ڏسڻ سان ئي اسانجي دل سرڪندي ۽ نڪي ان جي سواد کي ئي ياد ڪري اسانجو وات پاڻي ٿيندو. اهڙي طرح جيڪي لفظ اسانجا آهن ئي ڪين، جنکي سڃاڻون ئي ڪين، سي کڻي ڪيتري قدر به پنهنجي منهن مٺا ۽ من موهڻا هجن، پر ته به اسانجي لاءِ مزي دار ٿي نٿا سگهن.
ٻولي هئڻ گهرجي لذيذ ۽ هر دل عزيز، نه اهڙي جو ڪن لاءِ مٺائي نه ڪن لاءِ ڇيڻو، ڪن لاءِ گل ته ڪن لاءِ ڪنڊا. ٻولي هئڻ گهرجي اهڙي، جنهن جي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان سريلي آلاپ ۽ رسيلي آواز جو رس اچي، جنهن مان سندر سرود ۽ رنگين راڳه جو رنگه پيدا ٿئي. جنهن مان چٽڻي جي چهراڻ ۽ مربي وارو مزو ملي، ٻولي ۾ لفظ اهڙا ڪم آندل هجن، جن جو اکر اکر طنبوري جي تار ۽ هار مونيم جي تان جو اثر رکندو هجي. نه اهڙا اڳرا ۽ بي ڊولا لفظ آڻجن جن جي اُچارڻ سان حيواني آواز بلڪ گڏهن جي هينگن جهڙو اُچار نڪري.
آءُ هتي هن نموني جي سهڻي ۽ سلوڻي سنڌي جي ڪن ٿورا ٽڪر لکان ٿو، جن جي پڙهڻ سان اوهين ڏسندا ته ڪيتري قدر نه لذت اچي ٿي!
”زمين ۽ آسمان، سج ۽ چنڊ، رات ۽ ڏينهن، اونده ۽ سوجهرو، سيارو ۽ اونهارو، گرمي ۽ سردي، جهڙ ۽ مينهن، وڄ ۽ گوڙ، مٽي ۽ هوا، باه ۽ پاڻي، باغ بستان، گل ۽ بلبل، شمع ۽ پروانو، جهنگل ۽ جبل، اناج ۽ پوکون درندا ۽ پرندا، جيت ۽ جانور، درياءَ ۽ سمنڊ، نديون ۽ نالا، ٻيڙا ۽ جهاز، طوفان ۽ موجون، لهريون ۽ لوڏا، اگهائي ۽ سگهائي، مدائي ۽ ڪڙائي، اڇاڻ ۽ ڪاراڻ، دوا ۽ شفا، حياتي ۽ موت، اهي ۽ اهڙا انقلاب ڏسي چوڻو پوي ٿو ته هي دنيا هڪ رنگه ۾ رهڻ واري نه آهي. هي سنسار إصإڎ انقلاب ۾ اچي رهيو آهي. هي جهان فاني ۽ بي بقا آهي. هي بيوس ۽ پروس آهي. هن جي هلائڻ چلائڻ جي واڳه ڪنهن ڳجهي طاقت جي هٿ ۾ آهي، جنهنجو مٺو نالو سڀڪنهن کي معلوم آهي. جهنکي سڀڪو پنهنجي پنهنجي پر ۾ ساراهي رهيو آهي، جنهنجي نالي جي تسبيح ۽ صفت جي سمرن سڀڪو جيي رهيو آهي. جنهن وٽ ڪو به ڀيد ڪونهي. هندو مسلمان، پارسي ڪرستان سڀ سندس آهن“
”هي جو هوائون ڪاٿي لڳن ٿيون ۽ ڪاٿي نه، مينهن ڪاٿي وسن ٿا ۽ ڪا ٿي نه، اڄ هڪڙي ملڪ ۾ تيز طوفان آهي ته ٻئي ملڪ ۾ اصل ماٺ، ڪنهن هنڌ هوا اهڙي آهي، جو وڻ ئي پٽجي ٿا وڃن ته ڪنهن هنڌ پن به ڪونه ٿو چري، هڪڙي هنڌ برسات اهڙي آهي، جو ماڻهون ئي منجهانئس ڪڪ آهن ته: ٻئي هنڌ ڦڙ ڦڙ پئي پوي. ڪاٿي گاه ۽ ڪکه پيدا ٿين ٿا ته ڪاٿي گلن جا ٻوٽا. ماڻهون ته مڙيئي ماڻهون پر ڏسو کڻي ته سڀڪنهن جي صورت جدا جدا ۽ سڀڪنهن جا مهانڊا الڳ سڀڪنهن جو رنگه ڌار ڌار ۽ سڀڪنهن جو ڍنگه نرالو _ ڪو ڀورو ته ڪو ڪارو، ڪو سهڻو ڪو ڪوجهو، ڪنهنجو نڪ ڊگهو ۽ اکيون وڏيون ته ڪنهن جو نڪ منو ۽ اکيون چوچيون. ڪو سياڻو ته ڪو اياڻو، ڪو امير ته ڪو فقير، ڪو سوداگر ته ڪو گراهڪ ڪو مالڪ ته ڪو مزور، ڪو هنر وار ته ڪو بي هنرو، ڪو هاري ته ڪو زميندار، ڪو رئيس ته ڪو نوڪر، ڪو حاڪم ته ڪو رعيتي، ڪو حڪيم ته ڪو مريض، ڪو عالم ته ڪو جاهل ڪو ښعۆ ته ڪو سائو.
اجهو آسمان ڏي کڻي نظر ڪريو ته چمڪندڙ تارا ڪي ننڍا ڪي وڏا، ڪي ويجها ويجها، ڪي پري پري. انهن سڀني حالتن کي ڏسي وسهڻو ٿو پوي ته مالڪ ۽ مختار ێِښجۑ ڪا ضرور آهي، جا هن سڄي سنسار جي اُپائڻهار ۽ خلقڻهار آهي.“
”ڪهڙي شي ڪهڙي ڪم ايندي، ڪهڙي وقت ڪم ايندي، ڪنهنکي ڪم ايندي، تنهن لاءِ ڏسون ٿا ته دنيا ۾ ڪي قانون موجود آهن، جنکي قدرت جو قانون چئجي ٿو. بکه لاءِ اناج، اڃ لاءِ پاڻي، درد لاءِ دوا، پنڌ لاءِ پير، ڏسڻ لاءِ اکيون، ٻڌڻ لاءِ ڪن، سوچڻ لاءِ عقل، تنهن کان سواءِ قوت ارادي جي، قوت خيال جي، قوت راهمه جي، قوت حافظ جي. جڏهن اهي ۽ انهن کان به وڌيڪ عجيب عجيب حڪمتون ۽ اسرار هن چم ۽ گوشت جي ٻوٽي ۽ هن هوائي دنيا ۾ موجود ڏسون ٿا، تڏهن چوڻو پوي ٿو ته هن ساري ڪارخاني جو پيدا ڪندڙ ۽ هلائيندڙ ڪو ضرور آهي جو جيتوڻيڪ، الکه ۽ اپس آهي، پر نه به آهي ۽ ضرور آهي“
”آسمان ۾ بادل ڀرجي ٿا اچن، ڪارون ڀار ڪڪر چڙهي آيا آهن، کنوڻيون پيون کنون، وڄ پئي چمڪي، گجڪارون دلين کي ئي دهلايون ٿيون ڇڏين. مينهن وسڻ جا اسباب سڀ موجود آهن. سڀڪو هڪٻئي کي چئي رهيو آهي ته مينهن آيو ڪي آيو، مندائتو هوندو ته انسان ۽ حيوان، ماڻهو ۽ مرون، پوکون ۽ وڻ سڀ وات ڦاڙي سپ وانگي پيا واجهائيندا. بي مندو هوندو ته سڀڪو پيو ڊڥڷڈۆ ۽ ڪنبدو، چوندو ته جيڪڏهن هي اورڪ آئي ته ملڪ ۆۑڎإڷ ڪري ڇڏيندي، هي برساتي طوفان آيو ته پوکون راهون برباد ٿي وينديون.
ايڏين تيارين هوندي به ڏسبو ته اُتي جو اُتي ڪڪر ڊوڙندا ٻئي پاسي پيا وڃن، ڪارو آسمان اڇو ٿيندو ٿو وڃي، هو جو جهڙ جي ڪري تارائي ڏسڻ ۾ نه ٿي آيا، سي جهرمر لڳايو بيٺا آهن، چنڊ پنهنجي چمڪندڙ چانڊوڪي ۽ دل کينچيندڙ روشني سان اکين ۾ نور ۽ دلين ۾ سرور پيدا ڪري رهيو آهي. هي جو سج ڪڪرن ۾ لڪو پيو هو، سو اوچتو ظاهر ٿي ڌوٻين جي ڪپڙن کي سڪائي ۽ پوکن کي پچائي رهيو آهي، ماڻهون ويچارا جو برسات جي خوفناڪ پوڻ سببان جي جتي، سي تتي ويهي ويا هوا، سي چوڌاري پکڙجي ويا آهن. ڡڎڝ ته آسمان ۽ زمين ضۆ نقشو ئي اهڙو ته بدلجي ٿو وڃي، جو حيرت وٺيو وڃي. اکين آڏو اسباب سڀ موجود. ظاهري سامان سڀ تيار، مگر تنهن هوندي به مالڪ ۆسۑ جو حڪيم ڦيرايو، سو ڪاڏي ويا ڪڪر، ڪاڏي ويون ۆطۆڷ، ڄڻ ته هڪ خواب هو يا خيال، جو اُتي ئي ڏٺو ويو ۽ اُتي ئي گم ٿي ويو. ڇو؟ هن ڪري ته وسڻ ڪڪرن جي وس ۾ نه هو، هڪڙو ڦڙو ڪيرائڻ به ڪنهن جي اختيار ۾ نه هو. سواءِ انهي پاڪ هستي جي، جا هنساري جڳه جي پيدا ڪندڙ ۽ هلائيندڙ آهي.
اي خدا! جنهن به گهر ۽ جهوپڙي ۾ ڏسان ٿو ته جتي تتي تنهنجي ئي تات آهي. جنهن به ٻولي ۾ ٻڌان ٿو ته سڀ ڪنهن کي تنهن جي وائي وات آهي. ڥڢڎ ۽ اسلام تنهنجي ئي ڳولا ۾ پنڌ پيا ڪن. تو لاءِ سڀني جو اهوئي چوڻ آهي ته تون هڪڙو ئي آهين ۽ تنهنجو ڪوبه ثاني شريڪ ڪونهي. مسجد مان به تنهنجي ئي بزرگي ۽ پاڪائي جو آواز اچي رهيو آهي ته ديول ۽ مندر ۾ به تنهنجي ئي ذوق ۽ شوق خاطر گنڊ گهڙيال وڃي رهيا آهن. اي خدا تنهنجي ئي محبت جو تير تنهنجن طالبن جي سيني ۾ لڳل آهي. ساري خدائي تنهنجي ئي طلب ۾ ۽ تون وچان ئي الکه. آءُ جو ڪڏهن مسجد ۽ ڪڏهن مندر ۾ ڊوڙي رهيو آهيان، سو رڳو توکي ئي گهر گهر ڍونڍي رهيو آهيان. اي مولا! جيڪڏهن تنهنجن خاص بندن کي توسان ئي ڪم آهي، ڥڢڎ ۽ اسلام سان ڪم ئي ڪونهين ته پوءِ رڳو مسلمان سڏائن سان هنن کي تون هٿ ڪونه ايندين.
”ڥڢڎ ڪافر کي هجي نيبهه سدا،
دين ۾ مون من ڀلي ماڻي مزا“
”پر اسانجي دل ۾ اي منهنجا مٺا!
شل وسي تنهنجي محبت دائما“
”هي دنيا هڪ مسافر خانو آهي، جنهن ۾ هزارين لکين قافلا رهن ٿا. هڪڙا پيا اچن ۽ ٻيا پيا وڃن سڀڪنهن مسافر کي پنهنجن پنهنجن پيرن سان منزل مقصود کي پهچڻو آهي. اسين ۽ اوهين، هندو ۽ مسلمان اوچتو اچي هن قافله سراءِ ۾ گڏ ٿيا آهيون. جيڪڏهن مٺ، محبت سان هلبو، حب ۽ همدردي سان گذاربو، ٿڪي ٽٽي هڪ ٻئي جو بار کڻبو اچبو ته کلندي کلندي پنڌ پورو ٿي ويندو. سڀڪو وڃي منزل مقصود تي رسندو پر جيڪڏهن فتنا فساد مچائبا، جهيڙا جهٽ ڪبا، هڪ هنڌ رهي هڪ ٻئي ڏانهن نفرت جي نظر سان نهاربو، دل ۾ هڪ ٻئي ڏانهن بڇان ڌاربي ته اوهين پاڻ سمجهي سگهو ٿا ته قافلي مان قرب ويندو هليو ميل ميلاپ نه رهندو، حياتيءَ جو مزوئي کٽو ٿي پوندو ۽ دنيا جي مسافر خاني ۾ مصيبت سمجهبو. انهي ڪري گهرجي ته اسين ۽ اوهين، هي ۽ هو سڀ پاڻ ۾ ڀائرن وانگي ٿي رهون.“